جهانِ گُل جو ادبي جائزو
سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪي تمام ٿورا ڪتاب آهن جن مان تاريخ ۽ ادب جي خوشبو اچي رهي آهي. اهڙن انمول ڪتابن ۾ ”جهانِ گُل“ به هڪ اهڙو ڪتاب آهي جيڪو علمي ۽ ادبي حوالي سان منفرد ۽ نمايان حيثيت سان نروار ٿيو آهي. مذڪوره ڪتاب ادبي خطن ۽ ڪالمن جو هڪ جامع ۽ معلوماتي مجموعو آهي جنهن ۾ گذريل توڙي هاڻوڪي دور جي ڪن اهم علمي ادبي شخصيتن جي ڪيل تحقيقي ۽ تخليقي ڪارنامن کي اجاگر ڪري پيش ڪيو ويو آهي. اهي تاريخ ساز شخصيتون ڪنهن به رسمي تعارف جون محتاج ڪونهن. گل محمد عمراڻي انهن علمي ادبي شعبن جي ماهرن کي پنهنجي ادبي خطن ۽ ڪالمن ۾ ياد ڪري تن جي ڪن اهم تصنيفات ۽ تنقيدي ڪمن جو ذڪر ڪيو آهي. مذڪوره ڪتاب جو جيڪڏهن فني ۽ فڪري حوالي سان جائزو وٺي هڪ هڪ ڳالھ کي غور فڪر سان پرکيو ۽ پروڙيو وڃي ته انمول خزاني مان وڏي معلومات ملي وڃي ٿي. ڇاڪاڻ جو جهانِ گُل جي ليکڪ جنهن طريقي سان پنهنجي مطالعي کي مستند بڻائيندي ڪيترن عالمن جي ڪم کي آڏو رکي ادبي خطن ۽ ڪالمن کي عنوان ڏئي ڪتابي صورت ۾ آندا آهن، سي سمورا خط ۽ ڪالم پنهنجي علمي ادبي خصوصيتن سان پڙهندڙن جو ڌيان ڇڪرائين ٿا. ڪتابي صورت کان اڳ مذڪوره ادبي خط ۽ ڪالم وقت به وقت شايع ٿيندا رهيا آهن، پر ڪي خط پڙهيا ويا ڪي رهجي ويا. سڀ کان وڌيڪ خوشي انهيءَ ڳالھ جي آهي ته، اهي خط ۽ ڪالم هن وقت پڙهندڙن کي ڪتابي صورت ۾ يڪجاءِ ميسر ٿي مليا آهن. ڪتاب ته روزانو شايع ٿين ٿا، پر معياري ۽ معلوماتي ڪتابن جو شايع ٿي پڙهندڙن تائين پهچڻ وڏي ڳالھ آهي. ”جهانِ گُل“ هڪ پڙهيل ڪڙهيل عالم جو اهڙو شهپارو آهي جنهن جي وسيع مطالعي ۾ علمي دنيا وسي رهي آهي. جڏهن به ڪو سٺو ڪتاب شايع ٿيندو آهي ته، اهو ڪتاب علم ادب سان دلچسپي رکندڙن وٽ بحث جو موضوع بڻجي پوي ٿو. تمام سرهائي جهڙي ڳالھ آهي جو ”جهانِ گُل“ جهڙو معياري ڪتاب سنڌ جي ادبي تاريخ جو حصو بڻجي رهيو آهي. مذڪوره ڪتاب ۾ لاتعداد خوبيون رکيل آهن. ”جهانِ گُل“ جو مصنف ڏاڍو کرو ۽ سچو آهي ڪنهن به ڳالھ کي هرڀرو وڌائي چڙهائي بيان ڪرڻ کي قومي گناهه سمجهندڙ آهي. جيڪا جنهن شيءِ جي اهميت آهي تنهن کي ان جي اصليت بابت ٻڌايو ويو آهي. آئون هت هيٺ ڪجھ خطن وارن موضوعن کي مختصر طور لکان ٿو: ”سنڌو ماٿر جي دريافت ڪيئن ٿي“، ”ڏکڻ ايشيا جي آثار قديمه جو باني“، ”سنڌي