ايڊيٽوريلنئون

مريم نواز جي تقرير ۽ مٿس پيپلز پارٽي جي دٻاءُ جا اثر

تازو ئي پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز فيصل آباد ۾ اليڪٽرڪ بس سروس جي افتتاحي تقريب ۾ تقرير ڪندي چولستان جي ڪئنالن واري تڪراري معاملي کي هڪ ڀيرو ٻيهر اٿاريو. هن چيو ته چولستان ۾ پنجاب ڪئنال ٺاهڻ لاءِ پنهنجي حصي جو پاڻي استعمال ٿي ڪيو، پر سنڌ ان تي اعتراض ڪيو، جيڪو مناسب نه هو. هن سوال ڪيو ته جيڪڏهن پنجاب پنهنجي زمين کي آباد ڪرڻ لاءِ پنهنجو پاڻي ۽ پنهنجا پئسا استعمال ڪرڻ ٿو چاهي ته پوءِ ٻين کي تڪليف ڇو ٿي ٿئي.

اها ڳالهه خاص طور تي پيپلزپارٽي سان هن وقت (ن) ليگ جي وچ ۾ تڪرار جو نئون سبب بڻجي وئي آهي. چولستان ڪئنالن جو منصبوبو ان کان اڳ به تڪراري رهيو آهي. ڇو ته سنڌ حڪومت ان تي سخت اعتراض ڪندي چيو آهي ته اهو منصوبو سنڌ جي حصي جو پاڻي گهٽ ڪندو ۽ ان جي زرعي آبادي ۽ ماحولياتي استحڪام لاءِ خطرو پيدا ڪندو. جڏهن ته مريم نواز اهو پڻ چيو ته هوءَ ڪنهن جو به پاڻي چوري نه ڪندي ۽ ان کي صرف چولستان جي ترقي ۽ اتي پاڻيءَ جي وهڪري لاءِ استعمال ڪندي.

هن پنهنجي تقرير ۾ پيپلزپارٽي جي ٻين معاملن جهڙوڪ: ٻوڏ دوران رليف فنڊ لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ڊيٽا استعمال ڪرڻ تي به تنقيد ڪئي. مريم نواز جو ڪئنالن جي معاملي کي هڪ ڀيرو ٻيهر زنده ڪرڻ ۽ خاص هڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن هوءَ پاڻ هن وقت پنجاب جي اندر آيل هڪ وڏي ٻوڏ جي سٽيل ماڻهن کي امداد فراهم ڪري انهن جي هڪ دفعو ٻيهر آبادڪاريءَ جو بندوبست ڪري رهي آهي ان وقت ان قسم جو بيان هاڪاري ۽ ناڪاري ٻئي نتيجا ڪڍي سگهي ٿو.

پنجاب جي ماڻهن لاءِ ٿي سگهي ٿو ته اها تقرير سندن حق ۾ صوبائي حقن جو دفاع هجي ته سندن وزيراعليٰ پنهنجي حصي جي پاڻيءَ جي ڳالهه ڪري چولستان جي زمينن جي آبادڪاري جي ڳالهه ڪري هڪ مضبوط نقطهءِ نظر تي بيٺي آهي ۽ هوءَ ان تڪراري معاملي کي سڌو سنئون عوام آڏو پيش ڪري سياسي مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري رهي آهي. نه صرف ايترو، بلڪه هن تقرير ذريعي مريم نواز شايد پيپلزپارٽي تي پڻ دٻاءُ وڌو آهي ته جيئن چولستان جي ڪئنالن جو منصوبو اڳتي وڌائي سگهجي. جڏهن ته اهو معاملو ان وقت جڏهن ٻٻرلوءِ ۾ ڌرڻو هڻي وڪيلن ناڪابندي ڪري پنجاب ويندڙ سڀني رسد جي وسيلن کي بند ڪري ڇڏيو هو.

پوءِ وزيراعظم شهباز شريف ۽ بلاول ڀٽو جي وچ ۾ هڪ معاهدي تحت اها ڳالهه طئي ٿي ته هاڻي ڪئنالن جو معاملو وفاق ۽ صوبن جي مرضيءَ سان ئي طئي ٿيندو، پر مريم نواز جو فيصل آباد ۾ عوامي اجتماع اڳيان ان ڳالهه کي رکي پيش ڪرڻ سياسي فائدو حاصل ڪرڻ يقينن پيپلزپارٽي جي لاءِ خود هڪ چئلينج بڻجي سگهي ٿو. هن وقت پيپلزپارٽي وفاق ۾ مسلم ليگ (ن) جي اتحادي جماعت آهي ۽ انهن ٻنهي جي اتحاد ۾ مريم نواز جو اهو موقف ٻنهي جي اتحاد کي ڪمزور ڪري سگهي ٿو.

