محمد عثمان ڏيپلائيءَ جو نالو سنڌي ادب جي بهترين ناول نگارن ۾ شمار ٿيئي ٿو. ويهين صديءَ جو اڌ سنڌي ناول جو ڪامياب دور سڏيو وڃي ٿو. ڏيپلائيءَ جو ڪمال اهو هو ته هو گهڻو لکندڙ ليکڪ هو سندس ناول انهيءَ دور ۾ وڏ ڦڙي مينهن جيان وسڻ لڳا. هن تاريخي، سماجي، سياسي، اخلاقي، اصلاحي، مذهبي ۽ قومي ناول لکيا. گهڻي ڀاڱي اصلوڪا لکيائين, پر ڪي ترجما پڻ ڪيائين. ذاتي طور ڏيپلائي صاحب کي تاريخ نويسي ۽ داستان گوئيءَ تي قدرت حاصل هئي. سندن تاريخي ناولن انهيءَ دور ۾ کين وڏي شهرت ڏياري، چند ناولن جا عنوان هن ريت آهن.
“نور توحيد، فتح اسپين عرف عصمت جي قيمت، بغداد جو چور، آخري اميد، شيرِ ايران، غازي مصطفيٰ ڪمال، غازي صلاح الدين، سمر قند جو صوف، سسي نيزي پاند، سوڊان جي سونهن، مجاهدِ ڪشمير، ڪوريا جي ڪنوار، ايراني شهزادي، شير شاهه ۽ همايون، حورِ بغداد، حيدر علي، شوڪت اسلام، جلوهِ اسلام، چين جو چنڊ، احمد شاهه ابدالي، غازي اورنگزيب، غازي محمود غزنوي، فتح المقدس، 1857ع جي آزاديءَ جي جنگ، روم جي راڻي، هو شربا نازنين، ڪارا ڪافر، دخترِ اسلام، ڪنيز اسلام، نازنين يورپ، شاهه امان الله، فتح فلسطين، نيل ڪنوار عرف فتح مصر، ڪاشيءَ جا پاپڙ، ٽيپو سلطان، فتح اسلام، گمراهه مسلمان عرف هندو مسلم اتحاد، فتح ايران، سومناٿ جي سندري، گلستانِ حسن، آفريڪا جي شهزادي، شيوا جي شيش محل، قسطنطنيه جي شهزادي، جنگ ترڪ وجرمن، انقلابِ سنڌ عرف فتح پاڪستان، افضل شهيد، نازنين سمرنا، هوشربا شهزادي، ڏاهري رنگ محل، سبڪتگين ۽ جئپال، مينا بازار، فتح يرموڪ، بلبلِ ايران، شيرِ ايران، جپاني گڏي، ڪنول ڪلي، سانگهڙ، امڙ، چوڏهين صديءَ جا چار درويش، گمراهه مسافر، ڪتي جو؟… پٽ، (شيوا جي جي باري ۾)، انقلابِ ايران” ۽ ٻيا آهن. (هنن ناولن جي خبر “انسان” رسالي جي مطالعي معرفت پڻ پيئي جو مون “انسان” جي پنجاهه پرچن ۾ انهن ناولن تي تبصرا پڙهيا). هيٺ چند اهم ناولن جو جائزو پيش ڪجي ته جيئن پڙهندڙن کي سندن ناولن جي موضوعن، ٻولي ۽ مواد جي ڄاڻ ملي.
سنگدل شهزادي: پهريون ناول (1938ع) ۾ ڇپيو، سنگدل شهزادي، ناول اسلامي نقطئه نظر کي واضح ڪري ٿو.
گلستان حسن: 1939ع ۾ ڏيپلائي صاحب لکيو. انهيءَ دور ۾ هندو مسلم جهيڙي جو هڪ اهڙو دور هو جنهن ۾ ادب معرفت ليکڪن پنهنجي پنهنجي مذهبي هيروز جا ڪارناما پڙهندڙن تائين پهچائڻ تي زور ڏنو. هندوئن طرفان “مغل رنگ محل”، “ويردرگاداس”، “ويرڪماري” ۽ ٻيا ڪتاب آيا جن ۾ مسلمانن جي گهٽتي ڪيل هئي ته مسلمان ليکڪن وري اهڙيون تحريرون آنديون جن ۾ مسلمانن جي اعليٰ ڪردار جي اپٽار ۽ فتوحات جا ڪارناما هجن.
