ادبڪتاب تي تبصرو

ڪتاب سنڌ شناسي جو جائزو ذوالفقار علي جلباڻي December 2021

پنهور صاحب سائنسي انداز ۾ انهيءَ جي ڪٿ ۽ تڪ تور ڪئي آهي. راڻي ڪوٽ ايراضيءَ ۾ سراسري ماهياڻي بارش جي ڪٿ ٻارهن مهينن جي روشنيءَ ۾ ڪئي اٿس. اهڙي طرح لکي ٿو ته: ”آئون ان نتيجي تي پهتو آهيان ته گهٽ ۾ گهٽ هڪ صديءَ ۾ راڻي ڪوٽ جا موهن ۽ سن دروازا هڪ ڀيرو پاڻيءَ ۾ وهي ويا هوندا، جيتوڻيڪ اهڙو امڪان هر صديءَ ۾ ٽي دفعا زياده لازم آهي، جنهن ڪري اهڙيءَ صورت ۾ ڪڏهن ڪڏهن انهن دروازن جي مرمت ٿي هوندي.“ (پنهور: 2017: 181)، ان کانپوءِ راڻي ڪوٽ ايراضيءَ جي آبهوا جو هڪ ٻيو تفصيل پڻ ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ ماهوار ماپ ٻڌائي وئي آهي ته سراسري ماهيانه گرميءَ جي درجي جو سينٽي گريڊ ماڪ جي لاءِ گهربل گرميءَ جو درجو سينٽي گريڊ ۽ گهم جو درجو ڏنو ويو آهي. هن قلعي بابت ڪرنل رشيد، محترم جي. ايم سيد جي ڪم کي آڏو آندو ويو آهي. جيڪي مختلف دورن ۾ 25 حڪمران رهيا تن جي زماني کي آڏو رکي پنهور صاحب لکي ٿو ته: ”مٿي ڄاڻايل تفصيل مان اها ڪٿ ڪرڻ سولي آهي ته اهو قلعو ڪڏهن ٺهيو ۽ استعمال ٿيو هوندو.“ (پنهور: 2017: 185)، اهڙيءَ طرح هن قلعي جي تاريخي اهميت ۽ افاديت کي سهڻي ريت سمجهائي پيش ويو ڪيو آهي. قلعي جو اهم رستو، ايشيا جو هڪ تمام اهم بندر يا باربيڪا (ڀنڀور)، قلعي جي فوجي اهميت بابت پڻ معلومات ڏني آهي. مذڪوره ڪتاب جي ڀاڱي ٻئي جا ارڙهن ئي موضوع نهايت اهميت وارا آهن، جن ۾ سنڌ جي تاريخ، ادب، سماج، حڪمران، جاگرافي ۽ سنڌ تي جيڪا اٿل ٿي، واپار تجارت جا قديم مرڪز، يورپ ۽ سنڌ جا تعلقات، ڪلهوڙن جي عروج ۽ زوال تي ماحولياتي اثر، ڊچ ايسٽ انڊيا ڪمپني ۽ ديول سنڌ، سنڌ جي سرحدن جي مقرري، سنڌ کي ممبئي صوبي ۾ 1847ع ۾ ڇو شامل ڪيو ويو؟ سنڌ ۾ فارسي زبان جي زوال جا سبب ۽ سترهون مقالو آهي ڇا سنڌ ۾ تعليم جو سرشتو، سائنسدان پيدا ڪري سگهندو؟ هن مضمون ۾ پنهور صاحب لکي ٿو ته: ”هي مضمون سنڌ سرڪار، شاگردن، استادن، والدين، يونيورسٽين ۾ پڙهائيندڙ سمورن پروفيسرن ۽ استادن کي نه رڳو پڙهڻ گهرجي، پر ان جي عملي پاسن تي سوچڻ گهرجي.