پاڻي هڪ وفاقي معاملو آهي ۽ ان جي ورڇ 1991ع جي آبپاشي معاهدي تحت ٿيل آهي ۽ سنڌ جو مسلسل موقف اهو رهيو آهي ته چولستان ڪئنال ٺهڻ سان سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي نه ملندو. جيئن چشمه جهلم لنڪ ڪئنال هڪ اهڙو تڪراري معاملو آهي، جنهن جي ٺهڻ کانپوءِ سنڌ صوبي کي پاڻيءَ جي ورڇ ۽ ماحولياتي حوالي سان ڪافي نقصان ۽ مسئلا درپيش آهن. هن ڪئنال جي تعمير جو بنيادي مقصد پاڻيءَ جو ٻوڏ دوران جهلم نديءَ مان چشمه بئراج ذريعي نيڪال ڪري ڏکڻ پنجاب جي علائقن کي ڏيڻ هو، پر سنڌ جي ماڻهن جو موقف اهو رهيو آهي ته ان لنڪ ڪئنال جو استعمال ٻوڏ کانسواءِ سڄو سال ڪيو وڃي ٿو.

خاص ڪري سياري جي فصل دوران پاڻي جو اهو حصو پنجاب ڏانهن موڙيو وڃي ٿو جيڪو حقيقت ۾ 1991ع واري پاڻيءَ جي ورڇ واري معاهدي تحت سنڌ کي ملڻ گهرجي. اهو پاڻي سنڌ کي نه ملڻ جي ڪري سنڌ جا پڇڙيءَ وارا علائقا جن ۾ ٿرپاڪر ۽ ڪاڇو شامل آهن پاڻيءَ جي سخت کوٽ کي منهن ڏين ٿا. نتيجي ۾ اتان جي زراعت تمام گهڻي متاثر ٿئي ٿي. ان کان علاوه سنڌو درياءَ جي ڊيلٽا کي سمنڊ جي اڳڀرائي کان بچائڻ لاءِ گهربل مقدار ۾ مٺي پاڻيءَ جي ضرورت هوندي آهي. جڏهن ته مٿئين پاسي پاڻي روڪيو ويندو آهي يا لنڪ ڪئنال ذريعي موڙيو ويندو آهي، جنهن سبب سمنڊ جو کارو پاڻي سنڌو درياءَ جي وات سان گڏ سنڌ جي زمينن تي چڙهڻ شروع ڪري ڇڏيندو آهي.

بهرحال لڳي ايئن ٿو ته وزيراعليٰ پنجاب هن وقت سخت دٻاءُ جو شڪار آهي، ڇو ته هوءَ عام حالتن کان هٽي ڪري پنجاب جي ٻوڏ سٽيل ماڻهن کي رليف پهچائي سندن مسئلن کي منهن به ڏيئي رهي آهي ته گڏوگڏ پيپلزپارٽي سندس ڪارڪردگي کي تمام ويجهڙائي کان ڏسي مٿس ڪيترن ئي معاملن تي تنقيد به ڪري رهي آهي. لڳي ٿو ته هن ان تنقيد جو جواب ان صورت ۾ ڏنو آهي.

پيپلزپارٽي جي قيادت خاص ڪري بلاول ڀٽو زرداري سڌو سنئون مريم نواز جي صوبائي حڪومت جي ٻوڏ رليف جي ورڇ واري طريقي تي تنقيد ڪئي آهي. پيپلزپارٽي جو اسرار آهي ته BISP کي رليف فنڊن کي غريب تائين پهچائڻ لاءِ BISP ڊيٽا استعمال ڪئي وڃي، جيڪو مريم نواز جي صوبائي رليف پروگرام کي چئلينج ڪري ٿو ۽ ان کان علاوه اهو پيغام به ڏئي ٿو ته پيپلزپارٽي انهن جي حقن جي حقيقي محافظ آهي. جڏهن مريم نواز چولستان ڪئنال جو معاملو اٿاريو ته پ پ ان تي رد عمل ڏنو. مريم نواز جي پنجاب جي پاڻي واري بيان تي پيپلزپارٽي ان کي صوبائي تعصب طور پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

ايئن چئي سگهجي ٿو ته پيپلزپارٽي ٻوڏ واري صورتحال کي پنهنجي لاءِ پنجاب ۾ سياسي ميدان کي ٻيهر ري ڪليم ڪرڻ جو موقعو سمجهي رهي آهي ۽ مريم نواز کي دٻاءُ هيٺ آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ۽ اهو به واضح نظر اچي رهيو آهي ته مريم نواز ان دٻاءُ ۾ چڱي خاصي اچي چڪي آهي، ان ڪري هوءَ خود سخت رويو اختيار ڪري ان دٻاءُ کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪري پنهنجي ساک کي برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته پيپلزپارٽي ۽ (ن) ليگ جو اتحاد ڪيستائين ٿو هلي ۽ جيڪڏهن هلي ٿو ته اهو ڪيترو مضبوط ۽ مستحڪم هوندو.