عنوان: رحمت احمد / احمد رحمت…
(علي دوست عاجز)
سندس دوست هڪڙو اهڙو چور هوندو آهي
جيڪو اکين مان ڳوڙها
چهري تان پريشاني
اندر مان مايوسي
۽ زندگيءَ مان درد چورائي وٺندو آهي!
ٻه هزار ڏهه واري ٻوڏ کان پوءِ مون حاتا محله ميهڙ ۾ ڪرياني جي دڪان تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. ان کان اڳي پنهنجي پاڙي ۾ ئي هڪ ٻئي دڪان تي ڪم ڪندو هئس.
ٻه هزار ڏهه ۾ مان اڃا نه پڙهندو هئس ۽ نه ئي وري لکندو هئس، جنهن دڪان تي ڪم ڪندو هئس، اتان مهيني جو سيڌو جيڪي ڪٽنب ٻڌو وٺندا هئا، انهن مان هڪ ڪٽنب سومرن جو به هو ۽ اهو کنڌو عظمت الله جي نالي سان هوندو هو، پر خريدڻ ان جو والد صاحب ايندو هو.
چيرو ايندو هو. ان تي اکر نه هوندا هئا.
قسم سان موتي هوندا هئا.
چِيرو کڻي ايندڙ ۽ هٿ اکرن وارو چاچو هدايت الله هوندو هو. چاپئين ڏاڙهي، اڪثر ڪاري رنگ جي قميص ۽ گوڏ. مون ڪڏهن به کيس سلوار ۾ نه ڏٺو ۽ نه ئي وري کيس ڪڏهن بنا سينڌ ۽ تيل ڦُليل جي ڏٺو. سدائين ٽِپ ٽاپ!
هر مهيني نئين جُتي پائيندو هو.
بنهه خاموش!
پنهنجي ڪم سان ڪم.
مان سودو سلف ڪڍندس ۽ سڏ پنڌ تي هٿن تي ڪڏهن ننڍڙن ڪلهن تي کڻائي در تي ڏئي ايندو هئس.
سندس ٻيون نمبر ڀاءُ امداد سانورو صفا من!
جنهن وقت دڪان تي ايندو هو. چشمو پاتل، هٿ ۾ رومال ۽ وار گهاٽا گهاٽا.
مون کيس هڪ ڀيري چيو ته ”سائين اوهان جي وارن مان پاڻي ٿو ڳڙي؟“
چيائين ته؛ ”مان وهنجڻ کانپوءِ وارن کي ٽوال يا ڪپڙي سان ناهيان اُگهندو!“
هاءِ اسڪول ون ميهڙ ۾ استاد هو. ان ڪري کيس نالي جي بدران سائين ڪري سڏيندو هئس!
مون کي حيرت مان ان وقت وات تي هٿ اچي ويو هو، جڏهن سندس اوچتي ۽ اڻ مندائتي موت جي خبر ٻڌم!
ٻيو چاچو هدايت الله جو ٽيون نمبر ڀاءُ امتياز عادل هوندو هو.
مون جڏهن اسڪول کان گُسايو… مون کي ياد ئي ناهي ته ڪو پرائمري اسڪول، هاءِ اسڪول ۽ ڪاليج ۾ ڪڏهن به موڪل تائين ڪلاس ورتا هجن!
ان جا کوڙ سبب هئا، معاشي مسئلا وغيره. مون کي پڙهائيءَ کان وڌيڪ گهر ۾ اٽي، ڀاڄي ۽ کنڊ، پتي آڻڻ جو اونو هوندو هو، پر پڙهائي جيڪا به ڪئي سچائيءَ سان ڪئي ۽ سڀئي استاد پيار ڏيندا هئا. ڪڏهن به ڪنهن ڪونه روڪيو ۽ ٽوڪيو!
