بلاگنئون

خيرپور ۾ کجين جي موسم ۽ هزارين مزدورن جي آمد

سنڌ جي دل، خيرپورميرس، جڏهن جون ۽ جولاءِ جي گرم ڏينهن ۾ داخل ٿئي ٿي، تڏهن فقط سج پنهنجا ڪرڻا ڌرتيءَ تي پکيڙي ان کي تپائي نٿو، پر ڌرتيءَ کي جاڳائي به ٿو. خيرپور جيڪو پنهنجي شاندار ثقافت، تعليمي ورثي ۽ تاريخي حيثيت جي ڪري مشهور آهي، اتي کجين جي سيزن به هڪ وڏي معاشي، سماجي ۽ ثقافتي تحريڪ بڻجي سامهون اچي ٿي. هر سال جيان جيئن ئي کجين جي پچڻ جو وقت ويجهو اچي ٿو، تيئن هزارين مزدور، محنت ڪش ۽ هاري سنڌ، پنجاب، بلوچستان ۽ ڪي پي جي ڪنڊ ڪڙڇ مان خيرپور طرف رخ ڪن ٿا. هنن جي اکين ۾ اميدن جا ڏيئا، هٿن ۾ محنت جي سگهه ۽ دلين ۾ روزگار جو وسيلو حاصل ڪرڻ جي آس هوندي آهي. کجين جي وڻن سان مالا مال هيءَ زمين، ان وقت هڪ قدرتي ڪارخاني ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي، جتي هر وڻ مزدورن لاءِ روزي جو سرچشمو بڻجي ٿو. مرد، عورتون، ٻارڙا، سڀ ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان هن صنعت جو حصو ٿين ٿا:

ڪو وڻن تي چڙهي پڪي کجي لاهي ٿو، ڪو زمين تي ان کي ڇنڊي ٿو، ڪو ڇانوَ ۾ ويهي ان کي صاف ڪري ٿو ته ڪو بازارن لاءِ بندوبست ڪري ٿو. هن سيزن  ۾ هتي رڳو مزدوري ناهي ملندي، پر ڄڻ هڪ ميلو لڳل هوندو آهي، جتي زبانون مختلف آهن، پر جذبو هڪ جهڙو محنت، قرباني ۽ ڀلائيءَ جو جذبو. خيرپور جا زميندار، باغ مالڪ ۽ عام ماڻهو به ان دوران وس آهر سهڪار ڪن ٿا، جيئن مهمانن جيان آيل محنت ڪش عزت ۽ آرام سان ڪم ڪري سگهن. کجي جيڪا اسلامي دنيا ۾ وڏي اهميت رکي ٿي، خاص طور تي رمضان ۾، اها نه رڳو مذهبي لحاظ سان خاص حيثيت رکي ٿي، پر معاشي طور به هن ڌرتيءَ لاءِ نعمت آهي. خيرپور ۾ مشهور کجين جا قسم ڪجهه هي آهن: اصيل، ڪربلائڻ، ڪُپڙو، ٽوٽا، ڪُڙهه ۽ ٻيا ڪيترائي قسم اچي وڃن ٿا. کجي، جيڪا سڄي دنيا ۾ مشهور آهي، هزارين خاندانن لاءِ آمدنيءَ جو وڏو ذريعو بڻجي چڪي آهي.

هن سيزن دوران، ثقافتن جو ميل، انسانيت جو اظھار ۽ روزگار جي برڪت صاف ڏسڻ لاءِ ملي ٿي. مختلف علائقن جا ماڻهو، هڪ ٻئي جي لهجي، چال ۽ رواجن کان واقف ٿين ٿا، جيڪا هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي هٿي ڏئي ٿي. کجيءَ جي هيءَ موسم، صرف ميون جي پوک جو نالو نه آهي، بلڪه هي هڪ جشن جو دور هوندو آهي، محنت جي عظمت جو، ڌرتيءَ سان محبت جو ۽ روزگار جي اميد جو. خيرپورميرس جي زمين، جيڪا صدين کان کجين جي وڻن جي ڇانوَ هيٺ پنهنجي وجود کي سنڀاليندي پئي اچي، اڄ به هزارين انساني خوابن، محنتن ۽ دعائن جي گواهه بڻجي رهي آهي.