خاصنئون

اڄ کان 20 جون تائين آصف زرداري جي گرفتاري جا امڪان

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي 20 جون تائين اٺن ڪيسن ۾ ضمانتون ڪرائڻيون آهن ٻي صورت ۾ کيس هڪ مٿان هڪ ڪيس ۾ ضمانتون رد ٿيڻ جي صورت ۾ جيل وڃڻو پئجي سگهي ٿو. نيب پاران آصف علي زرداري خلاف پار ڪلين ۽ ميگا ڪرپشن وارن ڪيسن ۾ گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن. هنن ڪيسن ۾ آصف زرداري ضمانت تي آزاد ٿيل آهي. ان کان علاوه ڇهه ٻيا ڪيس به آهن جن تي هو ضمانتون وٺي آزاد آهي. جيڪڏهن اڄ 10 جون کان 20 جون تائين ڪنهن هڪ ڪيس ۾ به ضمانت رد ٿي وئي ته سندس گرفتاري يقيني بڻجي ويندي. انهن ڏهن ڏينهن اندر آصف علي زرداري کي پنهنجي ضمانت ڪنفرم ڪرائڻي پوندي. ٻئي طرف اڄ ميگا مني لانڊرنگ ڪيس ۾ آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر جي ٻڌڻي ٿيندي جنهن تي اڄ فيصلي جو به امڪان آهي. هريش اينڊ ڪمپني ڪيس ۾ به آصف علي زرداري جي ضمانت ۾ اڄ تائين واڌارو ڪيو ويو هو جنهن تي اڃان دليل شروع نه ٿي سگهيا آهن جنهن کان علاوه ڪوڙن بينڪ اڪائونٽن بابت هڪ ٻي انڪوائري ۾ آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر جي عبوري ضمانت جي درخواستن تي ٻڌڻي سڀاڻي 11 جون تي ٿيندي.