مان ڪتاب رکي، ڪپڙا مٽائي دڪان تي ويندو هئس ته رستي ۾ هڪ دڪان نما اوطاق ۾ امتياز عادل ٻارن کي پيو ٽيوشن پڙهائيندو هو. مان روڊ تي بيهي هر روز پنج کان ڏهه منٽ ڏسندو هئس.
هو هر هڪ ٻار کي مس واري پين سان صفحا لکي ڏيندو هو ۽ سبق ڏيندو هو.
امتياز عادل تي لکڻ ويهبو ته قصو وڃي الائي ڪٿي نڪرندو.
شام جو دڪان اڳيان هڪ بينچ تي هڪ هڪ ٿي ايندا هئا.
چاچو شفيع محمد سانگي، روشن علي روشن، سائين قطب الدين کوکر ۽ چاچو هدايت الله، پر چاچي هدايت الله جي گهرائپ رڳو چاچي شفيع محمد سان هئي.
هئه هئه. الائي ڪاڏي ويا هليا!
ايڏا پيارا!
قسم سان. ڀاڪر پائي چميون ڏيندا هئا. پيار ڪندا هئا.
ڦڪن (شگر فري) بسڪيٽن جي چارئي هڪڙي ڦاري وٺندا هئا!
چئن بسڪيٽن مان هڪ مون کي ڏيندا هئا ۽ پاڻ اڌ، اڌ ڪري کائيندا هئا. مان هي لکندي ۽ انهن کي ساريندي هينئر روئان ويٺو!
جيڪڏهن انهن ماڻهن ۽ انهن ڏينهن تي ويهي لکجي ته هوند هڪڙو اهڙو ڪتاب لکجي وڃي. جهڙو پير حسام الدين شاهه راشدي ”هو ڏوٿي هو ڏينهن“ لکيو هو.
ڳالهه نڪتي آهي ته ڀلا! ڪري ٿي ڇڏجي!
ڪجهه سال گذريا… دڪان تي ڪم ڪندي.
مان ڪم ڪار به ڪندو هئس اخبار به پڙهندو هئس. هڪ هٿ سان گراهڪ کي سودو ڏيندو هئس ته ٻئي هٿ ۾ اخبار هوندي هئي.
هڪ شام جو چاچو هدايت الله آيو.
هڪ رسالو هئس ۽ هڪ ڪچي جلد ۾ ڪتاب. شايد احمد خان مدهوش جي چاليهي يا پهرين ورسيءَ جي حوالي سان ٻئي هئا. مون کي ڏنائين ۽ ايئن ئي هو مهيني ۾ ڪيترائي رسالا آڻي ڏيندو هو. ڪڏهن همرچو، سوجهرو ته ڪڏهن پرک. ڪيترائي ڀيرا پنهنجي شاعري ٻڌايائين.
چوندو هو: ”رڳو توکي ٻڌائڻ لاءِ ڳولي، ڳولي لکي ايندو آهيان نه ته سال ٿيا جو شاعري ڪونهي لکي.“
مون پهريون ڀيرو ئي سندس زبان مان اسحاق راهيءَ جو نالو ٻڌو. اسحاق راهي سندس چاچو هو. هڪ ڀيري مان سج لٿي جو دڪان جي ٻاهران رکيل سامان اندر ڪري رهيو هئس ته هڪ بلڪل سنهڙو، سهڻو، پينٽ، شرٽ ۾ ملبوس. شولڊر بئگ ڪلهي تي بنا ٻانهن جي سوئيٽر ۽ هڪ، ٻه ڪتاب هٿ ۾ ۽ هٿ بگل ۾ ورايل.
بلڪل منهنجي ڀرسان گذريو. منهنجين اکين جي فريم ۾ هو ان وقت ئي مڙهجي ويو. اڳتي ويندو رهيو. مان کيس ڏسندو رهيس ۽ هو چاچي هدايت الله وارن جي گهر ۾ هليو ويو.