“ (پنهور: 2017: 351)، پنهور مرحوم ڪتابي علم نه، پر عملي سکيا جو گهڻو اقراري هو، هن جو چوڻ آهي ته جيستائين زرعي اوزارن ۽ مشينن جي باري ۾ سکيا حاصل نه ٿي ڪري سگهجي تيستائين ڪتابي علم سان ماڻهوءَ کي ترقي طرف گامزن نٿو ڪري سگهجي ۽ نه ئي ڪو سٺو سائنسدان پيدا ڪري سگهجي ٿو. اسان جي اڄ جي تعليمي صورتحال ڏي نهاريون ته ڏک ٿو ٿئي. ڇاڪاڻ جو اسان جي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ ليبارٽريون ته قائم آهن، پر گهڻيون ليبارٽريون ناڪاره بڻيون پيون آهن يعني انهن ۾ سائنسي سکيا جا اُهي اوزار ڪونه آهن! ۽ ٻئي طرف اسان جو استاد سرڪاري ادارن ڏانهن اهو تعليمي رجحان نٿو رکي. استادن جا مختلف نالن سان پنهجا پرائيويٽ سينٽر قائم ڪيل آهن، جتي صرف اميرن جا ٻار ئي تعليم حاصل ڪن ٿا. استاد پنهنجي پرائيويٽ سينٽرن کي هٿي ڏيارڻ لاءِ وڏا وڏا رنگين ۽ پرڪشش پينا فليڪس شايع ڪرائي ميڊيا تي هلائين ٿا ۽ شهرن جي مختلف چوڪن ڀتين ۽ ڪاروباري هنڌن، ادارن ۽ دڪانن تي چنبڙائين ٿا ۽ معاشري کي محسوس ٿا ڪرائين ته اسان جي سينٽرن تان هيترا ڪي هيترا ٻار ڊاڪٽر ۽ انجنيئر ٿيا آهن. انهيءَ جي ڀيٽ ۾ سرڪاري اسڪولن ۽ ڪاليجن مان ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ ٻار پنهنجي محنت تي ڊاڪٽر يا انجنيئر ٿئي ٿو ته انهيءَ جي محنت کي نه معاشرو، نه ادارو، نه استاد، نه ميڊيا مٿي کڻي ٻين لاءِ اتساھ پيدا ڪرائي ٿي. جيترو پرائيويٽ ٻار کي مانُ ڏنو وڃي ٿو! ايم. ايڇ پنهور شايد اڄ زنده هجي ها ته وڏي ڌام ڌوم سان انهيءَ ناانصافي تي قلم ضرور کڻي ها! استاد چوي ٿو ته مان پنهنجي ڪاليج جي ڊيوٽي ۽ ڪلاس باقاعدي وٺان ٿو، پر رزلٽ سرڪاري اسڪولن ڪاليجن کي اها ڇو نٿي ملي جيڪا سندن سينٽرن کي ملي رهي آهي، انهيءَ جا ڪهڙا سبب آهن؟ ڪنهن کان ڳجهو ڪونهي. ايم. ايڇ پنهور جي مذڪوره مرتب ڪيل ڪتاب ۾ جيڪي سندس مقالا ۽ مضمون شامل ڪيل آهن تن ۾ هڪ پهلو تعليم بابت به آهي. مرحوم پنهور صاحب جي تحقيقي ڪم کي ڏسي اهو پڻ چئي سگهجي ٿو ته هُو هڪ حق گو محقق هو، جنهن حق ۽ سچ چوڻ کان ڪونه ڪيٻايو آهي. پنهور صاحب لاشڪ پنهنجي حياتي کي علم پرور عالم جي حيثيت ۾ سفر ڪيو آهي. هن هڪ هنڌ ويهي ڪم ڪرڻ بدران ٻاهرين ملڪ ۾ پڙهيو ۽ اتان جي تعليمي نظام ۽ نصاب جو ڀرپور مشاهدو، مطالعو ۽ تجربا حاصل ڪيائين، جيڪو سندس مضمونن ۽ مقالن جي دلچسپي مان ظاهر ٿئي ٿو. پاڻ چئي ڏنائين ته آمريڪا ۾ علم سنڌ کان وڌيڪ نه هو. اسان جو خيال آهي ته انهن قومن پاڻ کي گهڻو پوءِ سڌاريو سنواريو ۽ پنهنجي قوم سان سچائي ڏيکاري ته سڌري پيا. پنهور صاحب اهو به چيو آهي ته ڪتاب ۽ سفر منهنجا رهنما رهيا آهن. سنڌ جي تعليم تي انتهائي ڏکارو نظر اچي ٿو. مذڪوره ڪتاب جي مطالعي مان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته هن ڪتاب جي موضوعن ۾ منظم ڪاپيءَ جي شروعات ڪڏهن ٿي، 1970ع جي شڪست کانپوءِ ڇا ٿيو؟ نصابي ٻوليءَ تي ايوب خان ڇا ڪيو؟ ٻوليءَ جي مقابلي ۾ انڊيا ۾ ڇا ٿيو؟ انگريزي نه رهي ته سائنس به نه رهي! نوجوانن جو محنت ڏانهن رويو، يونيورسٽيءَ ۾ ٿيسز ڪيئن ٺهي ٿي؟ منهنجي پهرين نوڪري، سائنس ۽ اسان جو اولاد، دنيا جون 100 عظيم شخصيتون، آمريڪي سماج ڇا ڪيو؟ پاڪستان ۾ ڇا ٿيندو آهي؟ مون ڇا ڪيو، ڪيئن ڪيو؟ تعليم جي تباهيءَ جا ڪارڻ، ڪاپيءَ لاءِ ننڍيون چوپڙيون ۽ ڪارتوس، سنڌ جي يونيورسٽين ۾ شاگرد فرسٽ ڪلاس ڪيئن بڻجن ٿا؟ انگريزن جي دور ۾ پڙهائڻ جو طريقو وغيره جو ذڪر ملي ٿو. مرحوم پنهور صاحب جو هڪ مضمون ”ڇا سنڌ ۾ تعليم جو سرشتو، سائنسدان پيدا ڪري سگهندو“ هڪ اهم عنوان آهي، جنهن ۾ ننڍا ننڍا عنوان به رکيل آهن جن تي پنهور صاحب مختصر پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو آهي. اسان سندس ڪتاب ۾ موجود هڪ مضمون ”عظيم ممبئي يونيورسٽي“ جو ذڪر ڪريون ٿا جنهن ۾ پنهور صاحب ممبئي يونيورسٽي ڪيئن ٺهي ۾ لکي ٿو ته: ”1856ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني برٽش انڊيا جي ٺاهيل ٽن ڊويزنن بينگال، مدراس ۽ ممبئي ۾ يونيورسٽيون ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو. انهن ٽنهي ڊويزنن کي هڪ صلاحڪار ڪائونسل هوندي هئي جنهن جو گورنر صدر سڏبو هو ۽ انهن ڊويزنن کي سندس نالي پٺيان ”پريزيڊنسي“ ڪوٺيو ويندو هو. فيصلي پٽاندڙ 24 جنوري 1857ع تي ڪلڪتو يونيورسٽي، 18 جولاءِ 1857ع تي ممبئي يونيورسٽي ۽ 15 سيپٽمبر 1857ع تي مدراس يونيورسٽي جو بنياد وڌو ويو.“ (پنهور: 2017: 365)، انهيءَ کانپوءِ ڪن ڪاليجن جو بنياد پڻ رکيو ويو. مذڪوره موضوع ۾ به جيڪي ننڍا ننڍا عنوان مختصر وضاحت هيٺ رکيا ويا آهن سي آهن: شاگرد ڪهڙا سبجيڪٽ پڙهندا هئا، ممبئي يونيورسٽي جو معيار، ممبئي ٽيڪساس جو تعليمي جائزو ۾، پنهور صاحب ٽيڪساس جي. اي. اينڊ. ايم ڪاليج ۾ سکيا جا ڪي تجربا بيان آهن. مضمون جي آخر ۾ پنهور صاحب لکي ٿو ته: ”مون کي چوڻ ڏيو ته اسان هاڻي اهڙي تعليم سان ڪڏهن به سائنسدان پيدا ڪري نه سگهنداسين.“ (پنهور: 2017: 370)، انهيءَ کانپوءِ ڪتاب جو ڀاڱو ٽيون: جنهن جو مکيه موضوع آهي ”شخصيتون ۽ تقريرون“ هن ڀاڱي ۾ سڀ کان پهرين، ”پير حسام الدين راشدي-هڪ مثالي تاريخدان“ جي ذڪر سان ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ پير صاحب سان شناسائي ۽ سندس تاريخي ڪم جو اعتراف ڪيو اٿس ان بابت پنهور صاحب لکي ٿو ته: ”حسام الدين تي تنقيد