بلاگنئون

نالي ۾ فقير ادب ۾ امير بادشاهه مهر

مون هميشه ڪوشش ڪئي آهي ته علمي ۽ ادبي شخصيتن کي نئين نسل سان ملائجي، هرڪو پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪم ڪري رهيو آهي. علم جو ميدان هجي يا ادب جو ميدان اتي پنهنجي حصي جو ڪم ڪندي هرڪو فخر محسوس ٿو ڪري. ڪيترائي علمي شخص آهن جن عظيم خدمتون ڏنيون آهن ۽ ڏيئي رهيا آهن انهن مان ڪجھ پنهنجن خدمتن عيوض ظاهر ٿين ٿا، تاريخ انهن عظيم شخصيتن کي هميشه ياد رکيو آهي ۽ تاريخ پنهنجن ورقن ۾ انهن کي هميشه لکيو آهي. ادب جي ميدان ۾ داخل ٿيندڙ ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان وري به پنهنجين لکڻين ذريعي ظاهر ٿي پوندا آهن. ڪنهن  شاعري، ڪهاڻي، ڪالم، مضمون يا ڪنهن به مواد ذريعي اخبارن، رسالن ۽ مئگزينن ۾ ڇپجي نروار ٿي پوندا آهن. ڪي اديب ته هر فن مولا لکندڙ هوندا آهن، جيڪي ادب جي هر صنف تي لکندا آهن “مهر فقير” به انهن مان هڪ آهي، جيڪو پاڻ کي فقير جي نالي سان سڏرائي ادبي کيتر جو بادشاهه بڻجي ويو آهي.

تعلقي ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور جي هڪ ڳوٺ “کاهي” ۾ محترم غلام نبي مهر جي گهر 26 نومبر 1966 ڇنڇر جي ڏينهن هڪ پٽ جنم وٺي ٿو، جنهن جي ڇٽيءَ جو نالو “اختر نواز مهر” رکيو ٿو وڃي، پر پنهنجي نالي سان عرف بادشاهه مهر جي نالي سان به سڏيو ويو، اهو عرف وارو نالو ته الائي ڪنهن رکيو، پر اهو نالو به سڏجڻ لڳو، جيڪو اڳتي هلي اختر نواز مهر عرف بادشاهه مهر پنهنجي ادبي نالي مهر فقير جي نالي سان مشهور ٿيو، پر پنهنجن ادبي صنفن ۾ به ڪيترائي نالا لکيا جن ۾ اختر نواز، بادشاهه ۽ هن وقت مهر فقير جي نالي سان مشهور و معروف ادبي شخصيت آهي.

مهر فقير جي ادبي شناخت کان اڳ ۾ اچو ته سندس تعليمي ڪيريئر تي نظر وجهون. پرائمري تعليم 1971 کان 1977 تائين گورنمينٽ پرائمري اسڪول مصري واهڻ تعلقو ڳڙهي ياسين ضلعو شڪارپور 1982 ۾ مئٽرڪ گورنمينٽ هائر سيڪنڊري اسڪول ڳڙهي ياسين مان، اهڙيءَ طرح  انٽر ميڊئيٽ سي اينڊ ايس ڊگري ڪاليج شڪارپور،B Sc 1988/89  ۾ M. A. Economics 1992 ۾ ساڳئي ڪاليج مان پاس ڪيائين. پڙهڻ دوران ئي 12.6.1988 تي نوڪري حاصل ڪندي سنڌ پوليس ۾ سپاهي طور ڀرتي ٿيو ۽ هن وقت سب انسپيڪٽر طور نوڪري جا فرائض ڪراچي ۾ انجام ڏيئي رهيو آهي ۽ سندس هاڻوڪي رهائش ڀٽائي چوڪ، چڪرا ڳوٺ ڪورنگي 01 ڪراچي سنڌ ۾ آهي. ادب جي کيتر ۾ هن 20 سالن جي عمر ڌاري 1986 ۾ پير پاتو. هن وقت تائين سنڌ جي هر نڪرندڙ ماهوار، پندرهن روزه، هفتيوار توڙي روزاني نڪرندڙ اخبارن جي مختلف صفحن ۾ ڇپجي رهيو آهي. سندس وڏي خوبي اها آهي جو هن ادب جي هر صنف تي لکيو آهي، اڃان تائين لکي رهيو آهي ۽ لکڻ جي رفتار ڪڏهن به گهٽ نه ٿي آهي. سنڌ جو هي سدا بهار شخص گهمڻ ڦرڻ جو به شوقين آهي، پنهنجي موٽرسائيڪل تي “جيڏانهن ڪنڌ تيڏانهن پنڌ” جي بنياد تي جيڏانهن موڊ ٿيس موٽرسائيڪل کي ڪڪ هڻي کڻي واهه پنڌ ڪندو آهي ۽ ائين سڄي سنڌ جو چڪر لڳائي چڪو آهي. اڃان به مزي جي ڳالھ اها چئبي جو جتي به ويندو آهي خاص ڪري سنڌ جي تاريخي ماڳ مڪانن تي موبائل جي وڊيو ذريعي اسان سامعين کي پنهنجي آواز ۽ انداز سان ٻڌائيندو ۽ گهمائيندو به آهي.

