خاص

ٽي بي کي روڪيندڙ نئون طاقتور مرڪب تيار

طبي سائنس ۾ جديد ترين پيشرفت جي باوجود ٽي بي هيل تائين خوفناڪ مرض جي صورت ۾ موجود آهي ۽ خاص طور تي غريب ملڪن ۾ جانين جو خراج وٺي رهيو آهي، پر هاڻ نئين دريافت ٿيل مرڪب سان ان جي موثر علاج جي اميد پيدا ٿي آهي. هن سلسلي ۾ بل ۽ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن تحقيقون ۽ مطالعا ڪيا آهن جيڪي فيبروري 2023 ۾ پڄاڻي تي پهتا آهن، ڪورنيل يونيورسٽي جي ماهرن هن مرڪب کي تيار ڪيو آهي، جنهن جو نالو سي ايل بي 073 رکيو ويو آهي، هي مرڪب ٽي بي جو سبب بڻجندڙ ”مائيڪو بيڪٽيريئم ٽيوبرڪلوسس“ کي تيزي سان مفلوج ڪري ان کي تباهه ڪري ڇڏي ٿو.