ڪئي ٿي وڃي ته پاڻ يورپ جي لکندڙن جي باري ۾ احتياط نه ڪيائين. انگريز، ڊچ، فرينچ ۽ پورچوگيز، هند ۽ سنڌ ۾ آيا ۽ هتي جي باري ۾ گهڻو ڪجھ لکيائون. ان ريت ننڍي کنڊ جي واپار، اقتصاديات ۽ ڪاروباري سرگرمين بابت توڙي سنڌ جي هنرن جي باري ۾ يورپي لکندڙن گهڻو مواد ڇڏيو آهي، پر حسام الدين راشدي پنهنجي تحقيقي ڪم ۾ انهن کي نظر انداز ڪيو آهي.“ (پنهور: 2017: 376)، مختلف نقادن جي انهيءَ تنقيدي راءِ جي جواب ۾ پنهور صاحب رقم ٿو ڪري ته: ”ويهين صديءَ جو آخري اڌ، ڪنهن به مضمون ۾ مهارت(Specialization)  جو دور آهي. ان پسمنظر ۾ ڏسجي ته حسام الدين، عنوانن جي چونڊ بعد، انهن بابت بهترين ڪم ڪيو. ان ڪري رڳو ملڪ ۾ نه پر ٻاهرين دنيا جي مستشرقين ۾ به هن جو نالو ٿيو ۽ انهن مان ڪجھ ته سندس بهترين دوست بڻيا، جي هن جي زندگيءَ جي آخر تائين تعلق قائم رکندا آيا.“ (پنهور: 2017: 377)، اهڙي طرح جنهن ٻي شخصيت جو ذڪر ڪري ٿو، سو آهي محمد ابراهيم جويو-سيڪيولر سنڌ جي ماڊرن علامت جي عنوان سان جنهن جي ڪيترن ئي ڪمن ۽ ڪارگذارين ۽ سندس ترجمن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. ٽئين شخصيت بابت جنهن جو عنوان آهي ”عبدالله جي ميمڻ-وفات کان هڪ ڏينهن اڳ“ ۽ ٻين موضوعن ۾ اعزازي مهمان جي تقرير ۽ صدارتي تقرير پڻ ڀاڱو ٽيون جا عنوان آهن. مذڪوره ڪتاب ۾ ڀاڱو چوٿون ۾ مکيه عنوان آهي: ڪتابن تي لکيل مهاڳ ۽ تبصرا سڀ کان اول تاريخ مظهر شاهجهاني جي پيش لفظ بابت تبصرو پيش ڪيو ويو آهي. پنهور صاحب لکي ٿو ته: ”مظهر شاهجهاني سنڌ جي سترهين صديءَ واري شروعاتي دور جو ڄڻڪ هڪ گزيٽيئر آهي، جنهن ۾ انتظامي سرڪاريون، پرڳڻا، شهر، ڳوٺ، رستا، قبيلا، فصلن جا قسم، محصولن جا انگ اکر، عوام ۽ حڪومت جا هڪٻئي سان لاڳاپا وغيره بيان ڪيل آهن.“ (پنهور:2017:409)، محمد حسين پنهور صاحب مذڪوره ڪتاب جو جائزو پيش ڪندي انهيءَ کي الف-انتطامي يونٽ ۽ ب-شهرن ۽ ڳوٺن جي نالن جي جاگرافيائي ڏسڻي پيش ڪئي آهي.

الف-سترهين صديءَ ۾ سنڌ جا انتظامي يونٽ:

مذڪوره عنوان ۾ بکر سرڪار جي اٺن پرڳڻن جو ذڪر ڪيو ويو آهي ته بکر سرڪار جي ساڄي ڪپ تي ٽي پرڳڻا 1. جتوئي پرڳڻو 2. چانڊڪا پرڳڻو 3. ٽڪر پرڳڻو هو. کاٻي ڪپ تي 1. ماٿيلو پرڳڻو 2. اروڙ پرڳڻو 3. فتح پور پرڳڻو 4. ڪاڪڙي پرڳڻو 5. درٻيلو پرڳڻو هو.  اهڙي طرح ڪتاب ۾ هڪ اڻ چٽو نقشو ڏنل آهي، جنهن مان ڪجھ واضح نٿو ٿئي. اهڙيءَ طرح ٺٽي سرڪار جي چئن پرڳڻن جو ذڪر ڪيل آهي. سيوهڻ سرڪار جي نَون پرڳڻن جو ذڪر ڪيو ويو آهي.