زبان جون اولين اشتقاقي لغتون“، ”جديد اردوءَ جي پهرين صوتياتي لغت“، ”جميل جالبيءَ جي قديم اردوءَ جي لغت“، ”مقدمه لطيفي جهڙو شاھ صاحب تي لکيل بنيادي ڪتاب ۽ ڊاڪٽر دائوپوٽي واري تمهيد“، ”فرهنگ تصوف هڪ اڀياس“، ”کرڙي جي جنگ“، ”مرزا قليچ بيگ جي هسٽري آف سنڌ“،”پهرين سنسڪرت اردو لغت“، ”علمي ۽ ادبي شخصيتن جي تنقيدي ادراڪ ۽ ادبي شعور“، ’شاهه جي رسالي تي ڪاڪي ڀيرومل جي معروضي تنقيد“، ”جيون چرتر“، ”وڏين عظيم شخصيتن جي زندگيءَ جو احوال“.”مرزاقليچ بيگ جي پهرين سوانح حيات“، ”علم انسان جو مطالعو“، ”اردو جي ادبي تنقيد“، ”شڪارپور جي صحافتي تاريخ“ مطلب ته رسالن، ادبي روايت، ترقي پسند ادب جي فلم آرٽ سان نسبت جي پرچار، ”آب بيتي“، ”آتم ڪٿا“، ”ادبي تاريخ“، ”ڪرشن چندر جي افسانن جو سماجي ادراڪ“، ”علمي ادبي شاهڪارن کان ويندي محققن جو ذڪر هجي يا ڀٽو ڪيس جي عدالتي ڪاروائي“، ”تاريخ سنڌ“ يا ”ڪوھ نور هيري جو ذڪر“، ”ادبي ميلن جي روايت“، ”سوانح ناول“، ”هندستان جي تاريخ اردو“، ”سنڌي، هندي ۽ انگريزي تحريرن جو ذڪر“، ”فيض احمد فيض“، ”اقبال“، ”مولانا آزاد“، ”الطاف گوهر“، ”اوشُو“، ”راڻي جوڌ ٻائي“، ”سنڌ جو وسري ويل انگريز عاشق“، ”ڪوثر نيازي“، ”استاد رائچند راٺوڙ سميت هرهڪ خط جو عنوان قيمتي معلومات سان آراسته ڪري لکيو ويو آهي. مذڪوره ڪتاب جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته، ليکڪ وڏي محنت ۽ جاکوڙ سان جيڪا جستجو ڪئي آهي ۽ پنهنجي مقصد جي ڳالھ چوڻ لاءِ ڪيترن ئي عظيم شخصيتن جي علمي ڪارنامن کي آڏو رکي مثال ڏنا آهن سي سڀ اسان لاءِ ڪارائتيون ڳالهيون سمجهڻ سکڻ ۽ پرائڻ جهڙيون آهن. گل محمد عمراڻي پنهنجي اصل ڳالھ ئي نهايت موثر نموني فهم ۽ فڪر سان گهڻو زور ڏئي مفهوم جي ادائگي سان هرهڪ شيءِ کي پيش ڪيو آهي. ڏسڻو هي آهي ته اهڙا قيمتي خط ۽ ڪالم ڪتابي صورت ۾ آڻڻ جي ليکڪ ضرورت ڇو محسوس ڪئي آهي؟ هت اهو به واضح ڪندو هلان ته، انسان جنهن مٽيءَ مان جنم وٺي ٿو، انهيءَ ڌرتيءَ جو وڏو قرضدار هوندو آهي ۽ انهيءَ قرض کي ڪنهن سمجهيو ۽ ڪهڙن ماڻهن سمجهيو آهي سا ڳالھ سمجهڻ جهڙي تهڙي جي وس جي ڳالھ ڪونهي. ڪيئي آيا ۽ ويا. ڪن انسانن اهڙو وکر وهايو جو پئي پُراڻو نه ٿيو. ڪن ڪَکُ ڀڃي به ٻيڻو نه ڪيو جو ٻين کي فائدو پوي پنهنجي پنهنجي حياتي گذاري هليا ويا. جيئري رهڻ واري