فيسبوڪ تي ڏنل اوھان جون تصويرون ڪير اڻ ڄاتل شخص اھڙي طريقي سان ڪراپ ڪري پنھنجين تصويرن سان لڳائي ڄڻ اوھان ھن سان گڏ تصويرون ڪڍرايون ھجن، واٽس ايپ تي ڏنل اوھان جي اسٽيٽس کي معلوم ڪري اوھان جو پيڇو ڪري، اھڙو شخص جنھن سان توھان جا تعلقات خراب ھجن يا ڪا ذاتي دشمني ھجي، اوھان جون ڪمزوريون يا ذاتي ڳالھيون سوشل ميڊيا فيس بڪ، مئسينجر، انسٽاگرام، واٽس ايپ، ٽڪ ٽاڪ ذريعي پڌريون ڪري، اوھان کي ڌمڪائي، حراسان ڪري، مسلسل اڻ ڄاتل موبائل نمبر تان ڪالون ۽ مئسيج ڪري ته انھيءَ جو مطلب اهو آهي ته اوھان سان ڪوئي سائبر بليئنگ (Cyber Bullying) ڪري رھيو آھي. سوشل ميڊيا اسٿان ۽ قانون ٺاھيندڙ ٻئي سائبر بليئنگ جي مسئلي کي روڪڻ جون ڪوششون ڪري رھيا آھن. ڪيتري حد تائين کين ڪاميابي به ٿي آھي، پر ھن مسئلي کي مڪمل طور تي اڃان تائين ختم نه ڪري سگھيا آھن. انٽرنيٽ جو استعمال جڏھن کان اسان جي زندگي جو اھم جز بڻيو آھي، تڏھن کان ھن سان لاڳاپيل سھولتن سان گڏوگڏ ھن جو حد کان گھڻو استعمال ڪندڙن کي ڪيترائي جسماني ۽ نفسياتي مسئلا ٿي رھيا آھن. سائبر بليئنگ به انٽرنيٽ سان لاڳاپيل ھڪ خطرناڪ ذھني مسئلو آھي. ھڪ وقت ھو جڏھن جھيڙا جھٽا آمھون سامھون ٿيندا ھئا، وڙھڻ واري سان دوبدو جوابي ڪارروائي ڪري سگھبي ھئي يا گھر ڏانھن ڊوڙي وڃي پناہه وٺبي ھئي. ھاڻي انھن ٽوڪن، ڌمڪين ۽ حراسان ڪرڻ وارن روين کي ھنن جي شڪار کي چوويھ ڪلاڪ سوشل ميڊيا جي ڪنھن به ميڊيم ذريعي منهن ڏيڻو پوي ٿو. ڪير به سوشل ميڊيا جي ڪنھن به ميڊيم ذريعي اوھان کي ڊيڄاري، ڌمڪائي، اوھان جا راز کولي، پر اوھان کيس ڪجھ به نٿا ڪري سگھو. جيڪڏھن اوھان پاڻ به پنهنجي رويي ۾ جھڳڙالو آھيو ته پوءِ اھا لفظن جي ويڙهه سوشل ميڊيا جي ڪنھن به ميڊيم تي سڄي دنيا جي سامهون رھندي، پر جي اوهان شريف ماڻهو آهيو ته خاموش ٿي ويندوَ، ڇو جو شريف ماڻهو جي ٽوپي جڏهن سر عام ڪرندي آهي ته ھو ھيڏي ھوڏي ڏسي مٿي تي رکي ڇڏيندو آھي. انٽرنيٽ جي استعمال اسان جي زندگي گذارڻ جي انداز کي مڪمل طور تبديل ڪري ڇڏيو آھي. انٽرنيٽ نه فقط اسان جي قرب، پيار، پنھنجائپ، ھمدردي ۽ احساس جھڙن لطيف جذبن تي ناڪاري اثر قائم ڪيا. ساڳئي طرح ھاڻي خاموشي سان بغير نظر اچڻ جي ڪنھن کي به انٽرنيٽ ذريعي ڊيڄاري، ڌمڪائي، ھيسائي، ڪنھن سان دل آزاري ڪرڻ وارو مذاق به ڪري سگھجي ٿو. مسلسل اليڪٽرانڪ ميڊيا ذريعي تذليل، بيعزتي، خوف، ڊيڄارڻ ۽ ڌمڪائڻ جنھن کان بچڻ لاءِ ڪو دفاع به نه ڪري سگھجي، انھيءَ کي سائبر بليئنگ چئبو آھي. جديد تحقيق سائبر بليئنگ سان لاڳاپيل شديد نفسياتي، جذباتي ۽ جسماني اذيتن ۽ مسئلن کي پيدا ڪيو آهي، جن ۾ ڊپريشن، اينگزائٽي، پاڻ کي ڪمتر ۽ غير محفوظ محسوس ڪرڻ ۽ خودڪشي ڪرڻ طرف ڌيان وڃڻ جي نشاندھي ڪري ٿي. نامعلوم شخص جيڪو بغير آواز جي لفظن ذريعي ڌمڪائي، ٽوڪون ڪري، جنسي طور حراسان ڪري جنھن کي خاص طور ڇوڪريون وڌيڪ برداشت ڪن