صبح گذري. اسڪول ويس اتي به ان نوجوان جي تصوير اکين جي فريم ۾ چٽي نظر آئي. شام ٿي چاچو هدايت الله دڪان تي آيو.
مون کائنس پڇيو: ”اهو نوجوان ڪير آهي، جيڪو رات توهان جي گهر آيو آهي؟“
”منهنجو پٽ آهي ۽ جوهيءَ واري پاسي اين جي او ۾ ڪم ڪندو آهي.“
هن وڌيڪ تعارف ٻڌائيندي ۽ تعريف ڪندي چيو: ”شاعر به آهي…“
۽ اهو سهڻو، هاڻي به سهڻو ۽ مٺو رحمت؛ هو.
ان ڏينهن کان سڀني پاڙي وارن ۽ چاچي هدايت الله وارن سان لهه وچڙ ڇڏي. ان نوجوان سان ذهني طور دوستي رکي ڇڏي!
جڏهن جڏهن به گهر ايندو هو ته دڪان تان ڪو سودو سلف وٺندو هو ۽ ايئن ئي ساڻس شناسائي ٿي.
هو هر ڀيري ايندو هو ته ڪو نه ڪو ڪتاب يا رسالو مون لاءِ آڻيندو هو.
ڏينهن گذريا، هفتا گذريا، مهينا گذريا ۽ سال گذريا.
مون ڪچو، ڦڪو لکڻ شروع ڪيو.
اها سال 2014ع يا 2015ع جي ڳالهه آهي.
هڪ ڏينهن هو؛ مون کي خيرپور ناٿن شاهه جي هفتيوار دستوري گڏجاڻيءَ ۾ وٺي ويو.
جتي مون ٻه غزل پڙهيا، اها خبر ڪونه هئي ته دستوري گڏجاڻيءَ ۾ ڪابه هڪ تخليق پڙهبي آهي.
اتي ئي خبر پئي ته شاعريءَ جا لوازمات به ٿيندا آهن. ان کان اڳ مان غزل، گيت ۽ نظم ته لکندو هئس، پر اهي فن کان ٻاهر هوندا هئا…
انهيءَ گڏجاڻيءَ ۾ ڪيئي شريڪ هئا. ذوالفقار گاڏهي، گلزار، ساٿي محبوب، فياض بلوچ سميت ڪيترائي ۽ پوءِ اهو سلسلو شروع ٿيو. جڏهن رحمت ايندو هو ته ان سان گڏ نه ته اڪيلو ئي خيرپور ناٿن شاهه گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ ويندو هئس. صحيح معنيٰ ۾ اهو چئي سگهجي ٿو ته انهن گڏجاڻين مان گهڻو ڪجهه سکڻ لاءِ مليو. ڪيئي آيا ويا. ڪن تنقيد کان ڪنڌ ڪڍايو ته ڪن اڳتي وڌڻ ئي نه چاهيو. ذوالفقار جي تنقيد ۽ گلزار جي اصلاح کي مون هضم ڪيو ۽ اڄ اهي دوست آهن، ڪڏهن ته انهن اڳيان تخليق پڙهندي ڊڄ به ٿيندو هو.
مان سمجهان ٿو ته جيئن مرد پنهنجي اڌ حصي (ڏند ڪٿا طور ئي ان کي سمجهه جي) لاءِ ڪنهن عورت جي ڳولا ۾ نڪري ٿو يا ان سان ڪٿي ملي ٿو وڃي. اهڙيءَ ئي طرح ڪو مرد به مرد جي حصي جو هجي ٿو. رحمت؛ مون کي ڪڏهن به اهڙو نه لڳو، جنهن مان تِر جيتري به ڌاريائپ محسوس ٿي هجي.
شام جا چار ٿيندا ته سڀ ڪم پاسي تي رکي تيار ٿي ويٺو. سندس ميسيج جو انتظار ڪرڻ شروع ڪندس. جيستائين هن جو ميسيج اچي اکيون موبائل جي اسڪرين تي پيون ڦرنديون.
