بلاگ

سنگ هڪ بيمثال ڪردار! مزاحيه ڪردار ڏکويل سماجن جا ڊاڪٽر آهن عبدالغني شر

ڪڏھن

ڪڏھن ڏسڻ ۾ ايندڙ سادگي به ڪمال هوندي آھي. اهڙي سادگي جو پورو پسمنظر هوندو آھي. انهيءَ جي روح جي گهرائين تائين پيهي ئي پتو پئجي سگهي ٿو ته انهيءَ سادگي ۽ خوشي جا مثبت

سماج جي نظر ۾ هن جو ڪو وڏو ڪردار ۽ ڪم ڪونهي جنهن ڪارڻ  هن کي ڪا گھربل پذيرائي ملي سگهي.

هو پورهيت آهي، پورهئي سان پيار ڪندو آهي! پورهيو هن سان سلهاڙيل زندگين جو سرمايو پڻ آھي. چرچا هن جي زندگي جو حسن بڻيل آھن. هو پوري علائقي ۾ هڪ مسخري طور مشھور ۽ سڃاتو وڃي ٿو. هن جو اصل نالو حسنَ آھي، پر هن جي اهڙي نالي سان ماڻھو اڻ واقف آھن! هو پنهنجي ڪوڏاڻي نالي سنگ سان مشھور آهي.

سنگ جيڪو سڄي سنڌ ۾ پنهنجي هڪ چرچائي طور سڃاتو وڃي ٿو، هو حجامڪي هنر سان هوندي انتهائي غريبي حال مرڪن ۾ زندگي جي معنيٰ ڳولي رهيو آھي. هو مايوسين جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل زندگين لاءِ اتساھ جو سبب بڻيل آھي.

هن جو سال جي سڀني مندن ۾ مزاج هڪجهڙو هوندو آھي! دُکيل سگريٽ ھٿ ۾، قميص جا سڀ ٻيڙا کليل، ٽوال ڪلهي تي، چپل جي سٽڪ سٽڪ جي آواز جيئن شھر ۾ صبح سوير داخل ٿيندو ته هرڪو دڪاندار چرچن جي ڊپ کان چانهه جون صلاحون هڻدو آھي، پر هو مجال آھي پنهنجي دل گهرئي دوستن کانسواءِ گڏ ويهي چانھ پيئي.

منهنجي ڪجھ ڏينهن اڳ ساڻس ملاقات ٿي، ڏُک بيوسي لاچاريون هوندي به مسڪراهٽ هن جي چهري تي رقص ڪري رهي هئي.

ڪڏھن ڪڏھن هو زماني جي بدلجندڙ معيارن تي ڏاڍو اداس ٿي ويندو آهي، ڪچهري دوران هو ماضي ۾ هليو ويو ٻڌائي رهيو هو ته ”ڪو دور هو شادين جا ڪاڄ سنڀرندا هئا ته مائٽ دوست ڪاڄ ڌڻي کي ڪم ڪارين  کان پري ڪري پنهنجو ڪاڄ سمجهي ڪم ڪندا هئا. چر کان وٺي شاميانن تائين مٽ مائٽ سنگتي اچي سهيڙندا هئا. هڪڙو ڪاڄ جو اڳواڻ ھوندو هو اهو سڀني کي حال سارو ڪم ورهائي ڏيندو هو، شادي واري ڏينهن ۾ پري پري جا دوست بسترن سان گاڏيون سٿي کير جا دلا ڀري سنگت وٽ اچي حاضري ڏيندا هئا! گهر ۾ عورتون ٽوليون ڳيچ چونديون هيون ۽ اسان جهڙي مزاحيه سنگت جنهن کي ڪنهن نه ڪنهن واقفڪار جي معرفت دعوت ملندي هئي، وري به سخت تاڪيد ڪئي ويندي هئي ته ڪاڄ ۾ چرچائين جي ٻي ٽولي به هوندي، انهيءَ سان مقابلو ڪرائيندا هئا. اگر پوئو نه هجي ته به اچڻو آھي! اسان چار پنج دوست گڏجي ڪاڄ ۾ وڃي لهندا هئاسين پوءِ ڪانڀ ڪڍي ٻانهي ٺاهي سامهون واري ٽولي کي چرچا هڻندا هئاسين رات کٽي ويندي هئي مگر سڄي ڇني مان کل نه کٽندي هئي!

