ڊائري جا ورق : غلام علي کوساڻي
1995ع ۾ مان عوامي تحريڪ جو ميمبر ٿي چڪو هئس. پوءِ جڏهن مون 1978ع ۾ سارنگ فوٽو اسٽوڊيو هيرآباد ۾ قائم ڪيو ته ان وقت آئون پڪو پختو نظرياتي ڪارڪن هئس، پارٽي جي تقريبن تمام پروگرامن جي فوٽو گرافي ڪندو هئس. پليجو صاحب جي تمام پروگرامن جي فوٽو گرافي ۽ وڊيو رڪارڊنگ به ڪندو هئس. حالانڪه مون کي پئسا به تمام گهٽ يا بلڪل ڪونه ملندا هئا. ظاهر آهي اسان جي پارٽي هارين، مزدورن، شاگردن، عورتن ۽ ٻارن جي پارٽي هئي. هاري مزدورن وٽ پئسا ته هوندا ئي ڪونه هئا. پارٽيءَ کي فند الڳ پيو ڏبو هو بهرحال اهو سلسلو ايئن هلندو رهيو ۽ پوءِ 1989ع ۾ پليجو صاحب جي سالگره وڏي پئماني تي جنگ شاهي شهر ۾ ملهائي وئي، جنهن ۾ سڄي سنڌ مان هزارن جي تعداد ۾ ڪارڪن شريڪ ٿيا ۽ پاڪستان جي قومي، عوامي پارٽين جي رهنمائن کي دعوت ڏيئي گهرايو ويو هو. ان پروگرام ۾ پليجو صاحب کي عورتن ۽ نوجوانن جي هٿياربند دستن سلامي پيش ڪئي. اول سورمين عورتن جو جٿو ڪلاشنڪوف سان مارچ ڪندو آيو ۽ پوءِ سڀني رائيفل جو منهن آسمان ڏانهن ڪري هڪ ئي وقت فائر ڪيا. اهڙيءَ طرح نوجوانن جو ٻيو جٿو به آيو ۽ سلامي ڏيندو ويو. ان کانسواءِ پروگرام ۾ ٽيبلوز ۽ گيت به پيش ٿيا. ٻاهر کان آيل سڀني مهمان رهنمائن به تقريرون ڪيون. مون اهو سڄو پروگرام وڊيو رڪارڊ ڪيو ۽ فوٽو به ڪڍندو رهيس، مان ان پروگرام کي يادگار بنائڻ لاءِ تمام گهڻي جدوجهد ڪئي هئي. جلسي کان اڳ ڏينهن جو جنگ شاهي شهر جون جهلڪيون به رڪارڊ ڪيون، ريلوي اسٽيشن جي اڀرندي پاسي هڪ وڏي جبل جي ٽڪري هئي جنهن تي چڙهي مون شهر ۽ آسپاس جي خوبصورت نظارن کي رڪارڊ ڪيو. ان ڪري مٿان ريلوي اسٽيشن جو منظر، ٽرين جو پري کان اچڻ، اسٽيشن تي بيهڻ ۽ وري روانو ٿيڻ جا منظر به رڪارڊ ڪيا. ان ٽڪري تي ٽيليگراف وارن جو وڏو شاهي ٽاور هو جنهن جي چوٽي آسمان ۾ ڪڪرن سان ٿي لڳي ان ٽاور جي چوٽي تي عوامي تحريڪ جو جهنڊو لڳايو ويو هو جيڪو ميل پري کان نظر ٿي آيو، مون ان جهنڊي کي به رڪارڊ ڪيو هو. بهرحال مون سڄو ڏينهن ڏاڍي جفاڪشي ڪئي ۽ تسلي سان ان سڄي پروگرام جي رڪارڊنگ ڪئي هئي. هاڻ آخر ۾ پليجي صاحب جي اهم تقرير جو اعلان ٿيو، سڄي پنڊال اٿي بيهي تاڙيون وڄائي زوردار نعرا هڻي پليجي صاحب