”ذهن جي گفائن ۾ ڀَٽڪندڙ ڪھاڻيون“
بليڪ اينڊ وائيٽ منظر جي پس منظر ۾ ڀٽڪندڙ ڪهاڻيون پنهنجي پنهنجي اندر ۾ ڪيتريون ئي بي رنگ ۽ مرجهايل موسمون کڻي، خود ڪلاميءَ جا خواب اُڻين ٿيون ته، سڀني ڪهاڻين ۾ ورهايل هڪ ئي ڪردار بيگانگيءَ جا بنواس ڀوڳڻ لڳي ٿو. پنهنجي وجود ۾ مختصر ڪهاڻيون، داخلي ڦھلاءُ ۽ گھرائي رکندڙ، پڙهندڙ کي هڪڙي نقطي ۾ تبديل ڪري ڇڏين ٿيون.
ڪردارن جون ڪهاڻيون توڙي ڪهاڻين جا ڪردار، اکرن جي آرسيءَ مان، پنهنجا پنهنجا عڪس کڻي، ذهن ذريعي دل جي اُداسيءَ کي گھرو ڪري ڇڏين ٿا.
مجيب اوٺي جون ”غير موزون موسم جون ڪهاڻيون“ قطعي به اڻ مندائتيون ناهن. بلڪه اُنهن ڪهاڻين جون موسمون پاڻ ۾ ڌار ڌار ڪيفيتن جي ڪوڙاڻ سمائي ڪهاڻي پڻي جي ڪرافٽ سان ڪڪوريل آهن. هڪڙو ڀٽڪندڙ، بيچين، نفسياتي اُلجهنن ۾ جڪڙيل ويڳاڻو اڪيلاين ۽ خواهشن جي ٽياس تي ٽنگيل شخص سڀني ڪهاڻين ۾ انيڪ روپ رکي به بي روپ آهي. هڪڙي تلوار جھڙي تکي اُڻ تڻ، ذهن جي اُگهاڙن پيرن سان پنڌ ڪندي گهايل ئي گهايل آهي. ها ۽ نه يا نه ۽ ها جي امڪانن ۾ ورهايل سوچ، صحرائن کي تخليق ڪري پنهنجي اڃ جو اظھار ڪري ٿي.
مجيب اوٺي جي ”غير موزون موسم جون ڪهاڻيون“ ۾ ڪجهه ڪهاڻيون دل کي ڇھي وڃن ٿيون. ”لٽجي ويل ديس جو گواھ“، ”هي ماڻهو آهن يا ماڪوڙا“، ”اڪيلائيءَ ۾ گهيرجي وَيل وجود“، ”ڪهاڻيءَ جي صليب تي ٽَنگيل شخص“، ”اڌوري پورٽريٽ جو آواز“، ”خالي ڪرسيءَ جو درد“ ۽ ”خوشبو کان خوفزده ٿي ويل شخص“ ڪهاڻيون، جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جو حسين تعارف آهن. خاص طور تي ”اڌوري پورٽريٽ جو آواز“ ڪهاڻي ڏاڍي حيرت انگيز ۽ دل ۾ پيھي ويندڙ ڪهاڻي آهي. جنهن جو ليکڪ ڪمال درجي سان خاڪو جوڙيو آهي. اعليٰ علامت نگاري جو فنائتو انداز ۽ ان ۾ ڪيئنواس تي چٽيل اڌورن اسيڪچز جو دل آويز نمونو، روح کي لھرون لھرون ڪري ڇڏي ٿو، پر ان ڪهاڻيءَ ۾ بوٽ واري اسڪيچ جي پسمنظر مون کي نوي جي ڏهاڪي ۾ مجيب بڙدي جي سنڌي ڪهاڻين جي حسين ڪتاب ”پيرن جي ڳولا ۾ نڪتل بُوٽ“ ياد ڏياري ڇڏيو. ان کان علاوه ڪجهه ڪهاڻيون مڪملتا جي منزل کان پھرين کاپي پون ٿيون يا لکجڻ جي لاءِ لکيل لڳن ٿيون، پر اُنھن مجموعي ڪهاڻين جو تاثر خوشگوار آهي. ڪردارن جي ذهن تي ويڳاڻپ ۽ اڪيلائيءَ جا گھرا پاڇاوان ضرور آهن، پر ليکڪ وڏي فنائتي ۽ ماهراڻي نموني انھن پيڙائن ۽ ڪيفيتن کي سادن لفظن سان بيان ڪيو ۽ اُڻيو آهي.
