ادب

ڳوٺ پاٽ

پروفيسر ننڍي کنڊ هند و پاڪ ۾ ضلعي دادو جو مشهور ڳوٺ پاٽ دادو شهر جي اُتر ۾ اٽڪل 26 ڪلوميٽر تي واقع آهي، تنهن کي تاريخي حيثيت حاصل آهي، هن مقام ۽ سندس مڪينن سان تهذيب ۽ تمدن، علم ۽ ادب، روحاني منزلن ۽ انتظام ۽ سياست جون بيشمار روايتون ۽ حقيقتون ڳنڍيل آهن. علم ۽ ادب جي هن مرڪز ۽ سندس رهواسين جي علمي، ادبي خدمتن ۽ ڪارنامن ۾ ايتري قدر ته هڪجهڙائي آهي، جو اڄ به سندس هُڳاءُ سان پاٽ پاڪستان جو شهرت وارو ڳوٺ ليکجي ٿو. هن ڳوٺ جا استاد ۽ ڪامورا پنهنجي قابليت، خداداد صلاحيت ۽ سندن لياقت سبب قومي زندگي جي هر شعبي ۾ بيحد ڪامياب ثابت ٿيا آهن. اهڙي طرح سندن اها ڪاميابي پاٽ جي قديم شان وَ شوڪت کي برقرار رکيو اچي ٿي. پاٽ جي نامور شخصيتن ۾ علامه آءِ.آءِ قاضي ۽ مخدوم حسن الله صديقي سر فهرست آهن، هيءُ ڳوٺ انڪري به مشهور آهي، جو منجهس استادن، عالمن، ڪامورن ۽ منتظمين جو هڪ غير معمولي ذخيرو آهي. گذريل چئن ڏهاڪن کان تعليم ۽ روزي روٽي سانگي ڳوٺ پاٽ جا ڪيترائي خاندان لڏ پلاڻ ڪري مختلف شهرن ۾ سڪونت پذير ٿيا آهن. لڏپلاڻ جو ٻيو اهم سبب هن ڳوٺ جي سنڌو ڪناري هجڻ ڪري ڌاڙيلن جي هٿ چراند به آهي. تاريخي پس منظر ۾ ڪلهوڙا حڪومت ۾ هن ڳوٺ ۾ چورين، ڦرن ۽ ٻين ظلمن سبب ماڻهو عدم تحفظ جو شڪار رهيا. ٽالپرن جي حڪومت ۾ هي علائقو جڏهن مير باگي خان کي مليو ته پوءِ پاٽ جي پڙهيل ۽ سلجهيل بزرگن قاضي محمد سعيد، رئيس فيض محمد ۽ خوش محمد جوڻيجو ۽ ڪجهه اڪابرن مير باگي خان کي ڳوٺ ۾ بدامنيءَ جا ڪارڻ ٻڌايا جنهن سبب مير صاحب تر جي چانڊيا قوم سان راضي نامو ڪرائي کين پاٽ جي اولهه طرف ڏاتاڻڪي واهڻ ۾ بستي ٺاهڻ جو حڪم ڏنو ۽ اهڙي طرح نئين پاٽ وجود ۾ آئي.