ميسيج ايندو. گهران نڪرندس. او! سڌو سندس گهر جي در تي.
اڳي اڪيلو نڪري ايندو هو. هاڻي فيضان (عظمت جو پٽ سندس ڀائٽيو) ڪڏهن ڪڏهن گهر کان در تائين پويان ايندس.
ٿيٻن وارو روڊ ڏئي ڳالهيون ڪندا، سڌو باقر شاهه جي قبرستان تائين پهچنداسين. ان دوران اسان جا ٽهڪ جيڪڏهن ڪير ٻڌي. اهو سوچيندو ضرور هوندو ته: ”هائو ٻيلي واقعي ۾ به شاعر چريا هوندا آهن.“
ان ڏينهن جيئن ئي قبرستان ۾ داخل پيا ٿيون ته نلڪي تي هڪ همراهه وهنجڻ لاءِ بيٺو هو.
رحمت؛ کلندو. کلندو اڳتي قبرن مان نڪري ويو.
مون چيو: ”ڇو ٿو کلين؟“
چيائين: ”همراهه کي ڏسي. مون کي ديدار دانش جو بيت ياد آيو.“
مون همراهه ڏانهن مڙي نهاريو ته مون کان به کل نڪري وئي.
شايد طاهر محزون (سائين م ن محزون) جي پٽ. ان ئي ڳالهه ٻڌائي هئي ته: ”هڪ مشاعري ۾ مولائي منظور هڪ دلچسپ ماڻهو شاعرن سان پيار ڪندڙ` اڳين قطار ۾ ويٺو هو. کيس وارن، مُڇن ۽ ڏاڙهيءَ کي تازو ڪلر (خضاب) ٿيل هو. ديدار دانش اسٽيج تي آيو. چيائين: ”فل بديهه بيت آهي.“
ڪلر ڪيو وتن، ڇڏن نه اڇو وار،
مولا تن کي مار، کُٽايو جن خضاب کي.
مولائي منظور؛ اٿي دانهون ڪرڻ لڳو ته:
”تو مون تي اهو بيت لکيو آهي.“
اصل محفل ۾ ٽهڪڙو مچي ويو.“
سو. اسان ٻئي قبرستان مان کلندا کلندا… سڌو سائين اسحاق راهيءَ؛ جي مزار تي پهتاسين!
سائين اسحاق راهيءَ جي مزار کان ٿيندا قبرستان جي ننڍڙي ڀت ٽپي تلائن ۾ داخل ٿياسين. ميهڙ ۾ هيءَ ئي هڪڙي اهڙي جڳهه آهي، جيڪا وڏن وڻن ۽ پکين سان ڀرپور آهي. وک، وک کڻندا کلندا هلنداسين ۽ اها ئي اها جڳهه آهي، جتي چهل قدمي ڪندي اسان ڪتابي سلسلي ”ابابيل“ بابت پهريون ڀيرو هڪٻئي سان خيال ونڊيو ۽ اها ئي اها جڳهه آهي، جتي چهل قدمي ڪندي اسان ڪتابن جا ورق ورائيندا پنهنجي، پنهنجي مطالعي هيٺ ڪتابن بابت ويچار ونڊيندا رهندا آهيون.
ننڍي عمر ۾ گهر کان گهڻو ٻاهر پڙهيو ۽ رهيو.
لاڙڪاڻي ۾ ميڊيڪل پڙهيو. 2010ع واري ٻوڏ ۾ اين جي او ۾ جوهي کان حيدرآباد ۽ ٽنڊو الهيار تائين ۽ پوءِ يڪو ڪراچيءَ ميڊيڪل جي شعبي ۾ مختلف اسپتالن ۾ ڪم ڪندو آخر شهيد بينظير ڀٽو ٽراما سينٽر ڪراچيءَ ۾ رهيو ۽ هاڻي ڪميشن پاس ڪري سرڪاري نوڪري پيو ڪري.
