ايڊيٽوريلبلاگ

پاڪستان آمريڪا تعلقات ماضي ۽ مستقبل

آمريڪا ۽ پاڪستان جي سياسي پسمنظر کي تاريخي نظر سان ڏسجي ته آمريڪا به برطانيه جي قبضي هيٺ هو جيڪو جارج واشنگٽن جي قيادت ۾ 1782 برطانيه کان آزاد ٿيو. ايئن ئي جارج واشنگٽن کي آمريڪا جو پهريون صدر بڻجڻ جو شرف حاصل ٿيو. آمريڪا ۽ پاڪستان جا تعلقات ماضيءَ ۾ ڪيئن رهيا آهن. پاڪستان جي قيام کانپوءِ وارن ٻن ڏهاڪن ۾ بهترين تعلقات رهيا ٻنهي ملڪن ۾ تجارت، معيشت بهترين رهي اهڙيءَ طرح سان جان ايف ڪئنيڊي جي واشنگٽن ۾ ايوب خان سان ملاقات ٻنهي ملڪن جي تعلقات ۾ هڪ وڏي پيش رفت هئي. 1974ع ۾ جڏهن انڊيا جوهري هٿيارن جي ٽيسٽ ڪئي تڏهن پاڪستان کي پنهنجي جوهري هٿيار ٺاهڻ کان روڪيو ويو. اهڙيءَ طرح سان آمريڪا پاڪستان تي وڌيڪ پابنديون هڻي ڇڏيون، اهي پابنديون تڏهن ختم ٿيون. جڏهن 1979ع ۾ سوويت يونين افغانستان تي حملو ڪيو ته اهڙيءَ طرح سان آمريڪا ۽ پاڪستان سوويت يونين خلاف متحد ٿيا ۽ ان وقت آمريڪا 3.4 ارب ڊالر امداد پاڪستان کي ڏني.

1989ع ۾ ڏهن سالن کانپوءِ جڏهن جنگ ختم ٿي ته 1990ع ۾ پاڪستان جوهري ٽيڪنالاجي تي وڌيڪ توجهه ڏني ته آمريڪا هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي. اهڙيءَ طرح سان آمريڪا طرفان ملندڙ امداد کي هڪ ڀيرو ٻيهر بند ڪيو ويو. جڏهن 1998ع ۾ پاڪستان پنهنجو پهريون نيو ڪليئر ميزائيل ٽيسٽ ڪيو ته آمريڪا طرفان لڳل پابندين کي وڌيڪ سخت ڪيو ويو. ان کانپوءِ جڏهن 2001ع ۾ 9/11 وارو واقعو ٿيو ته هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان ۽ آمريڪا وڌيڪ ويجها آيا. ان وقت پاڪستان افغان جنگ ۾ آمريڪا جو پڻ اتحادي رهيو. پاڪستان ۽ آمريڪا دهشتگردي جنگ ۾ هڪٻئي جا اتحادي رهيا. سينٽر فار گلوبل ڊولپمينٽ موجب 2002ع کان 2012 تائين پاڪستان کي نان نيٽو اتحادي هئڻ جي ناتي فوجي امداد جي مد ۾ 25 ارب ڊالر ڏنا ويا، پر 2011 ۾ تعلقات جو هڪ نئون موڙ آيو، پاڪستان اسامه بن لادن جي شهادت آمريڪي فوجي هٿان ايبٽ آباد ۾ ٿي. اهڙيءَ طرح سان آمريڪا اهو چوڻ شروع ڪيو ته پاڪستان پنهنجي سر زمين تي دهشتگردن کي رهائي ٿو انهيءَ ڪري پاڪستان جي امداد بند ڪئي وڃي. جنهن کانپوءِ پاڪستان تي آمريڪا وڌيڪ سفري پابنديون هڻي ڇڏيون. اهڙيءَ طرح سان آمريڪا پاڪستان تي دٻاءُ وڌو ته پنهنجي سر زمين تي دهشتگردن کي پناهه ڏيڻ بند ڪيو ۽ پڻ ايئن چيو ته پاڪستان سان ايستائين تعلقات بهتر نٿا ٿي سگهن جيستائين هو پنهنجي ملڪ مان دهشتگردن جو صفايو نه ڪندو.