فلاسافي ٿورن ماڻهن کي سمجھ ۾ ايندي آهي. جيئري رهڻ مان مراد منهنجي هت هي هرگز ڪونهي ته، سئو سال حياتي ملي ۽ پنهنجي سماج ۽ معاشري لاءِ ڪجھ نه ڪري وڃي ته حياتي اجائي وئي! انسان جتي پيدا ٿئي ٿو، انهيءَ ڌرتيءَ جو وڏو قرضدار هوندو آهي. وطن جي وڻن ٽڻ، ٻوٽن، انسانن کان ويندي جهنگلي جانورن سان به پيار ٿئي ٿو اها ئي ته وطن دوستي آهي. اهڙي حياتي ڪهڙي ڪم جي جو صرف بس کائي پي پيٽ جي پوڄا ڪري مري وڃجي. حياتي انهن انسانن جي ڪارائتي چئبي جن جو وجود قوم ۽ سماج لاءِ ڀلارو ثابت ٿي رهيو هجي. ڪير جيئي ٿو يا ڪير مري ٿو تنهن سان زماني جو ڇا وڃي؟ هڪڙا روز ڄمن ٿا ۽ مرن پيا زندگي ارتقا پذير آهي هي سفر هلندو رهندو. ڪن ڪن ماڻهن جو جيئڻ قوم جي معاملن سان سلهاڙيل هوندو آهي. اُهي ماڻهو جن سماج کي علم سيکاريو ۽ انهيءَ وسيلي فهم ۽ فڪر جي پيغام کي پنهنجي تقريرن، تحريرن ۾ عام ڪيو سي ئي ڪامياب انسان چئبا. جن عالمن علم جي شمع روشن ڪئي انهيءَ مان علم جا گوشا نروار ٿيا ۽ سماج انهن عالمن جي ڏنل شعور مان ادب، آرٽ، زراعت، آبپاشيءَ جا ذريعا ڪتب آندا ۽ پنهنجي مادي ذريعن جو پوراءُ ڪرڻ جا جتن شروع ڪيا. پاڻ کي وندارائڻ ۽ سڪون محسوس ڪرڻ لاءِ راڳ ناچ جون رسمون ۽ نوان نوان طور طريقا رواج هيٺ آيا آهن سي سڀ ڪوششون انسان جي صدين جي ڪاوشن جو نتيجو آهن. اڄوڪو زمانو جنهن ۾ پاڻ جيئون ٿا جنهن ۾ هزارن ماڻهن جون ايجادون ۽ زندگيءَ جا مشاهدا ۽ تجربا اڻ کُٽ علم جون شاخون جن جو ڪو انت بحر ئي ڪونهي، سي سڀ انساني عقل جي پيداوار آهن. هت هيٺ هڪ اهڙي علم و ادب سان سرشار گل جي ڳالھ ڪجي ٿي جيڪو رڳو نالي جو گل ڪونهي، پر هن ڌرتيءَ تي اهڙو گل ٿي اوڀريو آهي جنهن کي مٽ، مائٽ، دوست يار اوڙو پاڙو ۽ پوري علمي ادبي دنيا گل محمد عمراڻي جي نالي سان ڄاڻي سڃاڻي ٿي. گل محمد عمراڻي سنڌ جو هڪ سدورو فرزند آهي جنهن جي زندگيءَ ۾ ليئو پائڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته، سندس متحرڪ ڪردار علم جي ڳولا لاءِ مصروف عمل آهي. گل محمد پنهنجي ٻالڪپڻ کان جواني تائين وارو سفر ڏاڍي محنت ۽ پيار سان ڪيو آهي. هڪ محنتي شاگرد طور پاڻ مڃرائيندي پنهنجون منزلون طئي ڪندي ڪندي سرهاڻ پئي پکيڙي آهي. گل محمد عمراڻي لکي ٿو ته: ”مون گورنمينٽ ڪاليج ڦليلي مان انٽر سائنس بائلاجي ۾ ڪئي، پر پوءِ ايل ايم سي ۾ وڃڻ بدران ٻيهر سچل ڪاليج مان آرٽس ۾ انٽر ڪيم، جتي مون کي انگريزي جي استاد ايڊرين ڊاريٽ گواني اينگلو انڊين، جليل الدين احمد وٽ انگريزي پڙهڻ جو ڏس ڏنو ۽ چيائين ته تنهنجي اصل فيلڊ انگريزي ادب آهي، ميڊيڪل ناهي. جڏهن آئون ان جي چوڻ تي جليل الدين سان مليس ته، انهيءَ مون کي چيو ته ايڏي ڀلي انگريزي ڳالهائين پيو، انگلينڊ مان آيو آهين ڇا؟ مون چيو نه آئون حيدرآباد مان آيو آهيان. هن چيو ته پوءِ اهڙي سٺي انگريزي ڪيئن ٿو ڳالهائين؟ مون چيو آئون روزانو بي بي سي انگلش ٻڌندو آهيان، تنهن ڪري منهنجي انگريزي سٺي آهي، انگريزي شعبي ۾ پڙهڻ دوران امينا خميساڻي مون کي هڪ انگريزي رسالي جو ايڊيٽر بڻايو، جنهن جي ڇپائي لاءِ آئون ڪي ايم لاڙڪ سان ملڻ ويندو هئس، جتي منهنجي ملاقات طارق اشرف جي ساٿي ظفر حسن شاھ ۽ ان وقت اڳتي قدم مخزن جي ايڊيٽر مددعلي سنڌي سان ٿي، جن مون کي جديد سنڌي ادب جا ڪتاب پڙهائي قومپرستيءَ ڏانهن راغب ڪيو، جيڪڏهن مون کي انگريزي پڙهڻ وارو ڏس ڏيندڙ استاد ۽ مدد علي سنڌي نه ملي ها ته آئون ڪنهن مانجهند جي اسپتال مان ايم ايس جي حيثيت سان رٽائر ٿيان ها.“ (ڳالھ ٻولھ: چيتن مينگهواڙ) هن ڳالھ مان ثابت ٿئي ٿو ته، هن گل تي قدرت ۽ فطرت ڏاڍو مهربان رهي آهي، انهيءَ جو سبب هي آهي ته، گل محمد عمراڻي صاحب پنهنجي ڌرتي قوم لاءِ سوچيو آهي ته، پنهنجي ڌرتيءَ جي ماڻهن کي ڇا ڏجي؟ سٺا ڪتاب ڏجن جن ۾ دنيا جو علم ۽ شعور رکيل هجي انهيءَ شعور مان فڪر جا نوان نوان ساوا سلا اڀرندا رهن. هميشه ميويدار وڻ جي خوبي هوندي آهي ته، هو پنهنجي ميوي سان گڏ نياز نوڙت ۾ نظر ايندو آهي. ايڏي وڏي معلومات رکندڙ عالم جي نهٺائي ته، ڏسو! گل محمد عمراڻي لکي ٿو ته: ”سائين منهنجا! مان ڪو وڏو ودياوان يا مستند تاريخدان ۽ ناليوارو دانشور و عالم فاضل، اديب ۽ ليکڪ ناهيان. ڪتابن جي جهان سان ننڍپڻ کان عشق آهي. جنهن جي شروعات 1956ع کان پراڻن ڪتابن جي جهان: حسيني گلي، ريشم گليءَ کان وٺي مُڪتي گهٽي فقير جي پڙ حيدرآباد کان ٿي ۽ ان کان پوءِ ڪاليج ۽ يونيورسٽيءَ جي دور ۾ آزاد بُڪ ڊيپو صدر حيدرآباد… ڪراچيءَ ۾ ريگل چوڪ، آچربازار، اردو بازار، پاڪ آمريڪن بڪس ڪارپوريشن، ٿامس اينڊ ٿامس ۽ رائل بڪس. لاهور اسلام آباد، لنڊن ۽ ڪيليفورنيا يونيورسٽي ۽ بل آخر وڃي هاوَرڊ يونيورسٽيءَ تائين ڪتابن جي بي انتها تلاش جاري رهي ۽ اٽڪل ڏھ هزارکن ڪتاب هن مسڪين وڃي گڏ ڪيا.