انٽرنيٽ جي دنيا انسان جي روزمره جي زندگيءَ تي تمام گهڻو اثر وجهي رهي آهي. سوشل ميڊيا، خبرون وڊيوز تفريح آن لائين تعليم، واپار ۽ ٻين ڪيترن ئي شعبن جو دارومدار هاڻي انٽرنيٽ تي آهي. انٽرنيٽ تي اسان جيڪو به مواد ڏسون ٿا پڙهون ٿا يا ان ۾ مشغول ٿيندا آهيون اهو ڪنهن به عام طريقي سان ظاهر نٿو ٿئي، بلڪه هڪ پيچيده خودڪار نظام ذريعي اسان تائين پهچندو آهي. اهو خودڪار نظام “الگورٿم” (Algorithm) سڏجي ٿو.
الگورٿم اصل ۾ حسابي ۽ منطقي اصولن تي ٻڌل هڪ اهڙو فارمولو آهي جيڪو مخصوص قاعدن ۽ ڊيٽا جي بنياد تي فيصلو ڪندو آهي ته ڪهڙو مواد ڪنهن کي ڏيکارڻو آهي، انٽرنيٽ جا سڀئي وڏا اسٿان (جهڙوڪ فيسبڪ، ٽوئيٽرX ، انسٽاگرام، ٽڪ ٽاڪ، گوگل، يوٽيوب وغيره) انهيءَ الگورٿم تي هلي رهيا آهن، انهن جو مقصد ماڻهن جي دلچسپيءَ مطابق مواد ڏيکارڻ آهي ته جيئن استعمال ڪندڙ گهڻي وقت تائين ان اسٿان تي ٽڪيل رهي ۽ اشتهارن ذريعي ڪمپنين کي ڊالر ملندا رهن. هي نظام ايترو بي ضرر ناهي جيترو لڳي ٿو اهو نه رڳو اسان جي پسند ۽ ناپسند جي بنياد تي معلومات جو وهڪرو ترتيب ڏئي ٿو، پر ان سان اسان جي سوچ نظرئي ۽ نفسيات تي به اثر پوندو آهي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن غلط نظرئي يا ڪوڙي معلومات جي ور چڙهي وڃي ته الگورٿم ان کي انهيءَ نظرئي سان ڳنڍي وڌيڪ مواد ڏيکاريندو، جنهن سان هو هڪ محدود فڪر جو شڪار ٿي سگهي ٿو. انٽرنيٽ جو الگورٿم جنهن کي اسان سسٽم به چئي سگهون ٿا، مختلف عنصرن تي ٻڌل هوندو آهي، جيڪي انسان جي سرگرمين کي نظر ۾ رکندي لاڳاپيل مواد فراهم ڪندا آهن. جڏهن به ڪو ماڻهو ڪنهن به انٽرنيٽ اسٿان تي وقت گذاريندو آهي ته الگورٿم سندس سرگرمين کي غور سان ٽريڪ ڪندو آهي.
مثال طور:
توهان ڪهڙيون پوسٽون ڏسو ٿا؟
ڪهڙيون پوسٽون لائيڪ يا شيئر ڪريو ٿا؟
ڪهڙين فلمن (وڊيوز) تي وڌيڪ وقت گذاريو ٿا؟
ڪهڙي قسم جي ڳولا(search) ڪريو ٿا؟
انهن سڀني انگن اکرن (ڊيٽا) کي گڏ ڪري الگورٿم اهڙو مواد مهيا ڪندو آهي جيڪو انسان جي دلچسپي سان لاڳاپيل هجي.
فيڊ بيڪ لوپ(Feedback Loop)
جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن خاص موضوع تي وڌيڪ وقت گذاريندو آهي ته الگورٿم ان کي وڌيڪ اهڙو ئي مواد ڏيکاريندو.
مثال طور: جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن سازشي نظرئي(Conspiracy Theory) سان لاڳاپيل فلمون ڏسي ٿو ته الگورٿم کيس وڌيڪ اهڙيون ئي فلمون ڏيکاريندو، نتيجي طور هو اهو سمجهڻ لڳندو ته هن وٽ حتمي سچ موجود آهي ۽ ڪنهن ٻي راءِ کي قبول نه ڪندو. انٽرنيٽ جي الگورٿم اسان جي معلوماتي تجربن کي ترتيب ڏئي ٿو، پر اهو صرف هڪ عام ٽيڪنيڪل نظام ناهي بلڪه اهو اسان جي سوچ، روين نفسيات ۽ دماغي صحت تي به اثر انداز ٿئي ٿو. جڏهن ڪو ماڻهو مسلسل هڪ ئي قسم جو مواد ڏسندو رهي ٿو ته اهو نه رڳو سندس معلوماتي حدن کي محدود ڪري ٿو، پر ان جي دماغي سرشتي ۾ به تبديليون آڻي سگهي ٿو. جديد نفسياتدان، نيورولوجسٽ ۽ دماغي تحقيق ڪندڙ سائنسدانن جي مطالعي مان ثابت ٿيو آهي ته مسلسل هڪ جهڙو مواد ڏسڻ سان انسان جي سوچ احساس ۽ فيصلا ڪرڻ جي صلاحيت تي اثر پوندو آهي.
