ادب

انسان جي ذھني صحت ۽ دماغ جي ڪارڪردگيءَ جو انحصار ڪھڙن شين تي آھي ؟

ھزارن سالن کان انسان ارتقائي مرحلا طئي ڪري، ھن جاءِ تي پھتو آهي، انسانن کوجنا ۽ مسئلن جو حل تلاش ڪرڻ سان گڏ صحت جي شعبي ۾ به ڪافي ترقي ڪئي آھي، پر اڃا ميڊيڪل سائنس ۾ سائنسدان جاکوڙي رھيا آھن. اسان جي دماغ ۾ اھڙو ھلڪو برقي ڪرنٽ پيدا ٿيندو رھي ٿو، جنھن کي neurotransmitter ھڪ نيوران کان ٻئي نيوران تائين پھچائڻ جو ڪم ڪندو آھي. نيوران دماغ جي ھڪ سيل يا گھرڙي کي ڪوٺبو آھي، انسان ذات جي دماغ کي قدرت ھڪ مضبوط خول ۾ بند ڪري رکيو آھي، انساني جسم جا سمورا ڪم ڪار دماغ ۽ حرام مغز ھڪ پاور ھائوس ۽ ٽيليفون ايڪسچينج جيان ڪندا رھن ٿا.

انساني دماغ جو سڄو ڪم ڪار ۽ ضابطو ٽن نيورو ٽرانسميٽرس تي منحصر آھي:

الف: ڊوپامين

ب: سيروٽونين

پ: ڪارٽيسال

dopamine: ھڪ مثبت نيورو ٽرانسميٽر آھي جيڪو اسان کي محسوس ڪرائي ٿو ته ھي شيءِ سٺي آھي، سرور بخشيندڙ ۽ لذت ڏيندڙ آھي ۽ وري انسان جي فطرت آھي ته جيڪا شيءِ سٺي آھي اھا جيڪڏهن اڃا وڌيڪ به ھجي يا وڌيڪ ملي ته ڏاڍو سٺو محسوس ٿيندو.

serotonin: ھي ٻئي نمبر تي نيوروٽرانسميٽر آھي جيڪو انسان جي اندر خوشيءَ جا احساس ۽ ڀاونائون پيدا ڪندڙ آھي، اسان سڀني انسانن جي زندگيءَ اندر جيڪي خوشيون ۽ رنگينيون آھن، اھي ھن نيورو ٽرانسميٽر جي ڪرشمي سازي جو نتيجو آھن.

cortisol: ھي ٽئين نمبر تي نيورو ٽرانسميٽر آھي، جيڪو مغز جي ان حصي ۾ جمع(store) ٿئي ٿو، جيڪو اسان جي نرڙ جي پٺئين پاسي آھي، جنھن کيprefrontal cortex سڏيو وڃي ٿو، ھن جي ايتري اھميت آھي جو جيڪڏھن ڪنھن انسان جي دماغ جو اھو حصو بيڪار ٿي پوي ته اھو مستقبل بين نه ٿو ٿي سگھي، صرف موجوده وقت يعني صرف present ۾ ئي رھي ٿو ۽ جيئي ٿو، ھن لاءِ بس اھو اھم آھي ته ھو اھڙو ڪم ڪندو رھي، جنھن ۾ ھن کي بس تسڪين ملي، اھڙي صورتحال ۾ ڊوپامين وڌيڪ رليز ٿئي ٿي، ان صورتحال ۾ جڏھن ڊوپامين ۽ ڪارٽيسال گڏ گڏ جمع ٿيڻ لڳن ته ان لذت کي وري وري ماڻڻ لاءِ ھڪ عادت ٿي پوي ٿي ۽ ڪارٽيسال جي گھڻي جمع ٿيڻ ڪري ذھن تي دٻاءُ ۽ پريشاني ٿيڻ لڳي ٿي، جنھن کي مستقل دٻاءُ ۽ anxiety سڏجي ٿو. ان جي برعڪس سيروٽونن جو ڪم اھو آھي، جو اھا رسيپٽرس سان گڏجي پوي ٿي، جنھن خاصيت کي binding with receptors چئون ٿا، ان جو ڪم به اهو آھي ته ھو نيورو ٽرانسميٽرس کي ضابطي اندر رکي، پر ان جي برعڪس جيڪو ڪارٽيسال نيورو ٽرانسميٽر جو ڪم آھي، اسان کي جاکوڙ، جستجو، اڳتي وڌڻ جي ترغيب ڏيڻ، ڪارٽيسال ان ڏانءَ کي ھڪ روارڊ سسٽم ھيٺ اڳتي وڌائيندو ٿو رھي، مثال طور وقت تي کاڌو کائڻ، روزانه ڪم ڪار لاءِ سنبري تيار ٿي وڃڻ، ڪم ڪرڻ جي عيوض پگھار جو ملڻ، اھو سڀ روارڊ سسٽم تحت آھي، جيڪڏھن انسان روارڊ سسٽم جي انتظار ۾ نه رھي، ته ھو جيڪڏهن روزمره جي ونھوار مان بيزار ٿي پوي، هڪجهڙائي جو شڪار ٿي پوي، سندس زندگيءَ کي ماڻڻ جي رغبت گھٽجي وڃي.