آخري اميد: 1940ع ۾ پهريون ڀيرو اسلاميه دارالاشاعت ميرپورخاص مان شايع ٿيو. ٻيو ڇاپو 1944، ٽيون 1946ع ۽ چوٿون 2008ع آگسٽ ۾ مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور شايع ڪيو آهي. ڏيپلائي صاحب ديباچي ۾ لکيو ته “ڪنهن به قوم جي عروج ۽ ترقيءَ لاءِ هي ضروري آهي ته قوم جو ٻچو ٻچو پنهنجي بهادرن جي ڪارنامن ۽ پنهنجي گذريل تاريخي حالات کان واقف هجي”.
نور توحيد: جو پهريون ڇاپو 1940ع ۽ ٻيو 1945ع ٽيون 1948ع ۾ ڇپيو. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ چوٿون دفعو 2001ع ۽ پنجون 2007ع ۾ سنڌيڪا اڪيڊميءَ شايع ڪيو. ڏيپلائي صاحب موجب ته “خدا جو شڪر جو منهنجا هن کان اڳ لکيل تاريخي ناول مسلمانن ۾ نهايت مقبول ٿيا آهن ۽ چاهه سان پڙهيا وڃن ٿا، سالامي تاريخي ناولن ۾ نورِ توحيد جي هڪ خاص حيثيت شمار ٿيئي ٿي.
نيل ڪنوار: جو پهريون ڇاپو 1941ع، ٻيو 44 ٽيون 1946ع ۽ چوٿون مهراڻ اڪيڊمي 2008ع ۾ شايع ڪيو آهي. هي ناول 23 هجريءَ جي مصر شهر جو بيان آهي. جتي نيل نديءَ جو عروج جڏهن به گهٽ ڏسڻ ۾ ايندو هو ته انهيءَ سال هڪ ڪنواري ڇوڪريءَ کي هار سينگار ڪرائي. نيل دريا ۾ اڇليندا هئا ۽ چوندا هئا ته هن جي شادي نيل ديوتا سان ڪرائي وئي آهي. انهيءَ ڇوڪريءَ ۽ سندس مائيٽن کي وڏو درجو ڏنو ويندو هو.
دُخترِ اسلام: 1942ع ۾ پهريون ڇاپو، ٻيو 1944ع، ۽ ٽيون 1947ع ۾ شايع ٿيو ۽ چوٿون چاپو 2008ع ۾ مهراڻ اڪيڊمي شايع ڪيو جو ارڙهن بابن ۽ 52 صفحن تي محيط آهي، بابن جا عنوان ناول جي بيان مطابق “اوچتو حملو، خدائي مدد، خوله جو قسم، بهادر ضرار، ڏهه رومي بهادر” ۽ ٻيا آهن.
ڏاهري رنگ محل: 1943ع ۾ شايع ٿيو. ناول جي خلاف انگريز دور ۾ وڏي تحريڪ هلي ۽ ان کي ضبط ڪيو ويو محمد بن قاسم ۽ راجا ڏاهر جي لاڏيءَ جي تصوير سان ٽائيٽل ڪور وارو هيءُ ناول پنجونجهاهه بابن ۽ ٻه سئو ڏهن صفحن تي آڌاريل آهي.
ناول جي ضبطگيءَ جي سببن ۾ مذهبي اعتراض جوڳا جملا خاص شمار ٿيا. ڏاهري رنگ محل ورهاڱي کان اڳ جي انهيءَ ادب ۾ شمار ٿئي ٿو. جنهن سان هندو مسلم فسادن کي هٿي ملي ۽ ننڍي کنڊ ۾ جهيڙي ۾واڌارو آيو، پر پوءِ انهيءَ کان پوءِ ترت ئي ادب ۾ هڪٻئي لاءِ سهپ ۽ اتحاد جي موضوعن تي لکيو ويو ته جيئن انگريزن کان آزادي حاصل ٿيئي.