ان مضمون ۾ اسان نه رڳو انٽرنيٽ الگورٿم جي ڪارڪردگي ۽ ان جي نفسياتي اثرن تي ڳالهائينداسين، پر اسان انهن ميڊيڪل تحقيقن کي به شامل ڪنداسين جيڪي انساني دماغ تي انٽرنيٽ ۽ سوشل ميڊيا جي اثر بابت تفصيل سان روشني وجهن ٿيون.
نفسياتدانن ۽ نيورولوجسٽن جا نظريه:
جديد نفسياتي تحقيق موجب، جيڪڏهن انسان مسلسل ڪوڙي معلومات پروپيگنڊا يا خاص نظرئي جي ور چڙهي ته اهو نفسياتي طور تي ان کي ئي سچ مڃڻ لڳي ٿو. سائنسدانن جا خيال آهن ته الگورٿم جو شڪار ٿيندڙ ماڻهو اصل حقيقت کان پري ٿي هڪ مخصوص “ذهني فريم ورڪ” ۾ ڦاسي وڃي ٿو.
ڊاڪٽر نڪولس ڪار پنهنجي ڪتاب”The Shallows: What the Internet Is Doing to Our Brains” ۾ چوي ٿو ته:
انٽرنيٽ مسلسل انساني دماغ جي نيورل سرڪٽ کي نئين سر ترتيب ڏئي ٿو. جيئن جيئن ماڻهو انٽرنيٽ جي الگورٿم تي هلندڙ معلومات تي ڀاڙڻ لڳي ٿو تيئن تيئن سندس دماغ جي سوچڻ ۽ تنقيدي تجزيو ڪرڻ جي صلاحيت متاثر ٿئي ٿي.
Dr. Robert Sapolsky نيورو سائنسدان ۽ دماغي تحقيق ڪندڙ آهي. ڊاڪٽر رابرٽ سـپولـسڪي جيڪو اسٽينفورڊ يونيورسٽي ۾ انساني دماغ تي تحقيق ڪندو آهي پنهنجي تحقيق ۾ ٻڌائي ٿو ته:
جڏهن ڪو ماڻهو مسلسل هڪ جهڙو مواد ڏسندو رهي ٿو ته دماغ ۾ ڊوپامين(dopamine) جو ليول وڌي ويندو آهي، جيڪو کيس ان ئي مواد تي وڌيڪ مشغول رهڻ لاءِ مجبور ڪري ٿو. ان جو نتيجو اهو ٿيندو آهي ته ماڻهو هڪ نفسياتي چڪر ۾ ڦاسي پوي ٿو جتي هو صرف ساڳئي قسم جي معلومات تي اعتبار ڪرڻ لڳي ٿو.
Dr. Daniel Kahneman (نفسياتدان ۽ نوبل انعام يافته محقق) ڊاڪٽر ڪاھنيمن جيڪو انساني فيصلا سازي تي تحقيق ڪري چڪو آهي، چوي ٿو ته:
Cognitive Bias يا “ذهني لاڙو” انٽرنيٽ جي ذريعي وڌيڪ مضبوط ٿي وڃي ٿو. جڏهن ماڻهو هڪ خاص قسم جي معلومات تي يقين ڪرڻ لڳي ٿو ته دماغ ان کي ئي حقيقت سمجهي ٿو ۽ ٻين نظرين کي رد ڪرڻ لڳي ٿو. ان جو نتيجو اهو نڪري ٿو ته ماڻهو سچ ۽ ڪوڙ جي وچ ۾ فرق ڪرڻ کان قاصر ٿي وڃي ٿو.
ايڪو چيمبر جو اثر ۽ انساني سوچ تي ان جو اثر:
“ايڪو چيمبر” جو اصطلاح ان صورتحال کي بيان ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيندو آهي، جتي ماڻهو صرف اهي خيال ٻڌن ٿا جيڪي انهن جي اڳ ۾ قائم ڪيل نظرئي سان مطابقت رکن، انٽرنيٽ الگورٿم ان عمل کي تيز ڪري ٿو، ڇاڪاڻ ته اهو استعمال ڪندڙ کي ساڳئي قسم جو مواد بار بار پيش ڪندو آهي.
