ادبنئون

ڊائري جا ورق

5 جون 2002
امان ڏيڍ مهينو بيمار رهي وفات ڪئي. مهينو کن اڳ اسان کي خبر پئي ته امان هاڻ مهمان آهي. منصور ۽ آئون ڪراچي آغا خان هاسپيٽل پرائيويٽ وارڊ ۾ هر ممڪن علاج لاءِ ۽ امان کي تڪليف کان بچائڻ لاءِ مسلسل جاکوڙ ڪندا رهياسين. ادي حميده ۽ ٿورو گهڻو ادي زيبو ۽ ياسمين واري سان امان وٽ رهيا، باقي منصور ۽ آئون مسلسل امان ساڻ رهياسين. آخري هفتو حيدرآباد جي آغاخان ۾ امان کي کڻي آياسين. اسان کي ۽ ڊاڪٽرن کي جيڪو ڊپ هو ته امان جنهن بيماري جي مريض هئي انهيءَ ۾ شديد پيٽ جو سور پوندو آهي، جيڪو برداشت کان ٻاهر هوندو آهي. مريض مڇي وانگر تڙپندو آهي ۽ آخري اسٽيج تي رت جون اُلٽيون يا ڪي به مسئلا پئدا ٿي سگهن ٿا، پر اسان سڀ حيران آهيون ۽ پڻ ڊاڪٽر به ته امان کي ايترو شديد سور ڪونه پيو. مارفين ۽ ٻين پين ڪلرز سان سور تي ڪنٽرول ڪيو ويو هو. اول کيس اٺ ڪلاڪ کانپوءِ سور جي سُئي هڻندا هئا، پر پوءِ آهسته آهسته وقت گهٽائيندا ۽ ڊوز وڌائيندا ويا، آخر ۾ صف ٽن ڪلاڪن ۽ ٻن ڪلاڪن ۾ ڊبل ڊوز ڏنا، انهيءَ ڪري امان زياده تر ننڊ ۽ غنودگي ۾ پُرسڪون رهي. آخري ٽي ڏينهن ۾، آواز به گهٽ ٿيندو ويو، ٻه ڏينهن ڪوما ۾ رهي، آخري ٻارهن ڪلاڪن ۾، اول وڏا وڏا ساهه کنيائين ۽ پوءِ آهسته آهسته ساهه ننڍا ٿيندا ويا، آخر ۾ دير دير سان اچڻ لڳا ۽ ائين ئي پرسڪون انداز ۾ ساهه بيهي رهيو. آرام سان امان الله جي رحمت کي رسي… آخر ۾ وفات جي آخري رسمن دوران امان جو چهرو نور سان روشن هو، انتهائي خوبصورت ۽ پُرسڪون چهرو جنهن به ڏٺو، ان سبحان الله چيو… قبر ۾ آخري ديدار وقت، امان جي چهري جي نوراني روشني سان قبر روشن ٿي وئي هئي. هڪ دوست بي اختيار چيو، چهرو چنڊ وانگر روشن آهي. بهرحال، امان هڪ مومن ۽ نيڪ عورت هئي، بقول ڊاڪٽر رحمان ته جنتي عورت آهي، جو هن کي سور برداشت ڪرڻ جي طاقت آهي. واقعي به امان جي زندگي به عظيم گذري ۽ موت به جلد هن کي قبول ڪري ورتو. ڪنهن جي به محتاج نه ٿي. بس بيمار ٿي ۽ هلي وئي. الله تعاليٰ هن کي جنت نصيب ڪري. آمين.
***
21 سيپٽمبر 2002
ڪتاب ۽ مطالعو هاڻ واحد مقصد جي طور زندگيءَ ۾ شامل آهي. بس پڙهڻ، سٺا سٺا علمي، ادبي، تاريخي ڪتاب ۽ ديني ۽ روحاني ادب پڙهڻ جو شوق به ٿيندو آهي. گهڻو ڪجهه لکڻ پڙهڻ جي ڪري لکڻ جو شوق به ٿيندو آهي. گهڻو ڪجهه لکڻ چاهيندو آهيان. ڪجهه لکندو به آهيان. موجود سياسي حالتن تي تبصرا، تاريخي واقعات ۽ ٿوري شاعري به لکندو آهيان.
پر هميشه جيان لکي ڪاغذن کي ڊائرين ۾ رکي ڇڏيندو آهيان. ڪنهن اداري، ڪنهن رسالي يا اخبار کي موڪلڻ، پوسٽ ڪرڻ وارو ڪم ڪونه پڄندو آهي ۽ اڪثر حالات حاضره تي لکيل مضمون ۽ تجزيه وقت گذرڻ سان اهميت وڃايو ويهن.
بهرحال ارادو آهي ته باقاعده لکڻ شروع ڪندس.
***
1 آڪٽوبر 2002
ايڪيهين صدي
محذب ماڻهو،
امن جو جيئاپو
خواب اسان جو
ظلم اڃا به آ
پر پوئتي پير آ
مجموعي انساني سوچ
سڄي دنيا ۾ گڏيل
امن انصاف و نيڪي
سچ و حق اجتماعي
ڌرتي تي محبت جا چنڊ
نيٺ ته اُڀرندا.
***
25 آڪٽوبر 2002
سارنگ جي شادي جي تياري ٿي رهي آهي. انشاءَالله اٺ ڊسمبر تي نڪاح ٿيندو.
رب جا ڪرم ۽ منهنجي مولا جي مهر سان، انهن نعمتن جي نوازش ٿي آهي. الله جا لک احسان، جنهن اڌ صدي کان وڌ حياتي ڏني ۽ حيات جي تمام خوشگوار نعمتن، خوشين ۽ محبتن سان سرشار ڪيو آهي. هڪ مومن بندو جنهن هڪ چڱي ۽ بهتر زندگي جي تمنا ڪري، اهي سڀ سُک ۽ نعمتون منهنجي مولا مون کي ڏنيون آهن.
گهر ٻار، صالح اولاد، ٻه نياڻيون ۽ ٻه پٽ. نياڻين جون شاديون ڪرائي اهو فرض به پورو ڪيو. مال دولت ته ڪونه ڪمائي، پر ڪجهه اباڻي ٻني ۽ ڪجهه فوٽوگرافي مان گذر سفر عزت سان ٿيو آهي. ماءُ ۽ پيءُ جن جو انتقال به هاڻ ويجهي وقت ۾ ٿيو آهي. امان جو تازو ۽ ابا ٻه ٽي سال اڳ وفات پاتي. ٻه ڀائر ۽ ڇهه ڀينر. ماشاءَالله سڀ خوشحال آهن.
***