سنڌ جي هر فن مولا ليکڪ لکڻ جو سبب ٻڌائيندي چيو “آيو عشق امام سجدو ڪيوسي سونهن کي.” ڇپيل ڪتابن بابت ٻڌايائين ته منهنجا شاعري ۽ مضمونن جا گڏيل 26 ڪتاب اچي چڪا آهن، پر سندس پنهنجو ڪو هڪ ڪتاب به پڙهندڙن جي هٿن تائين نه پهچائي سگهيو آهي. ڪجھ عرصو اڳ بادشاهه مهر “هڪ چمي جو سوال آ” جي نالي تي(شاعري جو مجموعو) ڇپائڻ جو اعلان ڪيو هو، پر اها چمي اڌ ۾ ئي رهجي وئي، پڙهندڙ ۽ مهر فقير جا شيدائي انهيءَ چمي جي حسرت ۾ حسرتن ۾ ئي رهجي ويا. شل ڪا جلدي چمي ملي وڃي ته ڀلو ٿيندو. هڪ پڇيل سوال جي جواب ۾ سنڌ جي پنهنجي رنگ ۽ ڍنگ سان جيئڻ واري عوامي رنگ سان شاعري ڪندڙ مهر فقير چيو ته شاعري جي دنيا ۾ منهنجو ڪوبه استاد ڪونهي، منهنجي شاعري علم و عروض کان بغير آهي، اهڙي ريت اڄ تائين اڪيلي سر ادب جي واٽ تي هلندو رهندو آيو  آهيان ۽ انشاءَالله هلندو رهندس. بيشڪ نالي جي باشاهه مهر ادبي کيتر جي مهر فقير کي مون ڪڏهن به ادبي فنڪشنن، ادبي ڪلاسن، ادبي سنگت جي گڏجاڻين يا مشاعرن ۾ نه ڏٺو آهي. ايتري قدر جو هو هن وقت تائين ڪنهن به ادبي تنظيم يا سنگت سان ڪڏهن به وابسته نه رهيو آهي، پر آرٽس ڪائونسل جي لٽريچر فيسٽيول ۾ فيس بوڪ جي بنيادي سڃاڻپ طور هڪ ٻه دفعا مليا آهيون جو ائين ملاقات نصيب ۾ هئي جو مهر فقير جهڙي عوامي شخصيت سان ملاقات ٿي. هن وقت سوشل ميڊيا جي هر اسٿان، ڊجيٽل مئگزين يا اخبارن ۽ پرنٽ ميڊيا جي هر نڪرندڙ ميگزين ۽ رسالن ۾ مهر فقير جي شاعري ڇپجي رهي آهي ۽ سوشل ميڊيا جو هڪ مشهور و معروف ۽ ڄاتل سڃاتل شخصيت طور مڃيو وڃي ٿو. مهر فقير شاعري کانسواءِ سفر ناما، مضمون، پروفائل ۽ مختلف اديبن کان ورتل انٽرويو به ڇپائي چڪو آهي.

