ادب

ڊائري جا ورق

سياري جي ٿڌين هوائن ۾ اڏامندڙ سنيها اڌ پنڌ ۾ راھ ڀلجيو وڃن..!!

***

هن سخت سردين ۾ اهي انيڪ خاندان به سيءُ جو شڪار ٿيندا هوندا جيڪي ٻوڏ جي ڪري پنهنجا اجھا وڃائي چڪا آهن.

***

سيارو ۽ برسات ٻئي هڪڙي ملاقات سان ڪڙڪي لهن ٿا ته انيڪ هڏاوان پڃرا تڙپن ٿا پوءِ سخت سردي جي ڪري يا ته وري ياد جي وير جي ور چڙهندي…!

***

ٿڌين هوائن جي آڌار تي هيل ڪنهن خوشنصيب اڱڻ تي ڳيچ ڳائبا ۽ ڳانا ٻڌبا ته دهل تي ناچ سان رانديون ٿينديون.

***

خاص ڪري سرد مزاج موسمن ۾ ميندي جا گل خوبصورت ڏيک ڏئي خوشين جا احساس ڏيارين ٿا ته ويڙها وسندا رهن.

***

سنڌ جي سر زمين تي سياري جي ننڍي ڏينهن دوران ٻڌل موڙ ۽ ڊگهين راتين ۾ ڊگھا ٽهڪ اکين تي اوجاڳن جا انبار آڻين ٿا.

***

پوڙهي پيءُ جي جهور چهري ۾ پيل سَرن ۾ به سندس پٽ جي موڙ ڏسڻ سان مُرڪن جا گلاب ٽڙن ٿا، دعائن جون جھوليون ارپين ٿا.

***

سرد راتين ۾ اڻيل احساس به خيالن جي اڏار کي وسيع دائري جا جهان گهمائيندي ٿڪڻ کان ڏور رکن ٿا.

***

ڏينهن ۽ نينهن سياري جي ساروڻين ۾ سدا بهار ٿي رهجي ويندا آهن..!!

***

اتر واءُ ڪڻڪن لاءِ لاڀائتا ٿيندا آهن مگر هيل ٻوڏ ۾ ٻڏل زرخيز زمين جو درد ڀلا انهن ڌڻين کان سواءِ ٻيو ڪير ڄاڻي…!

***

سياري جا سرد ڏينهن يادگيري جي درد سان مسافري جي دڳ تي دريا جيان روان دوان احساس سارڻ جهڙا آهن…!

***

سيارو پکين کي به پنهنجي وطن کان سڏي ڏور پريت سان نڀائڻ جيان ڊگهي مسافري ڪرائي ٿو.

***

هيلوڪي سياري کوڙ ساريون خوشين جون کينچليون ته ڪٿي غمن جا پهاڙ ڪيرائي هوڏ جي ھُلر سان ڪوڏ جا پنڌ ڳچ سارا کٽائي سندس منزل ڏانهن مهاڙ ڪئي آهي.

***

سيارا ۽ اونهارا موسم نالي سان پيا مٽبا آهن مگر سنڌ جون موجون سنڌو جي پاڻي سان مچنديون آهن، ڪاش وقت تي پلٽي پئي…!

***

هل ڙي ڇا ته وقت هو جڏهن هاڪڙي ندي جي ھاڪ هئي…!

هن ٺرندڙ رات ۾ ٻرندڙ باھ تي ڪٿي مينديءَ رتا هٿ ته ڪٿي وري هٿين لال لڦون بڻيل تريون به سيڪڻ جي مشغولي سان ڊگهي سوچ ۾ ڪونج اڏار ٿينديون هونديون…!

***

اوچي حويليءَ جي ديوار ۾ قيد وجود لاءِ ڪهڙا سيارا ۽ ڪهڙا اونهارا مگر جهوپڙي جا ڌڻي انهي حساس احساس سان جيئڻ جو جتن هر حال ۾ ڪندا هوندا…!

***

سال پڄاڻان سيءُ پنهنجو مارڳ ڪڏهن ناهي ڀلائيندو ۽ نه ئي وري مٽائيندو…!

***

سيارا به سرحدون اورانگھي، نيٺ پنهنجي ديري تي اچي سخت سردي جون ڌمالون مچائيندا رهندا آهن…!

***