مجيب جي هنن ڪهاڻين جي دنيا ۾ داخل ٿيڻ سان هڪڙي اجنبيت آجيان ڪرڻ لڳي ٿي. هڪ اوپرائپ جي ڳولا بي يقينيءَ جي رڻن ۾ رولي ڇڏي ٿي، پر اُنھن ڪهاڻين جي رڻ مٿان، فن جو افلاڪ، پنھنجون ڪشاديون ٻانھون پکيڙي اطمينان جي ٻکن ۾ ٻکي ڇڏي ٿو ته ڪھاڻين جي پيڙا جا پيرا ڪنھن ڄاتل سڃاتل ڏک جو ڏس ڏئي وڃن ٿا.
هونءَ به زندگي ريشم جي منجهيل ڌاڳن جو هڪ اهڙو ته ڍيرو آهي، جنھن کي سنجهائڻ جي ڪوشش هنن ڪهاڻين کي سنجهائي وڌو آهي.
هنن ڪهاڻين جو معنوي تسلسل سچ ته ڄڻ ڪنھن نئين ناول جا پيرا کڻي ٿو. ڇو ته ڪھاڻيون پاڻ ۾ اڌورائپ جي رنگ سان، هر ايندڙ ڪھاڻيءَ جو غير روايتي تسلسل بڻجي اڳتي وڌندڙ تَجسُس نما سفر کي تخليق ڪن ٿيون.
ڪھاڻين جي داخلي ڪيفيتن، ڪردارن، سٽاءُ توڙي انھن جي نفسياتي حالتن جي آوازن جا پڙاڏا، خارجي مانوسيت جي موسم ۾ به تحليل ٿي وڃن ٿا.
مجيب جھڙي اداسين جي اوندھ ۾ لٽيل ڪٿا ڪار وٽ ڪھاڻي اچي ٽانڊاڻن جيئن ٽِم ٽِم ڪري ٽِمڪي پوي ٿي. توڙي جو ڪڏهن ڪڏهن اها دل جي گھري اداسي جي ڪيفيت، سندس ڪرادارن کي هيڻو ڪري مايوسيءَ جي ڌٻڻ ۾ اُڇلڻ به لڳي ٿي، پر بروقت آرٽسٽڪ انداز جا جوهر، چڻنگون بڻجي، اُنھيءَ ٻاٽ کي ٻاري رک ڪري ڇڏين ٿا.
مجيب اوٺو ڪھاڻيءَ جي خاڪي ۾ جيڪي به خواب پينٽ ڪري ٿو، اهي خانه بدوش خوابن جي ڪئينواس کي به جاڳائي وجهن ٿا ۽ انھن مان مختلف عڪس، رنگن جي روپ ۾ دل ۽ دماغ ۾ منعڪس ٿي وڃن ٿا.
مجيب جي ڪھاڻين جي ڪڪوريل ڪردارن سان سندس ڪھاڻين جي گهٽين ۾ ڀٽڪندي، ٿڪل ۽ زخمي پيرن کي پنهنجائپ جي وشواس جو احساس پاڻ سان جڪڙي رکي ٿو.
”بارش کان بارش تائين“ کان وٺي ”غير موزون موسم جون ڪھاڻيون“ تائين اندر جي اداسي، سانوڻ جيئن ڪھاڻين جي ڪردارن کي ڀڄائيندي پئي اچي، پر ان اميد سان ته اهو ڪارو ڪارو نڀار ضرور هٽندو ۽ ڪھاڻين جو هڪ نئون سج نکري نروار ٿيندو.