ب-جاگرافيائي ڏسڻي ۾ ڪن تاريخي شهرن جو ذڪر ڪيو ويو آهي.

اهڙيءَ طرح هينري ڪزنس ۽ آثار قديمه جي عنوان ۾ سڀ کان اول هينري ڪزنس جو مختصر تعارف ڏنو ويو آهي ۽ سندس تحقيق جي ڪن رپورٽن ڪتابن جو تعارف ۽ معلومات ڏني وئي آهي. اهڙيءَ طرح سنڌ جي فتح تي مجموعي تاثر پيش ڪيو ويو آهي. سرجيمز آئوٽرام جو مختصر سوانح خاڪو 1843ع ۾ برطانيا پاران سنڌ جي فتح جي اڻٽريت، ٽيڪنالاجيءَ جو خال، ڳجها جائزا ۽ مذڪوره ڀاڱي جو آخري مضمون آهي ”ڪلهوڙا دور-هڪ اڀياس“ انهيءَ کانپوءِ ڀاڱو پنجون: جنهن جو عنوان آهي: سنڌو درياءَ، پاڻي، ٻوڏون. هن ڀاڱي ۾ سڀ کان پهريون عنوان آهي ”لاڙڪاڻي ۽ دادو ضلعن ۾ برساتن جون تباھ ڪاريون: ڪارڻ ۽ تجويزون جيڪو اڍائي صفحن جو مضمون آهي. اهڙي طرح ”سنڌ جي ڪوهستاني علائقن ۾ واقع چشما جنهن ۾ ايڪونجاھ چشمن ۽ جاءِ وقوع بابت معلومات ڏني وئي ته اُهي چشما ڪهڙين جاين تي آهن جا هڪ وڏي تحقيق آهي. سنڌوءَ جي ڇوڙ وارو علائقو، انڊس ڊيلٽا جي دنيا جي ٻين ڊيلٽائن سان ڀيٽ، سنڌوءَ جي ڇوڙ وارو علائقو، سامونڊي چاڙھ، سنڌ ۾ پاڻيءَ جو مسئلو: اثر ۽ نتيجا جي عنوان سان هڪ مکيه مضمون آهي. جنهن ۾ ننڍا ننڍا عنوان هن طرح جا آهن: ٻيلن جو خاتمو، تمر جي ٻيلن جي تباهي، سمنڊ جو مٿي چڙهڻ، سامونڊي پٽيءَ واري زمين جو نقصان، سنڌوءَ جي پاڻيءَ ۾ گدلاڻ، ڍنڍن ۽ ترائين واري زمين جي تباهي، زراعت جا مسئلا، پيئڻ لاءِ نامناسب پاڻيءَ جي فراهمي، سماجي مسئلا، صحت جا مسئلا، ثقافتي ورثي کي خطرا، سنڌو تهذيب جو موت، پاڪستان جو مستقبل ۽ حاصل مطلب مضمون جا اهم جزا آهن. سنڌ ۾ آبپاشي نيڪر ۽ ٻوڏ جي سرشتي جي تاريخ پڻ پنجين ڀاڱي جو آخري مضمون آهي، جنهن ۾ اٺاويهن انگن اکرن جي روشنيءَ ۾ موضوع جي مقصد کي سمجهايو ويو آهي. مقالي جي آخر ۾ لکيو ويو آهي ته: ”نوٽ: هي مقالو پنهور صاحب جي انگريزي ليک ”دي هسٽري آف اريگيشن ڊرينيج اينڊ فلڊ مئنيجمينٽ ان سنڌ“(The History of Irrigation Drainage and Flood Management in Sindh) جو ترجمو آهي. مذڪوره ڪتاب جو ڀاڱو ڇهون: پنهور صاحب کان ورتل چئن انٽرويوز تي مشتمل آهي. پهرين انٽرويو جو عنوان آهي: ”سنڌ جو راجا ڏاهر دلير هو ۽ جئي سين جنگي حڪمت عمليءَ جو ماهر هو“ انٽرويو ڪندڙ آهڻ، انعام شيخ، همفسر گاڏهي، سندن پهريون سوال آهي ته ”سائين هينئر تائين گذاريل زندگيءَ بابت ڪجھ ٻڌايو؟