سنڌ جي سريلي ۽ عوامي رنگ جي شخصيت مهر فقير کي مڃتا طور سويرا ميگزين طرفان بهترين ليکڪ، اديب ۽ شاعر جو ايوارڊ، انسان دوست ادبي سماجي سنگت سنڌ طرفان بهترين شاعر ليکڪ، آڌار ميگزين طرفان بهترين ليکڪ حق سچ ميگزين طرفان بهترين نثر نويس، علي ميڊيا پبليڪيشن، فنگاما ميگزين کانسواءِ ٻين به ڪيترن ئي ادارن طرفان ڪيترائي ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ ملي چڪا آهن، جن کي زندگيءَ جي وڏي ادبي ۽ سماجي مڃتا سمجهي ٿو. نالي جو اثر رکندڙ مهر فقير ادب ۾ ڪنهن کان متاثر آهي، جو ڊپلوميٽڪ جواب ڏيندي چيو ته ڪافي دوستن کان متاثر آهيان، پر نالا لکندي ڪو خاص نالو رهجي ويو ته ناانصافي ٿيندي. جڏهن ته بادشاهه مهر سياست ۾ ڪنهن کان متاثر نه ٿيندي سنئون سڌو جواب ڏيندي چيو ته سياست جي پاڇي کان به پري ڀڄندو آهيان. سنڌ جو ساڌو ۽ کرو ليکڪ بادشاهه عرف فقير مهر سنڌ جي هر ڳوٺ ۽ هر شهر کي محبوب سمجهندي سنڌ جي راڄڌاني واري شهر ڪراچي کي پسند ڪري ٿو، ڪپڙن جي رنگن ۾ کيس ڪارو، وڻندڙ موسم بابت چيائين ته موسمون سڀ وڻنديون اٿم، پر بهار ته وري به بهار آهي، وڻندڙ خوشبوءِ بابت اديبانا ۽ شاعرانا جواب ڏنائين “ان هاري ۽ مزدور جي پگهر جي خوشبوءِ جيڪي بنا لالچ ۽ بنا ڪنهن حرام کائڻ جي ملڪ جي تعمير ڪن ٿا. جڏهن ته گهر ۾ فيملي سان گڏ رهڻ پهر کيس وڻي ٿو، وڻندڙ فنڪار ۽ موسيقي ۾ صوفي فنڪار ۽ درد واري موسيقي دل کي وڻيس ٿي، وڻندڙ کاڌن بابت جواب ڏيندي فقير چيو اهو کاڌو جيڪو حق حلال جو هجي جنهن ۾ رشوت ۽ حرام شامل نه هجي. سنڌ جي نرالي شاعر ۽ هر هنڌ گهمندڙ ڦرندڙ مشاهداتي مهر فقير کان ڪجھ ٻيا سوال ڪندي پڇيم، بادشاهه مهر زندگي ڇا آهي؟

مختصر جامع جواب ڏيندي چيائين “موت جي امانت آهي ۽ هڪ امتحان آهي” پيار ڇا آهي؟ پيار هڪ پاڪ پويتر رشتو آهي، جنهن سان انسان جيون کي امر بڻائي سگهي ٿو. عورت ۽ مرد توهان جي نظر ۾…؟

عورت ۽ مرد هڪٻئي جو لباس آهن، سو جو هڪٻئي جو لباس لاهيندا ته اگهاڙا ٿيندا ۽ اوگهڙ رب کي پسند ناهي، ڇو ته رب ڍڪيندڙ آهي. مهر فقير رشتيدارن جي پيار مان مطمئن آهي، سڀ کان وڌيڪ عزيز پنهنجي والدين کي ٿو سمجهي. ڪا خوشي جنهن توهان جي زندگي بدلائي ڇڏي هجي…؟ نياڻي جي ولادت. ڪو اهڙو غم جيڪو وسري نه سگهيو هجي؟  پٽ جو موت. ڪا اهڙي خواهش جيڪا پوري ٿي هجي ته توهان خوش ٿيا هجو…؟ نياڻي جي ولادت.

ڪا اهڙي خواهش جيڪا اڃان پوري نه ٿي هجي…؟ حج ۽ عمرو جي سعادت حاصل ڪرڻ جي خواهش. سندس چوڻ موجب وچٿري طبيعت رکندڙ سنڌي شاعري جي دنيا جي امير پر نالي ۾ فقير کان آخر ۾ پڙهندڙن لاءِ پيغام ورتم ته چيائين “جيڪڏهن سنڌ ۽ خود کي آسودو ۽ آزاد ڏسڻ ٿا چاهيو ته پوءِ علم حاصل ڪريو. سنڌ واسي خاص ڪري ادبي دنيا جا دوست مهر فقير جي نالي ۽ سندس ادبي لکڻين کان واقف آهن ۽ پسند ڪندڙ به آهن. سندس هڪ ڪتاب به نه اچڻ ڪري سندس چاهيندڙ مايوس ضرور هوندا، پر آئون ايترو ضرور چوندس ته گڏيل شاعري جي مجموعن ۾ شامل ٿي جيترو هن خرچ ڪيو هوندو يا خرچ ڏنو هوندو، اوتري خرچ ۾ سندس ٻه ڪتاب اچي وڃن ها، هر ڪنهن جي پنهنجي سوچ آهي، پر پنهنجو ڪتاب هڪ تاريخي حيثيت رکندو آهي ۽ ادبي دنيا جي انسائيڪلو پيڊيا ۾ سندس نالو داخل ڪرائيندو آهي.

منهنجي دعا آهي ته مهر فقير ادب جو سدائين بادشاهه ٿي رهي، سنڌي ادب ۾ سندس نالو جرڪندو رهي ۽ سدائين لکندو آهي، پڙهندڙن کي سندس پهرين ڪتاب جو انتظار رهندو.

***