“ (عمراڻي، 2022: 31) ڪتابن جو عشق به هڪ اهڙو عشق آهي جنهن جو ڪو ٻيو عشق مَٽُ ثاني آهي ئي ڪونه. گل محمد عمراڻي صاحب ڪتابن کي رڳو ڪٻٽن ۾ بند ڪري ڏيکاءُ ڪونه ٿو ڪري، پر انهن ڪتابن جا مطالعا، مشاهدا ۽ مشقون ڪندو رهيو آهي انهن جو اظهار قلم ۽ قرطاس وسيلي ڪري اظهاريندو رهي ٿو. سندس ٻه ڪتاب هڪ سندس اڻپوري آتم ڪٿا ”داستان گل“ ۽ ٻيو هي ڪتاب ”جهانِ گُل“ جڏهن ادبي دنيا تي نکري نروار ٿيا آهن ته چوطرف قدردانن سندس واهه واهه جي واکاڻ ڪري سرهائي جو اظهار ڪري رهيا آهن. ”جهانِ گُل“ شايع ڪندڙ اداري پاران موهن مدهوش لکي ٿو ته: ”ادب، سنڌيءَ ۾ لکيل هجي، اردو، انگريزي يا دنيا جي ڪنهن ٻوليءَ ۾، اهو ماڻهوءَ جي روح لاءِ روشنيءَ جو سبب بڻجندو آهي. هر لکيو پڙهيو ماڻهو ادب مان نه صرف شعور ۽ تفريح حاصل ڪندو آهي بلڪه هن کي بهتر زندگي گذارڻ لاءِ تربيت ۽ سکيا ملندي آهي. اهو ادب ئي آهي جنهن کي پڙهي پرجهي زماني جي مشاهدن کان آگاهي ملي ٿي.“ (موهن، 2022: 16) جهانِ گُل جي مطالعي ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته، سنڌي ٻوليءَ ۾ تحقيق جو شعبو گهڻي قدر نه ئي سهي، پر ٿوري تعداد ۾ اهڙن اعليٰ دماغ محققن جي علمي خدمتن جي ڪري پڙهندڙ فيضياب ٿي رهيا آهن جن جي ڪري اسين اڄ وڏي سرهائي ۽ فخر سان چئي سگهون ٿا ته، مرزا قليچ بيگ، ڪاڪو ڀيرو مل مهرچند آڏاواڻي، ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي، علامه آءِ آءِ قاضي، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، ڊاڪٽر عمر دائود پوٽو، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، عطا محمد ڀنڀرو، ڊاڪٽر فهميده حسين، ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي، ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ، ڊاڪٽر بشير احمد شاد، امينه خميساڻي، ڊاڪٽر محمد انور ”فگار“ هڪڙو ۽ ٻين عالمن جي علمي شهپارن جا جڏهن در کولجن ٿا ته، اتان علمي سرهاڻ اچي ٿي اهڙي طرح ”داستانِ گُل“ ۽ ”جهانِ گُل“ کي پڙهڻ کان پوءِ بجا طور ٻنهي ڪتابن تي فخر ڪري سگهجي ٿو. ”داستانِ گُل“ توڙي جو اڻپوري آتم ڪٿا آهي، پر هڪ ڏاهي انسان جي علمي تجربن ۽ مشاهدن جا بيشمار رخ انساني شعور ۾ وڏو اضافو پيدا ڪرڻ جا سبب بڻجن ٿا. هڪ ماڻهو پنهنجي محنت ۽ سچائي سان ڇا ڇا نه ٿو ڪري سگهي؟ هڪ استاد، عالم، ڏاهو ڪامورو جيڪو ڪرسيءَ جا مزا ماڻي ان تي بيجا فخر نه ٿو ڪري، پر هو انسان شناسائيءَ جو وڏو مشاهدو ماڻي بري ۽ ڀلي جي پرک ڪرڻ ڄاڻي ٿو ۽ پنهنجي محنت ۽ جدوجهد سان ڪيڏين وڏين بلندين تي پهچي پنهنجي حاصلات طرف اچي ٿو، انهيءَ ڪاميابي پٺيان ان جو سالم دماغ ڪارفرما آهي جنهن ۾ ڪامورڪي وڏائي ڪونهي، جنهن وٽ علمي وکر آهي جن تي سندس ڪيل مشاهدا هر طالبعلم جي واٽ روشن ڪن ٿا. خط ته هزارن لکيا آهن، پر اهڙا خط جن ۾ ڪتابن ۽ عالمن جون علم ادب بابت ڪوششون ۽ لکيل ڪتابن ۽ تحقيقن جو ذڪر هجي اهڙو خطن جو نئين طرز جو مجموعو ”جهانِ گُل“ هڪ شاهڪار جي حيثيت رکي ٿو. مذڪوره ڪتاب ۾ هڪ سئو ٻيانوي مختصر خطن ۽ چوئيتاليھ ڪالمن جو معلوماتي ڪتاب بيشڪ سنڌي ادب ۾ هڪ وڏي وٿ آهي. هي ڪتاب پنج سو چوئيتاليھ صفحن تي مشتمل آهي. ڪتاب جي ارپنا ليکڪ پنهنجي استاد محترمه پروفيسر امينا خميساڻيءَ کي ارپيندي چوي ٿو: ”جنهن مون کي مغربي علم ادب سان شناسائي ڪرائي.“ ڪتاب جي فهرست ۾ اداري پاران هڪ صفحو ڏنو ويو آهي، انهيءَ صفحي ۾ موهن مدهوش ليکڪ بابت ڪجھ ڄاڻ ڏني آهي جيڪا هت ورجائڻ مناسب ڪونهي. اهڙي طرح ڪتاب جو مهاڳ ناليواري ليکڪ ”اسين ڪمانگر آهيون خوابن جا!“ جي عنوان سان مدد علي سنڌي لکيو آهي جنهن ليکڪ کي جديد سنڌي ادب جا ڪتاب پڙهائي قومپرستيءَ جي رنگ ۾ رنگي ڇڏيو آهي. ”ادبي ۽ تاريخي ڪتاب“ جي عنوان سان شمس جعفراڻي صاحب ٽي صفحا لکيا آهن ۽ منهنجي استاد محترم ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو صاحب هن ڪتاب متعلق ”سڀ ڪجھ هيءَ سُڳنڌ“ جي عنوان سان ساڍا پنج صفحا لکيا آهن جيڪي ليکڪ جي شخصيت ۽ ادبي ڪارنامن ۽ ڪتاب جي ادبي حيثيت کي نروار ڪن ٿا. پوڻن ٻن صفحن جو ”منهنجو جهان ۽ حَسبِ حال“ خود ليکڪ جي زباني بيان ڪيل آهي ته، هن ڪهڙي ريت ۽ ڪهڙي طريقي سان ڪتابن سان ناتو جوڙيو؟ مذڪوره عنوان ۾ عمراڻي صاحب رقم ٿو ڪري ته: ”مون جيڪو ڪجھ سکيو يا پرايو آهي، ان کي هن ڪتاب ۾ ڪوشش ڪري صدقِ دل سان ادبي نوع ۾ عيان ۽ بيان ڪرڻ جي واٽ ڪڍي آهي. سڀ ڪتاب منهنجي لائبريري جا آهن ۽ خريد ڪيل آهن.