وڏا اديب ۽ ننڍڙا ماڻهو
فن ۽ شخصيت جو لاڳاپو تمام اهميت رکي ٿو. ڪلاسيڪي دور جي فن ۽ شخصيتن ۾ اهو لاڳاپو پنهنجي اصولي ۽ گهري وابستگي برقرار رکي ٿو، پر جديد دور جي فن ۽ شخصيت ۾ اهو لاڳاپو پنهنجي اصل وابستگي وڃائي ويٺو آهي. جديد فن ۾ شخصيت جو فن سان واسطو رڳو مطلبي رهيو آهي. ان سان اسان کي سچائي، خلوص ۽ بي غرض تعلق جي ڪمي محسوس ٿئي ٿي، جنھن سان شخصيت، فن ۾ پذيرائي ته حاصل ڪري ٿي، پر عزت، محبت، ھمدردي، ياد، تاريخ ۾ جڳھ والارڻ جو اعزاز وڃائي ويهي ٿي.
فن ۽ شخصيت جو اهو ٽڪراءُ جديديت ۾ اڀريو آهي، جنھن سان فن جي نفي ٿي آهي، رڳو پوڄا لاءِ بت پيدا ٿي سگهيا آهن. جن کي پري ويٺل تماشائي فريب سبب پوڄا ڪن ٿا، جيڪي فرد انهن اديبن کي ويجهي کان سڃاڻين ٿا، تن لاءِ هو ڪا به ڪشش نه پيا رکن. فن سان سندن مفاداتي تعلق سبب نقاد ۽ محققن جي نظر ۾ هو عظمت، فخر جي لائق نه ٿا بڻجن.
منهن ته آهيريان ئي اجرو، قلب ۾ ڪارو،
ٻھر زيب زبان سين، دل ۾ هچارو،
ان پر ويچارو، ويجھو ناه وصال کي (شاھ)
فن سان، شخصيت يا تخليقڪار جي وابستگي سبب عزت جيڪا کيس ماڻهن ۾ ملندي آهي، ھو اها محبت وڃائي ويهن ٿا. رڳو دولت ۽ شهرت حاصل ڪرڻ سبب پنهنجي زماني ۾ ته پذيرائي حاصل ڪن ٿا، پر تاريخ ۾ کين ڪو به مقام نه ٿو ملي.
فن ۽ شخصيت جي ڪجھ خصوصيتن بابت هتي ذڪر ڪجي ٿو، جن ۾ فن سان گهري وابستگي، سچائي، پارسائي، فن سان وابسته همعصر فردن، شخصيتن سان سندن حسن سلوڪ، رويو، تعلق، ھمدردي، فني فرائض، ذاتي ڪردار، سماجي زندگي قابل ذڪر پهلو آهن، جن تي روشني وجهڻ هن مضمون جو اصل مقصد آهي.
جديديت جي منفي اثرن سبب فن ۽ شخصيت ٻئي متاثر ٿيا آهن، ٻنھي جو نقصان ٿيو آهي، ساڳي وقت سماج جو سڀ کان وڌيڪ نقصان ٿيو آهي.
هتي اڪثر اهو مشاهدي ۾ آيو آهي ته ادبي شخصيتن گذريل شخصيتن سان وابستگي يا تعلق جي بنياد تي پذيرائي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جڏھن ته همعصر ادب جي اڀرندڙ شخصيتن، فردن سان سندن سلوڪ ساراهه جوڳو نه آهي، ذاتي طور ڄاڻ سڃاڻ جي باوجود هو انهن فردن کان بلڪل اجنبي رهن ٿا. همعصر اديبن سان هو مڪمل تغافل نظر ڪن ٿا، جيڪو عمل هنن جي فن ۽ شخصيت جي تضاد جو سبب بڻجي ٿو.
سوشل ميڊيا سبب وڏن اديبن جي اڀرندڙ اديبن تائين رسائي آسان ٿي پئي آهي، پر ان جي باوجود هو، انهن اديبن جي فن يا ادب تي ڪا به راءِ نه پيا ڏين، رڳو گذريل وڏن اديبن بابت راءِ ڏئي پاڻ کي وڏو اديب ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا يا ھمعصر مشهور اديبن تي پنهنجي راءِ کي محدود رکن ٿا.
اڀرندڙ اديبن لاءِ پنهنجا سمورا دروازا بند رکيو ويٺا آهن، خاص طور تي فالوور آپشن، ڪمينٽس باڪس بند ڪري ڇڏين ٿا.
کانئن ڪو صحافي جيڪڏهن سوال ڪري ٿو ته اهي اديب همعصر ادب ۽ اديبن تي پنهنجي راءِ جو ڪيترو اظهار ڪيو آهي؟ ته جواب ڪو تسلي بخش نه هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته هنن ادب کي رڳو ذاتي مفادن لاءِ استعمال ڪيو آهي.
