خاصنئون

کير جي قيمت ۾ 25 رپيا اضافو

خبرن موجب ڊيري فارمرز پاران غير سرڪاري طور تي کير جي قيمت ۾ 25 رپيا اضافو ڪري ڇڏيو آهي. نئين قيمت کانپوءِ کير جو في ڪلو 115 رپين کان 120 رپين تائين وڪامڻ لڳو. ڊيري فارمرز مطابق مهانگائي وڌڻ ڪارڻ گاهه، پيٽرول ۽ ٻين شين جا اگهه وڌي ويا آهن جنهن ڪارڻ کير جي قيمت وڌائڻي پئي آهي.