مجيب اوٺي جون ”غير موزون موسم جون ڪھاڻيون“ منجهيل ۽ ملُول من جا مرثيا آهن. خواب ۽ ساڀيان جي پل تي رهجي ويل ڌنڌ ۾ ويڙهيل اهڙا عڪس آهن، جن جي اکين ۾ سدائين ماڪ وسندي رهي ٿي. عشق، محبت، ديوانگي، وڇوڙا، خودڪلامي، امڪان اُنھن جي پاند ۾ ٻڌل آهن. روايتي ۽ غير روايتي لھجا پنھنجي اصل سڃاڻپ ڳولين ٿا. سڃاڻپ جي اها ڳولا، دلين ۾ ڳڻتين جا ڳوٺ ٻڌي ڇڏي ٿي.
مجيب جو هي ڪتاب سنڌي ادب ۾ پنھنجي ڪھاڻيڪار واري شناسيءَ کي وڌيڪ چٽو ڪري ٿو.
اهڙي چٽائيءَ جي روشنيءَ ۾ اسان جڏهن مجيب اوٺي جي ٻئين ڪھاڻي ڪتاب ”غير موزون موسم جون ڪھاڻيون“ جي مطالعي جو سفر شروع ڪيون ٿا ته اُن جي ڪھاڻين جي دنيا ۾ داخل ٿيندي ئي ”پنهنجو قتل ڪندڙ ماڻھو“ سوچي ٿو ته ”سگريٽ جي دونھين کان اُداسي گهڻي گھري آهي“، ”ماڻھوءَ جو ڪردار، سگريٽ جي فِلٽر جيئن آهي، جيڪو باقي رهجي ويندو آهي.“ ڇو ته ”جڏهن ماڻھو مڪمل ٿي ويندو آهي ته مري ويندو آهي.“ اُن ڪري”خواب آور ماڻھوءَ جي دماغ جو ايڪسري“ ۾”سوچ ڪنھن ڪُن جيئن آهي“، ”سوچ ختم ته ماڻهو ختم“، ”جنھن ماڻھوءَ سوچڻ شروع ڪيو، اُن زندگيءَ جي دريافت شروع ڪري ڇڏي!“، ”خاموشي سوچ کي جنم ڏيندي آهي“، ”ڇا واقعي به اُن ماڻهوءَ کي ساھ جي تڪليف ٿيڻ گُهرجي، جيڪو وڻ وڍي ٿو؟“ شايد اُنھيءَ ڪري به ”لٽجي ويل ديس جو آخري گَواھ“ جي ”بيماري هڪ اڻ ڏٺل ديس جون انيڪ يادون آهن.“، ”هو سراپا پنھنجي ڏيھ جي علامت آهي“، ”سندس ساريون ڪھاڻيون ڏند ڪٿائون لڳن ٿيون“، تڏهن ته ”هي ماڻھو آهن يا ماڪوڙا“ ۾ ”هو ڪنھن خطرناڪ شيءِ کان پاڻ بچائڻ لاءِ ڊوڙي رهيو هو. اُها خطرناڪ شيءِ کيس ماڪوڙي جي صورت ۾ محسوس ٿي رهي هئي“، ”اهو خوف سندس وجود ختم ٿي وڃڻ جو هو“ ۽ پوءِ”هو هڪ ڪانڊيري ۾ بدلجي ويو.“ ته ”اڪيلائيءَ ۾ گهيرجي ويل وجود“ سوچيو، ”اوجاڳي ۽ خالي پيٽ، سندس عمر ڳِڙڪائي ڇڏي آهي.“، ”هن جي اندر ۾ هڪ سڏڪي جو جنم ٿيو آهي.“ جنھن ”ڪھاڻيءَ جي صليب تي ٽنگيل شخص“ کي ”تصور جي دنيا جو هڪ بليڪ هول بڻائي ڇڏيو.“، ”جنھن کيس پنھنجي اندر ۾ قيد ڪري ڇڏيو.“، ”مون کي محسوس ٿيو هو ته ڪھاڻي، هڪ صليب آهي، جنھن تي هو مسيح جيان ٽنگيل آهي.“، ”ڪڏهن ڪڏهن ڪو اهڙو ڪردار تخليق ٿي ويندو آهي، جيڪو پيدا ٿيندي ئي مون کي قتل ڪرڻ چاهيندو آهي.“