جڏهن 2017 ۾ ڊونلڊ ٽرمپ صدر ٿيو ته ان گذريل ٻن سالن ۾ پاڪستان کي واضح نموني اهو سخت لفظن ۾ پيغام ڏنو ته پاڪستان سان تيستائين تعلقات بهتر نٿا ٿي سگهن جيستائين پاڪستان پنهنجي سر زمين تي دهشتگردن جو صفايو نه ڪندو. اهڙيءَ طرح سان ٽرمپ انتظاميه پاڪستان جي فوجي امداد تي به پابنديون هنيون. اهڙيءَ طرح سان پاڪستاني فوجين  کي آمريڪا ۾ ملندڙ تربيت تي به پابنديون هنيون، پر پاڪستان آمريڪا آڏو پنهنجو اهو موقف رکيو ته دهشتگردي جنگ ۾ پاڪستان جا پڻ 75000 ماڻهو شهيد ٿيا آهن ۽ 123 ارب ڊالرن جو معاشي نقصان ٿيو آهي.

مطلب ٽرمپ جي دور ۾ به پاڪستان کي وڌيڪ ڊو مور ڪرڻ لاءِ زور ڏنو ويو. پاڪستان ۽ آمريڪا جي تعلقات ۾ اهڙي خاص تبديلي ته نه آئي، پر جڏهن وزيراعظم عمران خان ۽ ٽرمپ جي ملاقات کانپوءِ پاڪستان کي طالبان ۽ آمريڪا ۾ ثالثي ڪرائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو پيو. بهرحال ٽرمپ جي دور حڪومت ۾ پاڪستان بحيثيت هڪ رياست جي نيوٽرل طور تي افغان طالبان ۽ آمريڪي حڪومت ۾ ڊائلاگ پروسيس شروع ڪيو ۽ امن معاهدو ڪرايو، پر نئين چونڊجي آيل صدر جوبائيڊن جو خيال آهي ته طالبان سان ڪيل معاهدي تي وڌيڪ نثرثاني ڪري سگهجي ٿي.

جوبائيڊن 20 جنوري 2021 تي حلف کنيو. اهڙيءَ طرح سان روايت کي برقرار رکندي ٽي اڳوڻا صدر حلف برداري تقريب ۾ آيا، پر ٽرمپ ويندي ويندي هڪ خط ڇڏي هليو ويو، انهيءَ خط ۾ ڇا لکيل آهي اها به هڪ ڳجهارت بڻيل آهي. انهيءَ کانپوءِ بائيڊن انتظاميه طرفان ايگزيڪيوٽو آرڊر جاري ٿيا پهريون آرڊر ڪووڊ-19 جي حوالي سان هو، جنهن ۾ ماسڪ پائڻ تي پابند ڪيو ويو ۽ ٻيو ايگزيڪيوٽو آرڊر مسلمان ملڪن تان سفري پابنديون هٽائڻ جي حوالي سان هو جيڪا سٺي ڳالهه آهي. آمريڪي حڪومت ۾ جوبائيڊن اهڙو صدر آهي جنهن تقريبن 9 آمريڪي سربراهن سان گڏجي ڪم ڪيو آهي.

بائيڊن آمريڪي اندروني توڙي خارجي معاملن کي بهتر انداز سان ڄاڻي ٿو. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته جڏهن ڪيري لوگر بل تي پاڪستان حڪومت سان صحيحون به جوبائيڊن ڪيون هيون. موجوده صورتحال جي پسمنظر ۾ ٻنهي ملڪن جا اسٽيٽ ريپريزينٽيٽيو ماضي ۽ مستقبل کي ڏسي اڳتي ته ضرور وڌندا. آمريڪا پنهنجي روايتي فوقيت ۽ تجربي کي استعمال ڪندي پاڪ چين دوستيءَ ۾ ڏار وجهڻ جي ڪوشش ته ضرور ڪندو، پر پاڪستان بحيثيت هڪ ذميوار رياست جي پاڪ آمريڪا تعلقات جي ماضي کي نظر ۾ رکي نيوٽرل اسٽيٽ طور پاڪستان کي اهم ڪردار ادا ڪرڻو آهي. هاڻي ڏسجي ته پاڪستان جا پاليسي ميڪرز اهڙي توازن کي برقرار رکڻ لاءِ ڪيئن ٿا پاليسيون جوڙين. اهو وقت ٻڌائيندو ڇو ته موجوده آمريڪي حڪومت پاڪستان توڙي هن خطي جي حالتن کان چڱيءَ طرح واقف آهي.