ٿيون. ان ڪري ڇوڪرين کي سوشل ميڊيا جي استعمال ۾ وڌيڪ محتاط رهڻ جي ضرورت آهي ۽ ڪنهن به اڻ ڄاڻ ماڻهوءَ سان پنهنجي ذاتي زندگيءَ کي سلڻ کان اڳ ان کي سوچڻ گهرجي ته ان جا نتيجا خطرناڪ به ثابت ٿي سگهن ٿا. سائبر بليئنگ جو مرد عورتون ۽ ٻار ڪنھن به سماجي طبقي سان لاڳاپيل فرد، ڪنھن به رنگ، مذھب ۽ نسل سان تعلق رکندڙ ھجن شڪار ٿي سگھن ٿا. سائبر بليئنگ جھڙي ريت معاشري جي ھر فرد ھر جڳھ ھر جاءِ تي اثر انداز ٿي آھي. ساڳئي نموني تعليمي ادارا به ھن جي نشاني ھيٺ آھن. وڌندڙ عمر جي ٻارن خاص طور اسڪول ويندڙ ڇوڪرن جا جھيڙا ھاڻي اسڪول جي پلي گرائونڊ کان نڪري انٽرنيٽ ذريعي ٿي رھيا آھن. سائبر بليئنگ جو شڪار ھائر سيڪينڊري اسڪولي ٻار، ڪاليج ۽ يونيورسٽي ويندڙ شاگرد ٿي رهيا آھن. 2024 ۾ آمريڪا ۾ ٿيندڙ سائبر بليئنگ ڪيسز حيرتناڪ ۽ تشويش ناڪ حد تائين وڌيل آھن. جيمس مارٽن جو 23 سيپٽيمبر 2024 ۾ انٽرنيٽ تي موجود آرٽيڪل 18 سائبر بليئنگ فيڪٽس اينڊ اسٽيٽسٽڪس 2024 مطابق 50 سيڪڙو کان به وڌيڪ ٻار 2024 ۾ سائبر بليئنگ جو شڪار ٿيا. 75 سيڪڙو نوجوان ڇوڪرين کي غير ضروري جنسي مواد موڪليو ويو، ڪارا سيڪنڊري اسڪول ويندڙ شاگرد جيڪي سائبر بليئنگ جي متاثرن ۾ شامل ھئا، 135 سيڪڙو وڌيڪ خودڪشي ڪرڻ جي باري ۾ سوچيو ۽ پلاننگ ڪئي. بنسبت انھن شاگردن جي جن کي سائبر بُلي نه ڪيو ويو. 48 سيڪڙو آمريڪين ٽوئيٽر جو سڀ کان وڏو مسئلو حراسمينٽ ڄاڻايو. جيڪڏھن ڳالھ ڪجي پنھنجي ملڪ پاڪستان جي ته انھيءَ جو نالو ايشيا جي سڀ کان وڌيڪ موبائل فون استعمال ڪرڻ وارن ملڪن جي فھرست ۾ سڀ کان مٿانھون آھي. ڊجيٽل رائٽس فائونڊيشن مطابق سائبر حراسمينٽ ھيلپ لائين کي 146 کان وڌيڪ ھر مھيني فون ڪالون موصول ٿيون جن ۾ 57 سيڪڙو ڪالن ۾ عورتن شڪايتون درج ڪرايون ۽ 30 سيڪڙو مردن سائبر بليئنگ جي شڪايت درج ڪرائي، 90 سيڪڙو سرندي وارا يونيورسٽي جا شاگرد سائبر بليئنگ جو شڪار آھن. ڊجيٽل بدسلوڪي (ابيوز) صحافي عورتن جي ذھني ۽ جسماني صحت تي ناڪاري اثر وڌا، انگن اکرن مطابق ھر 9 مان 10 صحافي عورتن جو انٽرنيٽ بليئنگ جي ذريعي استحصال ڪيو ويو. سائبر بليئنگ دراصل اھڙن ماڻھن جي وندر آھي جيڪي پنھنجين زندگين مان غير مطمئن آھن، پنهنجي مزاج ۾ ويڙهاڪ، ٻين سان بدسلوڪي ڪندڙ ۽ نڪاري آھن. پنھنجو قيمتي وقت بجاءِ مثبت ڪمن ۾ استعمال ڪرڻ جي ٻين جي زندگين ۾ مداخلت ڪري سندن پيڇو ڪرڻ جنھن کي سائبر اسٽاڪنگ چئجي ٿو ضايع ڪن ٿا. جيستائين اھڙا ماڻھون قانون جي گرفت ۾ نه ايندا تيستائين هر فرد کي پنھنجو انٽرنيٽ جو استعمال سوچي سمجھي ڪرڻ گھرجي پنھنجا سوشل ميڊيا پروفائل لاڪ ڪري، پنھنجي اسٽيٽس تي پنھنجي موجود هجڻ جي جاءِ جي باري ۾ معلومات نه ڏيڻ سان ۽ سڪيورٽي لاڪ لڳائڻ سان پنهنجو پاڻ کي ڪافي حد تائين محفوظ رکي سگهجي ٿو. ان لاءِ ضروري آهي ته اسان اها معلومات پنهنجي خاندان جي فردن کان وٺي پنهنجن دوستن سان ضرور ونڊيون.