”جيڪڏهن ڪھاڻين جا ڪردار ائين ئي ماريندو رهيس ته هڪ ڏينھن مان اڪيلو رهجي ويندس.“ ۽ ان اڪيلائيءَ ۾ به ”اڌوري پورٽريٽ جو آواز“ تصور ۾ گُونجي ٿو ته ”جڏهن تون مون کي پيٽ سان ڪندين ته، مان مُڪمل پينٽ ٿي وينديَس.“، ”کيس گهوڙي جون ٽاپون ۽ بوٽن جا آواز، هڪ ٿي پريشان ڪري رهيا هئا“، ”بوٽن ۾ پير اچي ويندا ته بوٽ پاڻھي خاموش ٿي ويندا“ ايئن ”خالي ڪرسيءَ جو ڏُک“ محسوس ڪري ”جيئن ئي اکيون کنيائين ته اُنھن ۾ سندس سموري تنھا زندگيءَ جو درد سمايل هو“، ”پاڻ هڪ ٻئي کي هٿ، هٿ ۾ ڏئي، جسمن جي جهنگ ۾ نِڪري وڃون“، ”۽ جيڪڏهن تون چاهين ته، منھنجي ٻانھن کي ڏور بڻائي، گگن ۾ ڪنھن لغڙ جيان اُڏي به سگهين ٿي“ نيٺ ”خوشبو کان خوفزده ٿي ويل شخص“، سان ”شھر جي دل مان نڪري، شھر جي گهٽين ۾ رهڻ لڳو هو.“ ”ڪاٻاڙي واري سيٺ کان سواءِ، ساڻس ڳالھائڻ وارو ڪير به نه هو.“ ”هُن جي خاموشيءَ ۾ اَلمياتي رڙ هئي“، ”ھو جڏهن شھر جي ڪيترين ئي عورتن جي جسمن جي لڪن مان گُذريو ته، سمجهي ويو هو، هو به ائين ئي ڪن ٻن مسافرن جي هڪٻئي جي لڪن مان لنگهندي وجود ۾ آيو هو.“، ”ماني کائيندي کيس ائين محسوس ٿيندو هو ته سندس مانيءَ جو ذائقو، ڍيرن تي اُڇلايل کاڌي کان گهڻو گهٽ آهي.“ تڏهن ته ”هن پاڻ کي هڪ ڪتي ۾ بدلجندي محسوس ڪيو هو.“ اُن ئي محسوسات جي لھس، کيس ڏس ڏنو هو ته ”منزل ماڻھو کائيندي آهي“ ڇاڪاڻ ته، ”هن کان پنھنجي سڃاڻپ ائين ڦُري وئي هئي، جيئن ڪنھن ماءُ کان ٿڃ پيئندڙ ٻار ڦُريو ويو هجي.“ ”هڪ ننڍڙي ڪوٺيءَ جي اونداهي، سندس رت پيئندي رهندي هئي.“ ”ڪيڏي نه عجيب ڳالھ آهي ته، ماڻھو سمھي قيد خاني ۾ ۽ سجاڳ وري پنھنجي ئي گهر ۾ ٿئي.“ هن پنھنجون اکيون مھٽيندي ”خوابن جي کڙڪيءَ مان“ ڏسندي،”ٻئي لمحي ئي اُهو خيال سندس ذهن مان ائين نڪري ويو هو، جيئن ڪنھن ماڻھوءَ جي جسم مان ساھ نڪري وڃي.“، ”خوف جو جنم دل ۾ ٿيندو آهي ۽ ظاهر چھري تي ٿيندو آهي.“ اهڙيءَ ريت، ”اڪيلي عمر جي موڙي“ ۾”هو پنھنجي نسل جو آخري ماڻھو پئي لڳو.