هو جڏهن ڪراچيءَ هوندو آهي ته هر هفتي ته نه پر، ٻن ٽن هفتن ۾ گهر/ميهڙ ضرور ايندو آهي ۽ هن جو مون کي انتظار سندءِ مٺي امان جيترو ته نه، پر ان کان ٻه رتيون گهٽ ضرور رهندو آهي.
هو ايندو آهي ته مان سڀئي پنهنجا پروگرام ڪينسل ڪري ڇڏيندو آهيان.
هڪ ڀيري اوچتو آيو. او! مان بدين هجان!
صبح جو سوير سنگت کي بنا ٻڌائڻ جي نڪري پيس ۽ شام اچي ميهڙ پهتس. کيس ڀاڪر ڀري وري ٿيٻن واري روڊ سان واڪ ڪندا، بائي پاس تائين نڪري وياسين!
ڪراچي ۾ هاڻوڪي رهائش پراڻي سبزي منڊي ۾ آهيس.
منهنجو ڪراچي ته اچڻ وڃڻ ٿيندو هو پر، جڏهن رحمت سان رشتو جڙيو ته پوءِ چڱيءَ طرح ڪراچي کي ٿورو ئي صحيح ڏٺو ۽ محسوس ڪيو.
ننڍڙو ڪمرو ايترو ”ڪبوتر جي کُڏيءَ“ جيترو!
ڪمري جي ٻاهران ٻه ٽي پاٽڙا ان ۽ پاڻيءَ جا ڀريل ور، ور پکي اچي پاڻي پيئن ۽ اَن چڳن ته سندن ٻولي اڪيلائي کي اڏاري ڇڏي ۽ هو پوءِ غزل يا نظم لکي.
نثري نظم / رولاڪيون!
آئون
رولاڪ ازل کان
بن، بن ڀٽڪيو آهيان
پيار جي ڳولا ۾
تتي، ٿڌي، سرتي
پر، انهيءَ پيار جو
اڄ ڏينهن تائين
ڪوبه ڏس پتو
ڪونه مليو آهي
۽ مان آهيان جو
مسلسل پنڌ ۾ آهيان
رولاڪيون
منهنجي پيرن جو
حصو بڻجي ويون آهن!
اهو نظم جهڙوڪ مون لکيو ئي رحمت تي هجي.
چوندو مانس ته هلون، سائين عبد مگسيءَ ڏانهن؟ ته سڌو هلندو سوڀي مگسي، وري اتان اچي ڦاٽڪ تان لهنداسين. راڌڻ اسٽيشن تائين پنڌ. چوندو مانس هلون، موهن جي دڙي ڏانهن؟ هلندو مانڊڻي کان لهنداسين. موهن جي دڙي تائين پهچي، گهمي گهمي وري واپسي پنڌ مانڊڻي تائين وري اتان کان ئي لاڙڪاڻي ايئن هل هلان. هل هلان!
هڪ ڏينهن صبح جو ميسيج ڪيائين ته اچ چانهه پيئون.
مان وڃي پهتس. ابا! همراهه کي ميهڙ جون گهٽيون گهمائيندو، گهمائيندو ريشم ڳلي، مندر کان ٿيندا سڌو خيرپور ناٿن شاهه جي اسٽاپ تائين گاڏي ۾ ويٺاسين. وڃي خيرپور بائي پاس تي لٿاسين رلندا، رلندا وڃي لغاري واري هوٽل تي پهتاسين.
لغاري واري هوٽل تي پهچي جو ذوالفقار ۽ گلزار سان رابطو ڪيون ته ٻئي يار! دادو ويل هجن. چانهه، بسڪيٽ کائي پي وري واپس آياسين، بائي پاس اسٽاپ تي ڏسون ته گاڏي پنج منٽ گذرڻ کان پوءِ به ڪونه آئي. مون چيو: ”پنڌ هلون ميهڙ؟“ هن به کڻي ”ها“ ڪئي.