“ انهيءَ سوال جو جواب ڏيندي پنهور صاحب چوي ٿو ته: ”مان ابراهيم ڪڇي ڳوٺ ۾ جنم ورتو جيڪو ڦلجي ۽ پياري ڳوٺ جي وچ تي آهي. پرائمري تعليم به پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪيم. ان زماني ۾ وڏيرا ڪنهن کي به پڙهڻ نه ڏيندا هئا، ليڪن منهنجو والد ۽ مامو جيڪي خلافت تحريڪ ۾ سرگرم هئا، مون کي پڙهائڻ جو ذمو کنيو، حالانڪ ٻنهي جا پيئر ملان هئا. کين به سندن والدين انگريزي پڙهڻ نٿي ڏني ۽ خلافت تحريڪ ۾ سرگرم هئڻ ڪري چيائون ته انگريزي پڙهڻ گناھ آهي.“ (پنهور:2017: 509)، پنهور صاحب چوي ٿو ته اڳتي هلي سندس غريب خاندان ۾ اهو احساس جاڳيو ته ڪاش اسين پڙهي ڪا نوڪري حاصل ڪريون ها ۽ انهيءَ احساس ۽ پڇتاءُ جي ڪري انهن فيصلو ڪيو ته آئنده ٻارن کي انگريزيءَ جي تعليم ڏياري ويندي. انهيءَ ڳالھ تي عمل ڪندي ”منهنجي والد مون کي هاءِ اسڪول ۽ انٽر تائين پڙهايو. ان کانپوءِ 1942ع ۾ ٻوڏ آئي اسان جو سمورو ڳوٺ تباهه ٿي ويو، ٻه ٽي فصل نه ٿي سگهيا، مطلب ته 42 کان 44ع تائين مڪمل ڏڪار رهيو.“ (پنهور: 2017: 509)، انهيءَ ٻوڏ ۾ پنهور صاحب جو گهر ۽ زمين به متاثر ٿي ۽ فصل وغيره آباد نه ٿيڻ ڪري سندس پڙهائيءَ ۾ رڪاوٽ اچي وئي. تنهن کانپوءِ، سندس مامي حڪيم محمد صالح پڙهائيءَ جو ذمو کنيو. هندو سيٺ به حامي ڀري ۽ سندس مامي کي وياج تي قرض ڏنو ۽ انهيءَ پئسن تي پنهور صاحب پڙهندو رهيو ۽ پوءِ اسڪالرشپ به مليس. اهڙي طرح ڇهون درجو ميهڙ مان پاس ڪرڻ کانپوءِ مئٽرڪ لاڙڪاڻي مان ڪيائين، جنهن ۾ هُو سڄي سنڌ ۾ پهريون نمبر آيو. سرڪار جي اسڪالرشپ ٿيڻ کانپوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ مان بي اِي(B.E)  ڪيائين تڏهن به يونيورسٽيءَ ۾ پهريون نمبر آيو. سنڌ سرڪار اهڙي ڪارڪردگي ڏسندي کيس وڌيڪ اسڪالرشپ ڏني، ان کانپوءِ آمريڪا وڃي ٽي سال پڙهي آيو. هن انٽرويو ۾ پنهنجي تعليم کان نوڪري، ٻڌ ڌرم، راجا ڏاهر جي شڪست، کان ويندي ڪيتريون ئي اهم ڳالهيون ۽ معلومات ذڪر هيٺ آنديون آهن. هُو سنڌ جي هندن بابت پڇيل سوال جو جواب ڏيندي چوي ٿو ته: ”سنڌ جا هندو قطعي طور تي متعصب نه هئا، اهي ته صوفي هئا، شاھ، سچل، قلندر شهباز، زنده پير، پير پٺي تي به حاضريون ڀريندا هئا، شاھ لطيف تي به پهريون ڪم هندن ڪيو هو.