“ (عمراڻي، 2022: 32)، مذڪوره ڪتاب پڙهڻ ۽ سيني ۾ سانڍڻ جهڙو آهي، ڇاڪاڻ جو هن ڪتاب ۾ ڪي جهڙا تهڙا خط يا ڪالم ڪونهن، پر انهن ۾ قيمتي معلومات رکيل آهي جن جي مطالعي ڪرڻ سان علمي ادراڪ ۽ شعور جا در کُلن ٿا. سوين علمي ڪتابن جا ڏس پتا ڏنل آهن جنهن مان قيمتي معلومات ملي وڃي ٿي. سوين اديبن جي ڪارنامن کي مذڪوره ڪتاب ۾ جاءِ ڏني وئي آهي. مذڪوره ڪتاب جي پهرين خط جو عنوان آهي: سنڌو ماٿري سڀيتا جي دريافت ڪيئن ٿي؟ هن خط ۾ پنڊت جواهر لال نهروءَ جي جڳھ مشهور ڪتاب (Discovery of India) جو حوالو ڏنو آهي ته، هتي جيڪي تحقيق لاءِ آرڪيالاجي کاتي جا ماهر اچن ٿا تن جي شڪايت کي آڏو رکي ٿو ته، انهن کي خاطر خواھ فنڊ نٿو ملي جنهن ڪري سنڌ جي تاريخ جا اصل ورق صاف ٿي مڪمل طور اجرا نه ٿا ٿين. هن خط ۾ ڪن عالمن جي تحقيقي خيالن، نظرين ۽ مفروضن کي آڏو رکيو ويو آهي. هي ڏيڍ صفحي جو خط سنڌو دريافت متعلق ڪيترائي سوال اٿاري ٿو ۽ سنڌ جي آباد تهذيب ڏانهن ڌيان ڇڪرايو ويو آهي ته، آخر مقامي ڏاها يا عالم ڪٿي هئا جن اهڙي شاندار تهذيب ڏانهن ڪونه ٿي نهاريو ۽ نه ئي هتان جي قديم وسندين جا دفينا کوليا؟ ”سن 1901ع ۾ دانشور ۽ زيرڪ وائسراءِ لارڊ ڪرزن (1905 – 1899ع) اچي، موهن جي دڙي جي محسنِ اعليٰ جان مارشل کي آرڪيالاجي ڊپارٽمينٽ جو ڊائريڪٽر مقرر ڪيو، جنهن ساهني ديارام کي پنجاب ۾ کوٽائيءَ جو نگران مقرر ڪيو ۽ انهيءَ جاکوڙ ۾ اڳتي هلندي 1922ع ۾ وري R.D Bannerji کي لاڙڪاڻي ۾ موهن جي دڙي جي کوٽائيءَ تي مامور ڪيو. بئنرجي سڀ کان اول هڪ تمام مهان اسٽوپا دريافت ڪيو، جنهن جي مٿان بيهي پنڊت جواهر لال نهرو سنڌو ماٿريءَ جي عظيم سڀيتا تي سوچي، 5000 سال قديم تهذيب جو وارث هجڻ جو اظهار ڪري ٿو.“ (عمراڻي، 2022: 36) هن کوٽائي کان پوءِ ڪيترائي ماهر ايندا رهيا ۽ پنهنجا تحقيقي مقالا ۽ ڪتاب لکيائون جنهن کانپوءِ ڪيئي راز واريون ڳالهيون ظاهر ٿي رهيون آهن. اڄ سموري دنيا جا ماهر آرڪيالاجسٽ ۽ اسڪالر حيران به ٿي رهيا آهن ته، ايڏي شاندار تهذيب ۾ ٻيا ڪيترائي شهر آباد ٿيا هوندا جن جا آثار سموري سنڌ ۾ پکڙيا پيا آهن جن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. ”جهانِ گُل“ مانواري محقق جي علمي ڪاوشن جو نتيجو آهي جو اهڙن کاهوڙي کيڙائن ڏانهن ڌيان ڇڪرائي مقامي عالمن کي سجاڳ ڪرڻ جو ڏس ڏنو ويو آهي ته، اهو ڪم اسان کان ڇو ڪونه ٿي سگهيو آهي؟ اڄ تائين اوهان مان ڪهڙن ڌرتي ڌڻين سنڌ جي قديم تاريخ جي اوک ڊوک ڪئي آهي، جي نه ڪئي آهي ته آخر ڇو؟ انهن کي ڪنهن روڪيو آهي يا شعور ڪونهي يا پاڻ کان محنت پڄي ئي ڪونه. عمراڻي صاحب جو خطن ۽ ڪالمن تي مشتمل ڪتاب جهانِ گُل سنڌ جي ماڻهن لاءِ هڪ انمول تحفو آهي جنهن ۾ ناياب ڪتابن جو ذڪر ڪيو ويو آهي ۽ عظيم انسانن جي علمي ۽ تحقيقي ڪاوشن کي آڏو رکيو ويو آهي. هيءُ ڪتاب اسان لاءِ ڪنهن به اعزاز کان گهٽ ڪونهي. منهنجي نوجوان شاگردن کي گذارش آهي ته، مذڪوره ڪتاب جو سهڻي نموني مطالعو ڪيو وڃي ۽ ذڪر هيٺ ايندڙ ڳالهين کي ور ور ڪري پڙهي انهن خيالن مان ڀرپور لاڀ حاصل ڪرڻ جي صلاح عرض رکجي ٿي. مذڪوره ڪتاب جا ادبي خط ۽ ڪالم سڀئي پنهنجن پنهنجن موضوعن ۾ جاندار ۽ هڪ نئين مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ اهم معلومات جو بنياد رکي رهيو آهي. گل محمد عمراڻي صاحب وڏي محنت سان مختصر خطن ۽ ڪالمن وسيلي وڏا سوال ڇڏيا آهن تن تي ور ور ڪري ڌيان ڌرڻ جي ضرورت آهي. جهانِ گُل جو هڪ ٻيو خط جنهن جو عنوان آهي: ”سراليگزيندر ڪننگهام: ڏکڻ ايشيا جي آثار قديمه جو باني“ لڳ ڀڳ ڏيڍ صفحي جو خط آهي جنهن ۾ اسڪاٽلينڊ ڄائي، اليگزيندر ڪننگهام، پنهنجي اڻهتر ساله ڄمار ماڻيندڙ حياتيءَ ۾ جڏهن کان هوش سنڀاليو تڏهن کان واندو نه ويٺو، پر سندس ڪيل پورهئي ۽ تحقيقي ڪاوشن جو پوري دنيا اعتراف پئي ڪري. انهيءَ اعتراف جي سلسلي ۾ گل محمد عمراڻي صاحب لکي ٿو ته: ”اسڪاٽلينڊ ڄائو، ميجر جنرل سراليگزينڊر ڪننگهام (1893 – 1814) هندستان جي فوج ۾ بطور هڪ ڪيڊٽ جي مشهور اسڪاٽش ناولسٽ سروالٽر اسڪاٽ جي اُتساھ ڏيڻ تي شامل ٿيو. مشهور تاريخي، علمي، سوانحي ڪتاب (Dictionary of Indian Biography) مان ڪي سندس احوال ڏئي وڌيڪ چوي ٿو ته: ”اهي احوال ٻڌائين ٿا ته ڪننگهام صاحب رائل ايشيٽئڪ سوسائٽي بنگال جو سرگرم رڪن رهيو ۽ ان جي زير اهتمام گهڻي تحقيق وارا ڪتاب ”لداخ“ The Bhilsa Topes (تاريخ ٻڌمت) هندستان جي قديم جاگرافي Stupas of Bharat (هند جا اسٽوپا) پيش ڪيا. هندستان جي قديم آثارن (Archeology) جو بڻ بنياد رکڻ وارو هي فوجي انجنيئر جنرل دراصل فرينچ ماهرن جي مصر ۾ کوٽائيءَ کان متاثر ٿيل هو، جتان هن باختري (Bactrian) (باختر: وچ ايشيا جو قديم ملڪ) ۽ رومي سڪا دريافت ڪيا هئا.“ (عمراڻي، 2022: 37) عمراڻي صاحب جو مطالعو تمام وسيع ۽ گهرو آهي ۽ انهيءَ اڀياس جي ڪري پڙهندڙن کي ڪيترن ئي عالمن جي علمي ڪمن جي معلومات ملي وڃي ٿي. (هلندڙ)
***