چين جو چنڊ: 1944ع ۾ پهريون دفعو ميرپورخاص مان شايع ٿيو ۽ ٻيو ڇاپو 2008ع ۾ ڇپيو.13 باب “حسن جو نيلام، غرور جي شڪست، حسن ۽ ايمان، ڪاريءَ وارا ڪک، اسلام آڻڻ، دغا جو بدلو” ۽ ٻيا آهن.
فلسطين جي فتح: 1946ع ۾ شايع ٿيو يارهن بابن تي مشتمل هيءُ تاريخي ناول بيت المقدس جي فتح ۽ سلطان صلاح الدين ايوبيءَ جي همٿ ۽ جرات تي مبني آهي، حقيقي تاريخي واقعن جي ناول جي بابن جا عنوان “پيالو ڇلڪڻ، مظلوم حاجي، صفوريه جي فتح، خود غرض عيسائي، فتح عسڪلان، بدنيتيءَ جو نتيجو، سچن مسلمانن جا اخلاق” ۽ ٻيا آهن.
1857ع جي آزاديءَ جي جنگ: ناول1957ع ۾ شايع ٿيو هن سال ۾ ڏيپلائي صاحب جا ٽي ناول ڇپيا، جي ٽيئي ضبط ٿيا. “غازي انور پاشا”، 1857ع جي آزاديءَ جي جنگ ۽ جپاني گڏي” هڪ ئي سال ۾ ڇپيل انهن ناولن وڏي ڪاميابي ماڻي بندش پوڻ کانپوءِ ته هيڪاري ڏيپلائي صاحب ون يونٽ خلاف لکندڙن ۾ پهرين صف جو ليکڪ ٿي ويو.
هڪ سئو سالن جي تاريخي دور جو احاطو ڪندڙ هيءُ ناول حواله جاتي، سچن واقعن ۽ حقيقي ڪردارن جي باري ۾ آهي.
“امڙ” ڏيپلائي صاحب جو اهو ناول آهي جو جڏهن ڪتابي صورت ۾ ڇپيو تڏهن ضبط به ٿيو ته ٻئي پاسي هيءُ انعام يافته ڪتاب پڻ آهي، جنهن کي “سنڌي ساهت” طرفان انعام سان نوازيو ويو. “امڙ”، ميڪسيم گورڪيءَ جي The Mother جي اردو ترجمي تان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو ويو.
سانگهڙ تاريخي ناولن ۾ هڪ گرانقدر حيثيت رکندڙ ڪلاسيڪ ناول جو درجو رکي ٿو. جنهن جو مسودو ليکڪ 1961ع ۾ رٿيو ۽ لکت ۾ 1963ع ۾ وجود ۾ آيو. طوالت جي باوجود هيءُ ناول وڏي شوق ۽ اُتساهه سان پڙهيو ويو. موجوده وقت “سانگهڙ” اختصاري صورت ۾ هلندڙ آهي. ناول سانگهڙ جو احوال الڳ پيش ڪبو.
انقلاب ايران: 1980ع ۾ ڇپيو ديباچي ۾ ڏيپلائي صاحب لکيو آهي، “سنڌي ٻوليءَ ۾ هن انقلاب تي ڪو به ناول ڪو نه هو ان ڪري نهايت معتبر ڪتابن تان سٽون کڻي هي دلچسپ ناول پيش ڪريان ٿو جنهن جهڙو ڪنهن به زبان ۾ ڪونهيءَ، انهيءَ انعام يافته ناول جي لکڻ جو به مقصد قوميت ۽ وطنيت هو.
حاصل مطلب ته ڏيپلائي صاحب سنڌي نثر جي اهم صنف ناول جو وڏي ۾ وڏو ناول نگار هو. بلا شڪ کين “سنڌي ناول نويسيءَ جو سرواڻ ناول نگار” سڏي سگهجي ٿو.