“ پنهور: 2017: 515)، راجا ڏاهر واري شڪست کانپوءِ واري صورتحال تي ڳالهائيندي چوي ٿو ته: ”ان وقت آبهوا خراب هئي، ماحول ان وقت به اڃان خراب ٿيو جڏهن سنڌي عرب گورنرن سان وڙهيا. هتي 42 عباسين جا گورنر آيا. معنيٰ ته اڍائي سال هڪ گورنر رهيو. 14 کن گورنر بنو اميه جا آيا هئا، انهن 28 سال حڪومت ڪئي. هر ٻن سالن کانپوءِ گورنر مَٽبو رهيو، پر ان وقت غربت وڌيڪ هئڻ ڪري ماڻهن بغاوت ڪئي، ٽيڪس ادا نٿي ڪيائون ۽ گورنرن سان باقاعدگيءَ سان وڙهيا، انهيءَ ويڙھ ۾ ڪيترا گورنر مارجي به ويا، ليڪن اهي بک ۽ بدحالي تي ضابطو نه آڻي سگهيا. ان کانپوءِ گرمي آئي، موسم ۽ آبهوا ۾ ڦيرو آيو، ندي رخ ڦيرايو، ماڻهو آسودا ٿيا، اهو قصو 850ع کان شروع ٿيو.“ (پنهور: 2017: 515، 516)، اهڙي طرح پنهنجي جوابن ۾ مخدوم بلاول، قاضي قاضن، حيدر شاھ ثنائي، مهدي جونپوري جا مثال ڏنا آهن. ڪالا باغ ڊيم، ايم. ڪيو. ايم، ڄام صادق علي، شيخ اياز، سنڌ ۾ پاڻي جو مسئلو، ٻاهرين ماهر انجنيئرن، ٺيڪيدارن ۽ نون اوزارن جي گهرج بابت دل کولي هرهڪ شخصيت، واقعي کي نروار ڪيو اٿس. اهڙي طرح سنڌ ڏانهن ايندڙ ميمڻ ڪاٺياواڙي، ڪڇي ۽ گجراتي هندو هندستان مان لڏي سنڌ اچن ٿا، سي هتي واپار سانگي اچي قبضو ڄمائين ٿا، انهن جي اچڻ سان چوي ٿو ته مڪاني ماڻهو دربدر ٿي وڃي ٿو. اهڙيءَ طرح ڪتاب ۾ هڪ ٻيو انٽرويو شامل آهي، جنهن جو عنوان آهي: ”نواز شريف ۽ سنڌي ڪير ٿيندا آهن؟ آرمي چاهيندي ته مارشلا لڳائي، ڪالاباغ ڊيم ٺاهي“ هي انٽرويو ڪيو آهي: ادريس جتوئي ۽ تاج جويي. هي انٽرويو ڪتاب جي صفحي 525 کان 545 تائين مشتمل آهي. سندس ٽئين انٽرويو جو عنوان آهي: ”سنڌين جو الميو اهو آهي ته سندن سياسي ساورنٽي تاريخي طور جٽاءُ دار نه ٿي رهي آهي“ انٽرويو وٺندڙ آهن: جامي چانڊيو، ذوالفقار هاليپوٽو، خادم ابڙو، امام علي ڏيٿو. هن انٽرويو ۾ کانئس انٽرويو ڪندڙن ڇويھ سوال پڇيا آهن، جيڪي مختلف پهلوئن تي مشتمل آهن. پنهور صاحب چوي ٿو ”موت کانپوءِ جي زندگي يا هيءَ دنيا ڪجھ به نه آهي، سڀ ڪجھ اڳين جهان ۾ آهي“ جهڙا جواب ڏنا آهن. اهڙا جواب ڏاڍا غور طلب آهن. ان کان علاوه پنهور صاحب پنهنجي تحقيقي ڪم بابت ٻڌايو آهي ته هُو اڄڪلھ ڇا ڪري رهيو آهي ۽ تاريخ بابت ڪهڙو ڪم ڪيو اٿس، قديم زماني کان وٺي بادشاهن، وزيرن ڇا ڪيو؟ زمينون به هيون عام ماڻهوءَ جي حالت ڇا هئي؟ سنڌ ۾ ڇا ٿي گذريو، سياست، تعليم، ٽيڪس جو نظام ۽ گورنمينٽ ڪيئن هلندي هئي، موهن جو دڙو، سنڌ جو مذهب، سنڌ جي سماجي نفسياتي ڪلچر بابت ٻڌايو ويو آهي. سائين جي ايم سيد جي ڪتاب ”نئين سنڌ لاءِ جدجهد“ ۽ ”جنم گذاريم جن سين“ جي حوالي سان ڪي ڳالهيون ڪيون ويون آهن ته اُهي ڪتاب ڪنهن لاءِ لکيا ويا آهن. اسان جي جائزي هيٺ رهندڙ هڪ ضخيم ڪتاب آهي ۽ وڏو مواد رکي ٿو. هن ننڍڙي مضمون ۾ سمورين ڳالهين جو جائزو وٺڻ انتهائي مشڪل آهي. ٽئين انٽرويو جو جيڪو آخري سوال کانئس پڇيو ويو، سو هي آهي ته ”پنهنجي زندگيءَ مان مطمئن آهيو؟