1202 هجري ۾ پاٽ وَهندڙيءَ جي ڪپ تي آباد ڪئي وئي، جنهن ۾ اوڀر طرف سيد، سومرا ۽ چنا ذاتين جا محلا آباد ٿيا، ڏکڻ طرف جَت ۽ حَجم، اُتر طرف وهندڙيءَ جي ڪپ تي جوڻيجا، انصاري، قاضي ۽ مخدوم صديقي ته اولهه طرف ميمڻ لانگاهه ۽ ٻيون ذاتيون شامل هيون، هن وقت حالتن جي بدلجڻ ڪري ڳوٺ جو نقشو گهڻي قدر تبديل ٿي ويو آهي. پاٽ جي افرادي قوت ۾ واڍا، رازا، موچي، ڪنڀر، کٽي ۽ ميربحرن جو خاص تعداد هو، انگريزن جي حڪومت کان ڳوٺ ۾ ديني تعليم ۽ مدرسو جيڪو اڄ به درگاهه فضل الاهي جي زير اهتمام سرگرم عمل آهي. ٻارن جي تعليم لاءِ ڳوٺ ۾ قاضي احمدي پرائمري اسڪول ۽ نياڻين لاءِ الڳ اسڪول انگريزن جي حڪومت کان قائم آهي، جڏهن ته گورنمينٽ علامه آءِ.آءِ قاضي هاءِ اسڪول به تعليم جي واڌاري لاءِ جاکوڙي رهيو آهي. پاٽ جي تعليمي درسگاهن مان بيشمار شاگرد ۽ شاگردياڻيون فيضياب ٿي، اڳتي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين مان ڊگريون حاصل ڪري ملڪ جي مختلف ادارن ۾ اعليٰ منصب حاصل ڪيا آهن ۽ ڳوٺ جو نالو روشن ڪيو آهي. جيئن ته پاٽ سنڌ جو قديم ڳوٺ آهي، جنهن سان اسان جي سياسي، ادبي ۽ تاريخ جا ڪيترائي واقعا منسوب آهن. سمن، ارغونن ۽ مغلن جا ڪيئي معرڪا ان ڳوٺ جي پسگردائي ۾ ٿيا. شيرشاهه سوري ۽ همايون جي پاڻ ۾ اڻبڻت سبب جنگ جي صورت اختيار ڪئي، تاريخ ٻڌائي ٿي ته همايون هند کان سنڌ هجرت ڪئي، ساڻس گڏ علماءِ مشائخ به گڏ آيا هئا، جن اچي پاٽ پراڻي (سنڌو درياهه جي ڪناري) پنهنجا خيما کوڙيا. همايون مقامي مسجد جي پيش امام جي نياڻي حميده بيگم سان پاٽ ۾ شادي ڪئي، جنهن مان کيس پُٽ سن 1542ع ۾ پيدا ٿيو، جيڪو عمرڪوٽ ۾ ڄائو. عمرڪوٽ پاٽ کان ذري گهٽ 200 ميل ڏکڻ اوڀر ۾ آهي. همايون جو اهو پٽ اڳتي هلي شهنشاهه اڪبر جي نالي سان هندوستان جو بادشاهه بڻيو. 1957 ۾ آمريڪا جي نارٿ ڪئرولينا يونيورسٽي جو تڏهوڪو پروفيسر ڊاڪٽر جان هونگمن فلبرائيٽ ريسرچ (اينٿراپالاجي) ڳوٺ پاٽ ۾ اٽڪل ڏيڍ مهينو رهائش اختيار ڪئي، سندس ٿيسز جي تياري ۽ مڪمل ڪرائڻ ۾ ڳوٺ جي پڙهيل ماڻهن مدد ۽ رهنمائي ڪئي ۽ ميزبانيءَ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي. ڊاڪٽر جان سان گڏ سندس گهر واري، ڌي ۽ پٽ به آيل هئا. پاٽ هاءِ اسڪول جي تڏهوڪي هيڊماسٽر ڊاڪٽر حبيب الله صديقي کان علاوه مرحوم عصمت الله جوڻيجو جيڪو پاڻ علي ڳڙهه جو گريجوئيٽ هو ۽ ٻين پنهنجي ذاتي لائبررين مان کيس پاٽ بابت تاريخي مواد مهيا ڪري ڏنو ۽ ماڳ مڪان به ڏيکاريو. ڊاڪٽر جان هونگمن پنهنجي تحقيقي مواد ۾ رقم طراز آهي ته: سن 1224ع ۾ ڳوٺ پاٽ ديني علم خواهه واپار جو هڪ وڌندڙ ويجهندڙ مرڪز هو. برک مذهبي عالم ۽ صوفي هتي رهڻ لڳا يا وري ملاقات تي ايندا ويندا هئا. اهڙي هڪ ملاقات سن 1225ع ۾ حضرت شيخ محمد عثمان مروندي (قلندر لعل شهباز هتي ڪجهه وقت لاءِ پير حاجي محمد اسماعيل سان رهيو، جيڪو پراڻي پاٽ جو مستقل باشندو هو. پاٽ لڳ اڄ به حاجي پير محمد اسماعيل ڪلهوڙي جي مزار موجود آهي. 1951ع ۾ دادو ضلعي مان جڏهن هندو لڏي ڀارت هليا ويا هئا، تڏهن سنڌ جي سڀني ضلعن مان تعليم يافته ماڻهن جي تعداد ۾ ضلعو دادو پهريون نمبر آيو هو. ورهاڱي سبب مهاجرن جي پالوٽ هن طرف بلڪل ڪانه ٿي، ڇاڪاڻ ته هتان جا هندو زميندار ڪونه هئا، تنهنڪري اهڙي ڪا ملڪيت ڇڏي ڪونه ويا، جيڪا بيدخل ٿيل هاري (مهاجر) حاصل ڪري سگهن، ڊاڪٽر جان پنهنجي ٿيسز جي پڄاڻيءَ ۾ تحرير ڪري ٿو ته: وڌندڙ آدمشماري، وسيع ويرانين ۾ محدود آباد زمين، زراعت مان پيدا ٿيندڙ دولت، پوک لاءِ هاري ۽ خانداني قدر بذاتِ خود اطمينان سان اهي اسباب سمجهائي نٿا سگهجن، جن جي بدولت ڳوٺ پاٽ جا خاندان تعليمي، انتظامي ۽ پيشورانه اهليت جا مالڪ آهن.

***