هڪ ڀيري ڪاڄ ۾ ماني اڌ ۾ کٽي وئي اسان به اڌ بکارا رهجي وياسين

سامهون واري ٽولي کي ڇڏي ڪاڄ واري مالڪ کي چرچا هنياسين ڀت وارو مالڪ ته ماٺ ڪري ويٺو هو، پر هن جي ننڍي ڀاءُ کان برداشت نه ٿيو هو گهران بندوق کڻي گاريون ڏيئي فائر ڪرڻ لڳو ته اسان کي خوف ۾ جتي پائڻ به وسري وئي، ويڙھيل رليون کڻي سڄي رات ڊڀن کي ساڙيندي ڏڪندي ڏڪندي رات ڪٽي سين. چند ڏينهن کانپوءِ اهي ساڳيا همراهه هلي اچي معافي وٺي ويا.

هڪ ڀيري هنڱورني ڀرسان ابراهيم شر جي اوطاق تي مير مهمان ٿيا مون کي به دعوت ملي ميرن سان گڏ چرچائين جي گاڏي ڀريل هئي پنهنجي سنگت کي سهيڙي نه سگهيس اڪيلو ٿي پيس، پر مڙس ٿي منهن ڏنم هنن کي هارائي ڇڏيم. انهن مان هڪ نوحاڻي ٻروچ چرچن تان ڪاوڙجي مارڻ جون ڌمڪيون ڏيئي ويو. ڊپ ۾ سڄي رات ننڊ نه آئي چند ڏينهن ۾ جيئن تيئن ڪري هن کي پرچائي ورتم، پر هاڻي وقت بدليو الائي ماڻھن پاڻ کي مَٽائي ڇڏيو..!

نه رهيا اهي ڳوٺاڻا ڪاڄ جيڪي ڪڏھن ڳوٺ جي سونهن هوندا هئا. اهي ٽھڪ ويا، مذاق مشڪري وئي، سهپ وئي، گهرن ۾ لوڪ گيتن بجاءِ نوان جديد نه سمجهندڙ گانا اچي ويا. اهي دوستيون جيڪي سڪ تي ساهه ڇڏينديون هيون سڀ ڪجهه وقت جي تاڪئي ۾ الائي ڪيئن ويڙھجي ياد ماضي بڻجي ويون.

هاڻي ته شادين جا ڪاڄ جيڪي ڪڏھن نج خوشيءَ جو سبب هئا اهي ڪاروبار بڻجي ويا آھن ماڻھن ڳوٺن ۾ ڪاڄ ڇڏي شھر جي باغيچن کي اهميت ڏيڻ لڳا آھن. مهماني ۽ ميزباني جو ڪو فرق نه رهيو آھي، هرڪو ٽچ موبائل تي پنهنجو فن ڏيکاري رهيو آھي ۽ اسان جهڙا مزاحيه مسڪين ماڻھو جن جو فن ٽچ موبائل چٽ ڪري ڇڏيو آھي!

هن جديد دور ۾ جتي هر فن کي هٿي ملي پئي قدر ڪيو پيو وڃي تنهن دور ۾ مون جهڙا ڪيئي مسڪين انتهائي مفلسي واري زندگي گذاري رهيا آھن. وسوارن کي اها التجا آھي اسان جي به فن جو قدر ڪيو وڃي ته چرچا به اسان جي ثقافت جي سونهن آھن.  سنگ جون ڳالهيون ٻڌي خوشي به ٿي ته سندس معاشي حالات ڏسي ڏُک به ٿيو. اهڙن مزاحيه ماڻھن جو ڪردار تمام وسيع آھي، هي ڏکويل معاشرن جا ڊاڪٽر آھن، جيڪي اداس ماڻھو کي کلائيندا آھن. اچو گڏجي انهن ڪردارن جي سار لهون، جيڪي سماج، خوشي، مسڪراهٽ ۽ زندگي جي بقا جو باعث بڻيل آھن.