“ ڇو ته ”جڏهن ماڻھوءَ سان ڳالھائڻ وارو ڪو به نه هوندو آهي ته خاموشي ماڻھوءَ سان ڳالھائيندي آهي…. ۽ جڏهن خاموشي ڳالھائيندي آهي ته ماڻھوءَ کي کائيندي آهي.“ ”هن ٽشوءَ سان ڳوڙھا اُگهيا ۽ گلاس مان ڍڪ ڀريو، شراب جي ڪوڙاڻ ۽ زندگيءَ جي ڪوڙاڻ هڪ ٿي کيس آسيس ڏئي رهيون هيون.“ جنھن سان ”پھرين ماڻھوءَ جي آخري ڳالھ“ ۾ ”هو مختلف ماڻھن جي زندگيءَ ۾ ايترو وقت رهندو هو، جيتري وقت ۾ دل جي ڳالھ زبان تي ايندي آهي.“ ”جيڪڏهن ماڻھو اڪيلو نه رهندو ته مري ويندو.“ ”ماڻھو منھنجي زندگيءَ جي ڊرامي ۾ محض سائيڊ ايڪٽر آهن، جڏهن مون کي ضروت پوندي آهي ته آءُ کين اسڪرين تي آڻيندو آهيان.“ ڇو ته ”زبان سان چيل ڳالھ کان اشارن ۾ چيل ڳالھ وڌيڪ گھري هوندي آهي.“ انهيءَ سوچ ۾ لُڙهندي، ”سينورجي ويل زندگي“ ۾ ”جڏهن سندس زال پيٽ سان ٿي ته، چوٿين مھيني جي وچ ڌاري مري وئي هئي.“ ”سندس اها دنيا راڳ جي دنيا هئي، جنھن ۾ هو لوڪ گيت جهونگاريندو هو.“، ”هو چنگ وڄائيندو هو.“ ”جنھن پل هن چنگ وڄائڻ بس ڪيو ته، پاڻ کي هڪ ٻار جي قبر تي بيٺل ڏٺائين.“ ”…۽ پوءِ اُن شام کان ئي اُها ڳالھ ڪرڻ لڳو هو ته، منھنجي زال جي قبر، ننڍڙي ٻار جي قبر ۾ بدلجي وئي آهي.“ ٻئي لمحي ”اکين ۾ لھي آيل درويش جو هجر“ ياد ڪندي، هن سوچيو ته، ”جيڪي ماڻھو پھرين ملاقات ۾ وِڇڙي ويندا آهن، اُنھن کي صرف خوابن ۾ ئي دريافت ڪري سگهبو آهي.“ ڇو ته ”هن جي اکين ۾ درويش جو هجر لھي آيو ھو.“، ”جڏهن کيس خبر پئي ته هي پاڳل قسم جو جوان ڇوڪرو جيڪو اڄ رات سندس جاڳ جو ساٿي آهي، سو گُونگو آهي. هوءَ جيئن جيئن چاهيندي ساڻس پيار ڪندي.“ تڏهن ”کيس ماءُ جي ڇاتي اُن عورت جي سيني جھڙي لڳي هئي.“، ”زندگيءَ جي رڻ پٽ تان گُم ٿي ويل ماڻهو“ ”ٻٽونءَ مان پيءُ جي تصوير ڪڍي ڏٺي. ان پل انھيءَ ڳالھ جو شايد ڏک ٿيس ته، وٽس ماءُ جي ڪا تصوير ئي ناهي. هن تصور ۾ ماءُ جو عڪس ڀرپور چٽو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ائين هن ماءُ کي پاڻ سان گڏ محسوس ڪيو.“، ”هن جو هوڪو هڪ صدا جيان هو، جيڪو ڳوٺ وارن کي بيدار ڪري ڇڏيندو هو. اهو آواز کيس پيءُ کان ورثي ۾ مليو هو.