ڊائري جا ورق سرمد کوسو
دنيا توهان جي غلطين، ڪمزورين ۽ ڪوتاهين تي دلچسپي سان گَهري نظر رکي ٿي.
- توهان جي ڪنهن غلطي کي ماڻهو پنهنجي مزي جو سامان بڻائي ٿا ڇڏين.
- توهان کان وري وري اُهو سوال پُڇندا آهن، جنهن جو توهان جواب ڏيڻ ناهيو چاهيندا يا وري اُها ڳالهه وسارڻ جي ڪوشش ڪندا آهيو ۽ ماڻهو وري ياد ڏياريندا رهندا آهن.
- اڄ مئڪسم گورڪي جي آتم ڪهاڻي پڙهي رهيو هُئس، اُن ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو ته ”جڏهن مون پاڻ کي مارڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اُن کانپوءِ بچي ويس ته هر ملندڙ ماڻهوءَ اِهو سوال نٿي ڪيو ته هاڻي ٺيڪ آهين؟ پر هر ماڻهوءَ اِهو سوال ٿي ڪيو ته خودڪشي ڇو ٿي ڪيئي؟ انهيءَ سوال جيترو مون کي تڪليف ٿي ڏني، ايتري تڪليف ڪنهن ڳالهه نٿي ڏني.“
- ماڻهو، توهان جي ڪنهن غلطي يا بيوسي کي سبب بڻائي، توهان کي ايذائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪندا آهن.
- موسيقي به ذوق رکندڙ ماڻهوءَ جي زندگيءَ جو اهم حصو هوندي آهي يا ايئن چئجي ته موسيقي سواءِ زندگي بي رنگ ۽ بي سوادي لڳندي آهي.
- ڪڏهن ڪڏهن ايئن به ٿيندو آهي جو ڪو گيت، ڪو ڪلام، ڪا وائي يا ڪوبه موسيقي جو اسم ٻُڌندي اکيون آليون ٿي وينديون آهن، ماڻهو روئڻ لڳندو آهي. هڪ عجيب ڪيفيت جنم وٺندي آهي، جنهن کي رڳو محسوس ڪري سگهجي ٿو، پر لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهجي.
- مون کي هونئن ته ڪيترائي گيت ۽ گانا دل سان وڻندا آهن، پر خاص طور تي علڻ فقير جي آواز ۾ ”ٽِڙي پوندا ٽارئين، جڏهن ڳاڙها گل، تڏهن ملنداسين“، استاد جمن جي آواز ۾ ”ڪر خيال دنيا آهي فاني، ڪنهن سان نه نڀائي جاني“ ۽ ڪشور ڪمار جي آواز ۾ ”ڪڀي پلڪون پي آنسو هين، ڪڀي لب پي شڪايت هي، مگر اي زندگي ڦر ڀي مجهي تجهه سي محبت هي.“ ٻُڌندو آهيان ته روئي پوندو آهيان.
- ڇا توهان سان به ايئن ٿيندو آهي؟
- هن وقت هر ماڻهو افراتفري جو شڪار ۽ انيڪ مسئلن ۾ گهيريل آهي. هن وقت انهي نفسياتي مونجهارن مان نڪرڻ جو هڪ ئي طريقو پيار، محبت ۽ عزت آهي. اِنسان پيار جو بُکيو آهي.
- ڪنهن کي عزت ۽ محبت آڇڻ ۾ ڪو خرچ به ناهي جو چئجي ته آئون غريب آهيان ۽ اهي شيون افورڊ نٿو ڪري سگهان.
- هڪ مُرڪ، هڪ ڀاڪر ۽ ٻه پيار مان چيل لفظ ڪنهن انسان جي دل تي وڏو ديرپا اثر ڪن ٿا.
- اسان محبتون ڏيڻ ۾ به ڪنجوسي ڪندا آهيون. اسان اُهو مخصوص موقعو وڃائي پوءِ چوندا آهيون ته ڪاش آئون ايئن نه ڪريان ها! ڪاش مان ڪنهن سان اِهڙو سلوڪ نه ڪريان ها! ڪاش مان ڪنهن جي ڪم اچان ها!
- ڪنهن کي تحفي ۾ ڏيڻ لاءِ محبت کان مٿي ڪا شيءِ ٿي سگهي ٿي ڇا؟
- هر روز مطالعو ڪرڻ منهنجي عادت ۾ شامل آهي. ڪجهه ڏينهن کان هر روز ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين شاهه سائين جي رسالي کي پڙهي رهيو آهيان. سچي ڳالهه اها آهي ته شاهه جو رسالو ڀلي ڪيترا ڀيرا به پڙهيل هجي، پر هر ڀيري توهان کي نئون لڳندو.
- رسالي مان هر ڀيري اوهان کي نئون فڪر ۽ فهم ملندو. شاهه سائين جا بيت پڙهندي ايئن محسوس ٿيندو آهي جو ماڻهو هڪ الڳ دنيا ۾ هليو ويو آهي. هرهڪ لفظ جو ايڏو اثر ٿيندو آهي جو ماڻهو ڪنهن گَهري سوچ ۽ لوچ ۾ گم ٿي ويندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته ماڻهو روئي به پوندو آهي ۽ انهيءَ روئڻ کانپوءِ اندر جو بار هلڪو محسوس ٿيندو آهي.
- رسالو پڙهندي سنڌي ٻوليءَ جا اهڙا اهڙا سهڻا لفظ سامهون ايندا آهن، جيڪي افسوس ته هاڻي اسان وٽ استعمال نٿا ٿين. انهن لفظن کي اُچارڻ ۾ ڪيڏو نه ميٺاڄ آهي، ڪاش اها ڳالهه ڪو دل سان محسوس ڪري سگهي.
- مون ذاتي طور تي اِهو محسوس ڪيو آهي ته اڪثر ماڻهو ڀٽائي جي بيتن کي ياد ته ڪندا آهن ته اُنهن کي پنهنجي عملي زندگي جو حصو ناهن بڻائيندا. منهنجي خيال ۾ ڀٽائي کي ياد ڪرڻ کان وڌيڪ سمجهڻ ۽ اُن تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي.
- اسان جي نصابي ڪتابن ۾ سنڌي مضمون جي ڪتاب جي شروعات حمد سان ٿيندي آهي، جيڪو ڀٽائي سائين جو لکيل هوندو آهي. اِها سُٺي روايت آهي، پر انهي کانسواءِ به ڀٽائي سائين کي اسان جي درسي ڪتابن جو حصو بڻايو وڃي ته جيئن اسان جو نئون نسل پنهنجي ٻولي سان به جُڙيل رهي ۽ ڀٽائي سائين جي فڪر کي سمجهي، اُن کي پنهنجي عملي زندگي جو حصو بڻائي.
***