جو استقبال ڪيو. مون به ڪئمرا وغيره چالو ڪئي ۽ رڪارڊنگ شروع ڪئي. پليجي صاحب ان ڏينهن تاريخي تقرير ڪئي، ڏاڍي گهن گهرج سان. ڪلاڪن جي يادگار تقرير ڪئي هئي. سڄي پنڊال زبردست نعرا هنيا هئا ۽ پوءِ اٽڪل رات جو يارهين وڳي اهو تاريخي جلسو ختم ٿيو هو ۽ مان رات جو اڍائي وڳي حيدرآباد پهتس، ڏاڍو ٿڪل هئس جو سڄو ڏينهن سخت محنت ڪئي هئي. پنهنجي محبوب رهنما جي سالگره جي هن عظيم الشان پروگرام کي يادگار بنائڻ لاءِ مون دل سان ڪوششون ڪيون هيون ۽ مون کي يقين هو ته مون سڀ ڪجهه صحيح ڪيو آهي. رات جو ٽين وڳي ننڊ به آئي پئي، پر مون کي اڻ تڻ هئي ته چيڪ ڪريان ٿورو ڏسان ته سڀ ڪجهه صحيح رڪارڊ ٿيو آهي؟ سو مون وي سي آر ۾ ڪيسٽ لڳائي جهلڪيون ڏسڻ شروع ڪيون. ابتدا کان جنگ شاهي شهر، ريلوي اسٽيشن، ٽاور، جهنڊا، جلسي جو پنڊال، بينر وغيره ۽ پوءِ جلسو، رهنمائن جون تقريرون، هٿيار بند سلامي ۽ فائرنگ جا آواز وغيره سڀ ڪجهه بهترين رڪارڊنگ ٿي هئي، پر پليجي صاحب جي تقرير ۾ آواز بلڪل گم. سڄي گونگي منهنجا وائيسر گم ٿيڻ لڳا. محفل جي مور جي اهم ترين تقرير جو آواز ڪونهي آئون حيران ۽ پريشان ٿي ويس. هي ڇا ٿي ويو؟ ۽ ڪيئن ٿيو آهي سڄي ڏينهن جي پروگرام جي رڪارڊنگ درست هئي، پليجي صاحب جي تقرير جي تصوير ته هئي، پر گونگي، آواز رڪارڊ نه ٿيو هو. منهنجا ٻئي هٿ مٿي تي اچي ويا. اهو ڇو ٿيو ۽ ڪيئن ٿيو. پوءِ مون ٿورو سوچ ويچار ڪيو، پليجي صاحب جي تقرير جو اعلان ٿيو، اهي آواز هو نعرن ۽ تاڙين جا آواز هئا، سڀ ماڻهو اٿي بيٺا هئا، ڪارڪن اسٽيج تائين پئي آيا، ان دوران ڪنهن جو پير تار کي لڳو آهي، آواز واري تار نڪري وئي هئي جيڪا آخر تائين نڪتل رهي. ظاهر آهي آواز رڪارڊ ئي ڪونه ٿيو صرف تصوير رڪارڊ ٿي، پر هاڻي ڇا ڪريان؟ پوءِ خيال آيو ته سائين پليجو صاحب جي تقرير کي رڪارڊ ضرور ڪيو ويو هوندو، انهن کان اها ڪيسٽ وٺي وڊيو ۾ آواز ڀريان ۽ پوءِ مون ايئن ئي ڪيو. تقرير جي وڊيو مٿان آواز رڪارڊ ڪيم ته اسي فيصد ڪم ٿي ويو، صرف ڪٿي ڪٿي تقرير دوران چپن جي حرڪت ۽ آواز ۾ هڪ جهڙائي ڪونه آئي هئي، پر اها ڳالهه سواءِ ڪنهن ماهر ڄاڻو جي ٻئي ڪنهن کي خبر ڪونه پوندي. سو اهڙيءَ طرح هڪ فوٽو گرافر ۽ وڊيو رڪارڊسٽ جي طور منهنجو اعتبار رهجي آيو.