“ ۽ ان ئي وراثت ۾”معدوم ٿيندڙ ماڻھو“ کي ”خوف هو ته، هڪ ڏينھن هو صرف داڻي جي ڦوڳ جيان وڃي رهندو.“ ”پوءِ کيس ويڳاڻپ جي ڪٽ لڳڻ شروع ٿي وئي هئي.“، ”هوءَ سندس درويش صفت کان آشنا هئي… پر کيس علم نه هو ته، اها سندس پاڳلپڻي جي شروعات هئي.“ تنھنڪري ”نڌڻڪي قبر جو وارث“ سوچڻ لڳو ته، ”ماڻھوءَ جي دل ئي خوابن جو قبرستان آهي.“، ”ڪچيون قبرون ڏسندي کيس ڊرائيور جي قبر نظر اچي وئي.“ ”هو ڀاءُ جي قبر وٽان واپس وريو ۽ ڊرائيور جي قبر تي وڃي بيٺو، هن پنھنجي هٿن ۾ جهليل تازا گل اُن جي قبر تي رکي ڇڏيا هئا.“ ۽ ”اڻ ڏٺل تماشي جو افسوس“ ٿيندي ئي”کيس پنھنجو هڪ ٻيو هم شڪل نظر آيو، جنھن کي نڪ بنھ نه هو.“ ”۽ هن هڪدم کيس پنھنجي ڀاڪر مان ڇڏي ڏنو ته کيس اُهو ماڻھو بغير ٻانھُن جي نظر آيو.“ ”غير موزون موسم جي ڪھاڻي“ جي ڪيئنواس تي، ”اُن ڏينھن، هو پاڻ کي ايبنارمل سمجهڻ جي بجاءِ ڏينھن کي ايبنارمل سمجهڻ لڳو هو.“، ”هن جي لاءِ ڪنھن جي رويي جي ڪري ايبنارمل ٿي وڃڻ جو پھريون سبب سندس پيءُ هو.“ ”ڇو ته جنھن عورت سان سندس روح ريجهندو هو سا ته مري وئي هئي.“ ”جنھن پل هو استعمال ٿيل ٽِشو ۽ ڪنڊم ڏانهن ڏسي رهيو هو ته زال کيس چيو: اولاد نه ڄڻڻ به ماڻهوءَ جون ننڊون ڦٽائي ڇڏيندو آهي.“ جنھن کانپوءِ، ”بي وسيءَ جي بارش“۾ ڀِڄندي، ”سندس اُنھيءَ ڳالھ تي ذري برابر به تَپرس نه آيو هئس ته، هاڻ هو ”دوست محمد“ ڪنھن ٻئي کي ڇو ٿو سمجهي؟ جڏهن ته، اُهو هو پاڻ ئي هو.“ ”شايد کيس ادراڪ ئي نه هو ته ڪو سندس ديس ۾ پاڳلپڻي جي وبا ڦھلجي چڪي آهي، جنھن ۾ هر ماڻھو، هر شيءِ کان لاتعلق ٿيندو پيو وڃي.“ هن ڏٺو ته ”هڪ پني تي گهر جي سموري خرچ جو حساب ڪتاب ٺھيل هو…. ٻئي پني تي سندس ننڊ ڪرڻ جو وقت ۽ کيس ڇا کائڻو آهي ڇا ناهي کائڻو لکيل هو…. هڪ پني تي سندس نالو ۽ گهر جو پتو لکيل هو.“، اهو ٻڌائڻ کانپوءِ سندس ونيءَ چيو ته ”ڊاڪٽر صاحب! هڪ رات هو، ننڊ ۾ ڪنھن سان ڳالھائي رهيو هو، ڇا پئي ڳالھايائين سو سمجهه کان ٻاهر هو. اوچتو رڙيون ڪري اُٿيو…. ۽ گهر ۾ ٻئي مرد کي ڳولڻ لڳو هو…..!“
***