سنڌ ۾ سون جي تعداد ۾ اڀرندڙ اديبن جا مثال پيش ڪجن ٿا، جن ڪيترا ناول، ڪهاڻيون، مضمون، مقالا، شاعري جا ڪتاب لکيا آهن، پر انهن جي فن تي ڪنهن به وڏي يا مشھور اديب جي ڪا راءِ يا تبصرو يا بيان نه ٿو ملي، جيڪا ادبي بي ايماني ۽ تعصباڻو رويو آهي.
سوشل ميڊيا جي موجودگي باوجود اھڙي رويي يا سلوڪ جي موجودگي افسوس ناڪ عمل آهي جنهن جي پرزور مذمت ڪجي ٿي.
ان کان علاوه وڏن اديبن به سياستدانن وانگر پنهنجي هڪ لابي ٺاهي رکي آهي جنهن ۾ هو هڪٻئي کي فيضياب پيا ڪن، ادبي تقريبات، پذيرائي ۾ سندن مخصوص حصو رکيو وڃي ٿو.
وڏن اديبن جو هڪ روايتي، رسمي ادبي بيانيو گذريل اڌ صديءَ کان گردش پيو ڪري، جيڪو هڪ دور جو قصو بڻجي ويو آهي، پر انهن اديبن جي ھڪڙي لابي لاءِ هڪ رومانس بڻجي چڪو آهي. هنن اديبن جي لابي جو وجود ان بيانيي جي بيساکي تي بيٺل آهي. جڏهن ته نوجوان اديبن يا اڀرندڙ اديبن جو ادبي بيانيو انهن جي نفي تي مبني آهي، جيڪو همعصر تقاضا تي بيٺل آهي، جنهن ۾ هڪ جدت، جذبو، نواڻ، بيباڪي، خلوص، سچائي، وابستگي ۽ مزاحمت جھڙيون خصوصيتون شامل آهن. جن جي فن ۽ شخصيت ۾ ڪو به تضاد نٿو ڏسجي.
جن جو بيانيو فن ۽ شخصيت جي اعليٰ مثال طور سامھون آيو آهي. وڏا اديب ۽ ننڍڙا ماڻهو ان کي هضم نٿا ڪري سگهن. ان کي ڄاڻي واڻي نظرانداز ڪري رهيا آهن. جيڪو عمل سج کي پٺي ڏيڻ جي برابر آهي.
هي اديبن جي ھڪڙي لابي آهي جيڪا پنهنجي ھمعصر دور کان اجنبي بڻيل آهي، پنهنجي دور جي انڪاري، ان سان تعصباڻو رويو اختيار ڪندڙ آهي، ان کان تغافل نظر ڪيو ويٺي آهي. هن جو ڪم رڳو ماضي جا ڪردار آهن. هي پاڻ پوڄا ڪندڙ هئا، جيڪي ھاڻي خود بت ٿي پيا آهن جيڪي رڳو پوڄا جا خواهشمند آهن.
هنن جي دانشوري رڳو هنن جي تقرير بازي جي جادو تي بيٺل آهي، هنن جي لکڻين ۾ ڪا به نئين ڳالھ ٻڌڻ لاءِ نه آهي، نه وري هنن وٽ همعصر دور جي ڪنهن به مسئلي جو حل آهي، هي پنهنجي پنجاھ سالن جي ادبي عهد ۾ قوم کي ڪو هڪ به درست گس ڏئي نه سگهيا آهن. هنن جي اڪثريت ترقي پسند تحريڪ جي پيداوار آهي، جيڪا هاڻي زوال جو شڪار بڻيل آهي. جديديت پڄاڻان کان مايوس ۽ حقيقت پسندي جي منڪر ٿي وئي آهي. هي نئين نسل کي قبول يا برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ناهي رڳو پنهنجي بالادستي لاءِ بيٺل آهي.
ھمعصر ادب تي لکندڙن جي حوالي سان ڪجھ نالا ڳڻائي سگهجن ٿا، جن ۾ اياز گل، غزل جا شاعر، مبارڪ لاشاري، ادبي تنقيد، احسان دانش، پيهي جا پروڙيم، غفور ميمڻ، جديديت پڄاڻان ادب ۽ سماج، اسحاق سميجو، شاعري سان دشمني، اڪبر لغاري، ناول تي تنقيد، مھتاب اڪبر راشدي، سڄڻ ساڃاھ وند، گل محمد عمراڻي، داستان گل، شمس جعفراڻي، ڏٺم، ٻڌم، پڙهيم، فياض لطيف، شيخ اياز جي شاعريءَ جو تحقيقي مطالعو ۽ شبير کوکر، همعصر اديبن تي تنقيد قابل ذڪر آهن.
تازو هڪ ڪانفرنسن ۾ ميڊم نورالهديٰ شاھ ان ڳالھ جي شدت کي محسوس ڪندي پنهنجي خطاب ۾ ان ڳالھ کي واضح انداز ۾ چيو ته ھاڻي اسان کي ڳالهائڻ لاءِ چوڻ بجاءِ نوجوانن کي اڳتي آندو وڃي ۽ انهن کي ٻڌڻ گهرجي، جيڪا ڳالھ حقيقت پسندي جو اعتراف آهي. باقي اڪثر اديب رڳو پنهنجي بالادستي برقرار رکڻ لاءِ ويٺا آهن.
***