اسان ماڻھو گھڻو ڪري زندگيءَ جي ٻن ڪيفيتن کي صحيح سمجھي ۽ سمجھائي نه سگھندا آھيون، جيئن pleasure (لذت ۽ سرور) ۽ happiness (خوشي ۽ سڪون) انھن ٻنھي لفظن جي معنيٰ ڇا آھي؟ ۽ ميڊيڪل سائنس انھن ڪيفيتن کي ڪيئن سمجھائي واضح ڪري ٿي، ھيٺ بيان ڪجي ٿو.

(1) pleasure يعني لذت: اھا ڪيفيت ھڪ ننڍي مدي لاءِ مخصوص ڪجي ٿي يا چند لمحن تي محيط رھي ٿي، جڏھن ته خوشي وڌيڪ وقت ۽ سڄي زندگيءَ کي پنھنجي حصار ۾ رکي ٿي ۽ انساني زندگيءَ کي معنويت ڏئي ٿي.

(2) جڏھن ته خوشيءَ جو احساس جسم کان بالاتر ٿئي ٿو ۽ اھا انسان جي زندگيءَ کي خوشگوار رکڻ لاءِ ھڪ اھم ڪردار ادا ڪري ٿي.

(3) لذت ۽ سرور اھڙن لمحن ۾ پيدا ٿئي ٿو، جڏھن من پسند کاڌو کائجي يا ڪنهن نشي آور شيءَ جو واپرائڻ يا ڪنھن سان جنسي تعلق ۾ اچڻ وغيره.

(4) خوشي، ڪنھن شيءَ کي ونڊڻ ورھائڻ سان ملي ٿي، ڪنھن سان مدد ڪرڻ ۽ ڪنھن سان دلجوئي ڪرڻ سان محسوس ٿئي ٿي.

(5) لذت اڄڪلھ انٽرنيٽ جي استعمال ڪرڻ سان به حاصل ڪري سگھجي ٿي، بلڪل انھيءَ طرح جيئن ڪنھن نشئي کي آفيم، ھيروئن يا چرس استعمال ڪرڻ سان حاصل ٿئي ٿي.

(6) سوشل ميڊيا ماڻھن کي پاڻ ڏانھن ايترو راغب ڪري، ھڪ لت يا عادت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آھي، جو ھر عمر جو فرد ان ۾ مبتلا ٿي چڪو آھي، ٻار پنھنجي پڙھائيءَ کان وڌيڪ وقت موبائل، ٽيبليٽ ۽ ڪمپيوٽر تي صرف ڪن ٿا.