نيورولوجيڪل اثر:
دماغ جي”Prefrontal Cortex” تي اثر:
مسلسل هڪ ئي قسم جو مواد ڏسڻ سان فيصلا ڪرڻ واري دماغي حصي (Prefrontal Cortex) تي اثر پوي ٿو جنهن سان ماڻهو جي تنقيدي سوچ متاثر ٿيندي آهي.
جذبات تي ڪنٽرول جو اثر:
جيڪڏهن ڪو ماڻهو خوف ڪاوڙ يا نفرت واري مواد کي مسلسل ڏسندو رهي ٿو ته دماغ جو”Amygdale” حصو (جيڪو جذبات کي ڪنٽرول ڪري ٿو) حد کان وڌيڪ سرگرم ٿي ويندو آهي، جنهن سان ماڻهو وڌيڪ جذباتي ۽ غير منطقي فيصلا ڪرڻ لڳندو آهي.
حقيقي مثال:
ڪورونا وائرس دوران ڪيترن ئي ماڻهن سوشل ميڊيا تي غير سائنسي نظريه ڏٺا جن مان ڪيترن ئي ويڪسين کي رد ڪيو الگورٿم انهن کي وڌيڪ اهڙي قسم جو مواد ڏيکاريو، جنهن سان سندن دماغ اهو مڃي ويٺو ته ويڪسين خطرناڪ آهي. انهيءَ نفسياتي اثر کي”Confirmation Bias” چيو ويندو آهي، جنهن تحت ماڻهو رڳو اهوئي مواد مڃيندو آهي جيڪو سندس اڳ ۾ قائم ٿيل سوچ سان ٺهڪي اچي.
ڊوپامين ۽ انٽرنيٽ جي عادت:
ڊوپامين هڪ اهڙو ڪيميائي مادو آهي، جيڪو دماغ ۾ خوشيءَ جو احساس پيدا ڪري ٿو. جڏهن ڪو ماڻهو سوشل ميڊيا تي دلچسپ يا وائرل مواد ڏسي ٿو ته دماغ ۾ ڊوپامين جي سطح وڌي وڃي ٿي، جنهن سان ماڻهو وڌيڪ وقت انٽرنيٽ تي گذارڻ لاءِ مجبور ٿي وڃي ٿو.
نيورولوجي تحقيق موجب:
ڊگهي عرصي تائين الگورٿم تي هلندڙ مواد ڏسڻ سان دماغ جو “Reward System” غير متوازن ٿي سگهي ٿو، جنهن سان ماڻهن جو ان تي دارو مدار وڌي وڃي ٿو، جنهن سان ماڻهو مختصر ۽ تيز رفتار معلومات ڏسڻ تي مجبور ٿي وڃي ٿو. وقت سان گڏ تفصيلي مطالعو ڪرڻ ڪتاب پڙهڻ يا ڊگهي عرصي تائين ڪنهن فڪري عمل ۾ مشغول رهڻ کان قاصر ٿي ويندو آهي.
انٽرنيٽ الگورٿم جي اثرن کان ڪيئن بچجي؟
جيڪڏهن انٽرنيٽ الگورٿم صحيح طريقي سان استعمال ڪجي ته اهو معلومات جو بهترين ذريعو ٿي سگهي ٿو، ان جا منفي اثر گهٽائڻ لاءِ هيٺيان طريقا اختيار ڪري سگهجن ٿا:
* تنقيدي سوچ وڌايو
* معلومات کي بنا جاچ جي سچ نه مڃو.
* مختلف ذريعن مان معلومات حاصل ڪريو.
* فيڊبيڪ لوپ کي ٽوڙيو
جيڪڏهن الگورٿم توهان کي هڪ ئي قسم جو مواد ڏيکاري ٿو ته مختلف موضوعن تي ڳولها ڪريو.
Incognito Mode يا نئين برائوزر سان سرچ ڪرڻ سان الگورٿم کي متبادل سگنل ڏئي سگهو ٿا.
Mindful Scrolling يعني غير ضروري مواد تي وقت وڃائڻ جي عادت تي ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو.
انٽرنيٽ جو الگورٿم رڳو هڪ خودڪار نظام ناهي، بلڪه اهو انساني دماغ نفسيات ۽ فيصلا سازي جي صلاحيت تي ڳوڙهو اثر وجهي سگهي ٿو. نفسياتدان نيورولوجسٽ ۽ سائنسدان انهيءَ ڳالهه تي متفق آهن ته جيڪڏهن ماڻهو مسلسل هڪ ئي قسم جو مواد ڏسندا رهندا ته سندن تنقيدي سوچڻ جي صلاحيت متاثر ٿي سگهي ٿي ۽ اهي سچ ۽ ڪوڙ ۾ فرق ڪرڻ کان قاصر ٿي سگهن ٿا.