“ اُن جو جواب ها ۾ ڏيندي چيائين! ”مون زندگي سجائي ۽ ڪارائتي گذاري آهي. سڀاڻي مري ويس ته ارمان نه ٿيندو.“ (پنهور: 2017: 561)، اسان پنهنجي جائزي کي مختصر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر نصيحت ڀرين ڳالهين اڳيان اچڻ ڪري دل ڪونه ٿي چوي جو کڻي ڳالهيون مختصر ڪجن. مذڪوره ڪتاب جي چوٿين ۽ آخري انٽرويو جو عنوان آهي: ”ڪارپوريٽ ايگريڪلچر سنڌ خلاف خطرناڪ سازش آهي“ انٽرويو وٺندڙ آهن: ظفر جوڻيجو، روزينه جوڻيجو ۽ مهراڻ ملاح هن انٽرويو ۾ پهريون سوال سندس ننڍپڻ ۽ شروعاتي زندگي بابت پڇيو ويو آهي ۽ ٻيو سوال سندس وندرن ۽ مشغلن بابت آهي ۽ اهڙي طرح ٻيون سرگرميون، انهيءَ کانپوءِ جيڪو سوال پڇيو ويو آهي اهو آتم ڪٿا بابت آهي. مطلب ته مذڪوره انٽرويو ۾ سندس زندگيءَ جي جهلڪ پسائي وئي آهي. استاد، اڀياسي ڪتاب، سنڌ، پسنديده مضمون، شادي ڪڏهن ٿي، اولاد بابت، ٻي شادي، حسن جو تصور، ورهاڱو، سڀ مهاجر ڀلا سنڌ ۾ ڇو آيا؟ سنڌ تي ڪهڙا اثر پيا؟ سائين جي. ايم سيد ۽ سندس ملاقات ٿيڻ بابت، مرزا قليچ بيگ سان ڏيٺ ويٺ بابت، پير حسام الدين راشدي سندس نظر ۾ محمد ابراهيم جويو، شيخ اياز بابت، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ بابت، رسول بخش پليجي بابت، پسند جي فلمن بابت، اداڪار ۽ اداڪارائن جي پسندگي بابت سوال پڇيا ويا آهن. آخري ٻئي سوال نهايت ئي اهم آهن، جيڪي تعليم جهڙي اهم شعبي سان تعلق رکن ٿا ۽ پنهور صاحب انهن ٻنهي سوالن جا جواب به ڏاڍي مثبت انداز ۾ ڏنا آهن ۽ ڪتاب پورو ٿي ٿو وڃي.

جائزي جو نتيجو: مجموعي طور ڪتاب جي جائزي مان جيڪو نتيجو آڏو آيو آهي ته ايم. ايڇ. پنهور جي مضمونن ۽ مقالن ۾ ڪتاب جو عنوان ”سنڌ شناسي“ ۾ سنڌ جي قديم تاريخ جي عميق ۾ جهاتي پائي نهاريو ويو آهي. پنهور صاحب ان لاءِ سنڌ جي فطرت جي عين مطابق مطالعو پيش ڪيو آهي. سنڌ ڪهڙي طرح طبعي طور پنهنجي بقا خاطر جيڪو صدين جو سفر طئي ڪري جنهن حالت ۾ پنهنجي اصل نالي سميت پاڻ کي قائم رکيو آهي. مذڪوره ڪتاب سنڌ شناسي جي تاريخ تي بنيادي ماخذن ۾ حوالي طور پهرين درجي جي دستاويز جو درجو رکي ٿو.

 …(پورو ٿيو)…