(7) پھريائين ماڻھن کي سندن عادتن پٽاندر مختلف نالن سان سڃاتو ويندو ھو ۽ اڄ به اھا ٽرمينالاجي نفسيات جي ڪتابن ۾ استعمال ٿي رھي آھي. جيئن ته انھن alcoholic, shopaholic, chocoholic, sexoholic, workaholic سڀني عادتن، لتن جو داورومدار ڊوپامين جي خارج ٿيڻ تي مدار رکي ٿو، جڏھن ته خوشيءَ جو دارومدار سيروٽونن تي ٿئي ٿو، ڊوپامين نيورو ٽرانسميٽر کيexcitatory رتوبت ڪوٺيو وڃي ٿو. ھي نيوروٽرانسميٽر رسيپٽرس سان چھٽي پوي ٿو ته جيئن ٻئي نيوران تائين برقي وهڪري کي موثر طرح سان ٽرانسمٽ ڪري سگھي، ان سڄي عمل کي postsynaptic activation ڪوٺجي ٿو، جڏھن نيوران جي ايڪٽوٽي وڌيڪ ٿي پوي ٿي ته اھي exhaust ٿي پون ٿا، يعني ٿڪاوٽ جو شڪار ٿين ٿا ۽ ڊوپامين به اوتري مقدار ۾ نه ٿي ٺھي ۽ سسٽم ۾ ان کوٽ جي ڪري tolerance پيدا ٿيڻ لڳي ٿي، ان ڪري ڪا به دوا سور گھٽائڻ واريون سينٽرلي ايڪٽنگ ڊرگس اهي دوائون دماغ ۽ حرام مغز جي ذريعي ڪم ڪن ٿيون ۽ گھڻي استعمال کانپوءِ ساڳئي مقدار يا وزن واپرائڻ سان اثرائتيون نه ٿيون رھن. نشي آور دوائون پڻ ان ساڳئي طريقي سان نشئي کي اھوpleasure ڏئي نه ٿيون سگھن، جنھن ڪري سندس نشي جي لت ۽ گهرج ۾ واڌارو ٿئي ٿو.

ھڪ مئگزين ۾ ڪنھن لکاريءَ لکيو آھي ته نشي آور شين کانپوءِ انٽرنيٽ جو چشڪو پڻ ھڪ اھڙي لت ۽ عادت پيدا ڪري ٿو ۽ اسان ان لڪسيڪا جا شڪار ٿيون ٿا، جنھن ۾ ڏينھو ڏينھن اسان وڌيڪ گھرائيءَ سان ڦاسندا ٿا وڃو.

لڪسيڪا جي معنيٰ انسائڪلوپيڊيا ۾ ڏنل آھي، رومانس سان ڀرپور ٻين کان بھتر ۽ تيز ترار سمجھڻ، تيز فھم ھجڻ جو فخر ڪرڻ وغيره. پڙھندڙ سوچي ڏسن ته ڇا انٽرنيٽ جي اچڻ کانپوءِ اسان ڪيترو پنھنجن رشتن ناتن کان پري ٿيڻ لڳا آھيون ۽ پنھنجن ھٿرادو ورچوئل ٺاھيل رشتن سان ھڪ مصنوعي مشين جي ذريعي ڪيڏو نه اڪير ۽ محبت سان پنھنجن خيالن جو ونڊ ڪيون ٿا، انھن کي صبح شام پنھنجي ساڻ ھجڻ جو احساس ڏياريون ٿا ۽ تمام گھڻي لذت ماڻيون ٿا.

ڪجھ دوست ريسٽورينٽ ۾ چانھ پي رھيا ھئا، ھڪ دوست چيو سائين ھو فلاڻو ماڻھو ڏاڍو زبردست، آرٽسٽڪ ھو، سندس فيس بوڪ فرينڊس، ھزارن جي تعداد ۾ ھئا، ھو ٽويٽ ڪرڻ جو بادشاھ آهي، سائين گھڻن ڏينھن کان نيٽورڪ تان غير حاضر آھي، سامھون واري ٽيبل ڀرسان ويٺل ماڻھو ڪنڌ ڦيرائي ڏسي وراڻيو، سائين اھو منھجو ڀاءُ ھو، جيڪو گذاري ويو. دوست ھڪ ٻئي جو منھن ڏسي، اٿي سندس ڀرسان ڪرسيون سيري ويٺا ۽ پنھنجي ڏک جا اظھار ڪندي ساڻس ڀاءَ جي تعزيت ڪئي، ھڪ ڄڻي چيو سائين جنازي نماز ۾ ته سوين ماڻھو آيا ھوندا، ھن ڪنڌ ھيٺ ڪري جواب ڏنو ته نه اسان ٻه ڀائر ۽ اٺ ڏھ ڄڻا جيڪي اسان جا ويجھا مائٽ ھئا کيس مٽيءَ ماءُ حوالي ڪري آياسين.