خيرپور ناٿن شاهه جي بائي پاس کان نڪتاسين پنڌ، پنڌ سڄي واٽ ڳالهائيندا، ڳالهائيندا هلياسين. ان سڄي پنڌ ۾ اسان جي ڪچهري جو موضوع مرزا غالب هو. ٻن، اڍائن ڪلاڪن کان پوءِ وڃي ميهڙ پهتاسين.
اسان جڏهن به ملون ۽ وري گهرن ڏانهن واپس وڃون ته ٻيو ڪجهه به نه، پر پيرن ۾ مٽي ضرور کڻي ويندا آهيون.
هو منهنجي هر تڪليف تي پهريون پها رکندڙ آهي.
اهو سچ آهي ته مان جيڪا ڳالهه خاص طور بُک ۽ ڏُک جي امان سان ناهيان ڪري سگهندو، اها رحمت سان ڪندو آهيان. ساڻس ”امان“ جون به ڳالهيون ڪري ويندو آهيان.
هڪ حوالي سان هيءُ مون کي لطيف سائين جي هن بيت:
پتنگ چاهين پاڻَ کي، ته اَچي آڳ اُجهاءِ،
پَچڻَ گهڻا پَچايا، تُون پَچڻَ کي پَچاءِ،
واقفُ ٿِي وِساءِ، آڳ نه ڏِجي عامَ کي.
جي مڪمل طور صورت لڳندو آهي، ڪڏهن ٻاڦ ٻاهر نه ڪڍي اٿائين. جوهيءَ جي چيڪي مٽي سان لنئون لاتائين. مون محسوس ڪيو آهي ته جڏهن، جڏهن به مان هن سان پاڻ مٿان گذريل وارتائن جا پرت کوليندو آهيان ۽ فراق جا ڦٽ اکيليندو آهيان ته هيءُ بنهه ماٺ هوندو آهي، جهڙوڪ دميل ديڳ جيان!
پنهنجي درد کي دل مان ڪڍي ناهي رکندو، پر مان هن جي چهري تي ان وقت اڀريل احساسن کي پڙهي وٺندو آهيان پوءِ هو يا مان ڪونه ڪو شاهه صاحب جو بيت پڙهي ڪجهه وقت خاموش ٿي ويندا آهيون.
قلم تازو:
هو (رحمت سومرو) اهڙو سهڻو آهي، جنهن کان ڪنجوس به پيار نه ٿا لڪائي سگهن!
مون کي اها خبر ناهي ته:
”ڀائر چيلهين جا سندرا“ ڪيئن هوندا آهن؟
ڇاڪاڻ ته مون کي ڀاءُ ڪونهي. ها. باقي مون کي اها خبر ضرور آهي ته:
”دوست هنيانءَ جو ڏڍ ضرور هوندا آهن!“
سنڌ جي ڪنڊ، ڪڙڇ ڪنهن سيلانيءَ جيان رليو آهيان، پر هن جي موجودگيءَ جو احساس ”ماءُ ۽ محبوبا“ جيئن منهنجي من ۾ هر وقت موجود رهيو آهي!
مون هن وقت تائين، هن جي حوالي سان هر پهلوءَ تي لکيو آهي ۽ اڳتي به لکندو رهندس. ڇاڪاڻ ته:
”مون کي لکڻ، پڙهڻ ۽ پيار ڪرڻ کان سواءِ چوٿون ڪم ناهي ايندو.“
سچ اهو به آهي ته:
”هو هڪ وڏو ڀاءُ، محبوب دوست، هڪ شاندار شاعر ۽ نه ڄاڻ ته ڪيترين ئي خوبين/خاصيتن جو خوبصورت گُلدستو آهي.“
***