آغا سليم جي ياد ۾
آغا سليم سنڌي ادب جو هڪ روشن ستارو، هڪ ليکڪ، ناول نگار، ڊراما نويس ۽ شاعر هو. هو بنيادي طور تي هڪ فڪشن رائٽر هو. کيس سنڌي ٻوليءَ جي ڪتابن جو اردو ۽ انگريزي ٻولين ۾ ترجمو ڪرڻ جو به اعزاز حاصل آهي، جنهن ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو رسالو به شامل آهي. جيڪو 81 سالن جي ڄمار ۾ 12 اپريل، 2016 تي اسان کان جسماني طور تي وڇڙي ويو. سندس شاعريءَ جي مجموعي پن ڇڻ ۽ چنڊ مان امداد حسيني جي لکيل مهاڳ مان هڪ حصو هتي پيش ڪجي ٿو.
پهريون ٽيپو نور جو
اي مـــــوت! مـــــــان نـــه مـــرنــــدس
صـورت ڪــنـهــن ٻيءِ ۾ جــيــئـنـدس
جـــنـــهـن وقــــت چــنـــڊ کِــــڙنــــدو
ڪـــنـــهـــن دل ۾ پـــيـــار ٽِـــــڙنـــدو
مــــــان دل جــــــي ديــــــولــــيــــن ۾
ڪـــــو گــــهــنـــڊ بــڻــجي گُــڙنــدس
تـــــــارن جــــــــي روشـــــنــــيءَ ۾
پـــن ڇـــڻ جـــي چـــانــــڊوڪــــيءَ ۾
مـــــان گــــيــــت بـــڻـــجي گُـــونــجان
اُتـــــر ۾ جـــــنءَ ته ڪُــــــونـــجــــــان
(ڀرم)
”منهنجي مرڻ کانپوءِ مون تي لکجائين!“ آغا سليم، الاءِ ڪهڙي پور ۾، ائين چيو هو مون کي! ائين هن سحر کي به چيو هو، ٿي سگهي ٿو ٻئي ڪنهن کي به اهو چيو هجيس! کيس ڪهڙي ورندي ڏني هئم؟ ياد نه آهي! ٿي سگهي ٿو ته کيس اهو چيو هجيم ”تون ڪڏهن مري نٿو سگهين!“ ۽ ان تي هن وڏو ٽهڪ ڏنو هوندو! يا اهائي مخصوص مُرڪ مُرڪيو هوندو! سندس ڪنهن ڪهاڻي ۾ آهي يا هن پاڻ اهو ٻڌايو آهي ته، هڪ گهر ۾ چور گهڙيا. ان گهر ۾ هڪ ٻار به هو، چورن هٿان ان ٻار جي چپن تي هڪ زخم لڳو، جيڪو پوءِ ڇُٽي ته ويو پر وڏي ٿيڻ کانپوءِ به ان جو نشان رهجي ويو ۽ هر سمئي ائين لڳندو هو ته ڄڻ اهي چپ مُرڪي رهيا هجن! آغا سليم به مُرڪندو رهندو ڏٺم. اڄ به، هن پل ۾ به هو سامهون صوفه تي ويٺو مُرڪي رهيو آهي، اُهائي مخصوص مُرڪ! مان ان کي گوتم جي مُرڪ سان نه ڀيٽيندس، بلڪه ان کي آغا سليم جي مُرڪ ئي چوندس. مان سامهون ويٺل آغا سليم جي مُک ڏانهن ڏسان ٿو. هن جي چپن تي اها ئي مُرڪ آهي، پر سندس چپن تي زخم جو ڪو به نشان ناهي! ته ڇا اها مُرڪ ڪنهن اندر جي زخم جو عڪس آهي؟ اهو ڪهڙو زخم آهي!

