بلاگنئون

اسان کي امن جو ڪبوتر کپي

دنيا جي تاريخ اسان کي اهو سيکاري ٿي ته جنگ انسانيت کي ڪڏهن به ترقي يا خوشحالي نه ڏني آهي، بلڪه فقط لاشن جا ڍير، ملبي جا ڍير، معذوريون، ذهني صدما اچڻ وارن نسلن جي لاءِ ڏک، غربت، تنگدستي، تباهي ۽ بربادي ئي ڇڏي آهي. هن وقت فلسطين ۽ اسرئيل جي جنگ کي ئي ڏسو. پهرين ۽ ٻي عالمي جنگ جا زخم اڄ به انساني ذهن ۾ ناسور بڻجي تڪليف ڏئي رهيا آهن. لکين انسان موت جو کاڄ بڻجي ويا. شهرن جا شهر کنڊرن ۾ تبديل ٿي ويا ۽ انسانيت جو ضمير ڊگهي عرصي تائين اگهور ننڊ ۾ پيو رهيو.

اڄ جڏهن پاڪستان ۽ ڀارت جهڙين ٻن ايٽمي طاقتن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ عروج تي آهي ته سڀ کان وڌيڪ خوفناڪ پاسو اهو آهي ته اسان جي نوجوان طبقي جو هڪ وڏو انگ ان ڇڪتاڻ کي هڪ تفريح جيان ڏسي رهيو آهي. سوشل ميڊيا تي جنگي تعريفون ٿي رهيون هيون، گيت ٺاهيا پئي ويا، وائرل وڊيوز ۾ شادي وهانءُ ۽ ڏڻن جي طرز تي جنگ کي خوشي جو موقعو بڻائي پيش ڪيو ٿي ويو. ڪجهه نوجوان ته ان حد تائين وڃي چڪا ھئا ته اهي چئي رهيا هئا ته “جنگ جي پهرين ڏينهن جا ڪپڙا الڳ سبرايا آهن” ٻئي ڏينهن جي لاءِ ٻي ڊريس “۽ ٽين ڏينهن جي لاءِ الڳ ڊريس هوندي” ۽ جيئن عيد، ميندي، شادي ۽ ڏڻن جي طرز تي جنگ کي خوشيءَ جو موقعو بڻائي ڪري پيش ڪيو ٿي ويو، ڄڻ ته جنگ ڪا شوبز ايونٽ هجي.

ان قسم جي گهٽيا سوچ، ڪوڙي کل ۽ دل ڌڙڪائي وجهڻ واري سنگدلي اصل ۾ ان ذھني ڏيوالپڻي جي نشاني آهي، جنهن کي سالن کان نقلي نصاب، منفي ميڊيائي خبرن ۽ سوشل ميڊيا جي بي مقصد يا فضول لاڙن جي وسيلي اڀاريو ويو آهي. جنگ جنهن جي نالي کان انسان جا لڱ ڪانڊارجي وڃڻ کپن، اڄ جي نسل جي لاءِ هڪ مذاق بڻيل آهي، هڪ فيسٽيول، هڪ “ٽرينڊ” بڻجي چڪو آهي. ان ذھنيت جون پاڙون جيتوڻيڪ کل ڀوڳ ۾ ڏيک ڏين ٿيون، ليڪن ان جو انجام نهايت ئي سنگين ٿي سگهي ٿو.

نفسياتي تجزيو:

اهو نئون نسل جيڪو “ٺٺول واري جشن” وسيلي جنگ کي برينڊ ڪري رهيو هو. اهو اصل ۾ هڪ گڏيل نفسياتي بيماري ڏانهن اشارو ڪري ٿو. نفسيات جا ماهر ان کي

 Cognitive Dissonance Delusion Emotional Decentralization

سڏين ٿا. جڏهن انسان بار بار تشدد، مرڻ مارڻ، دشمن کي ذليل ڪرڻ ۽ کٽڻ جا خيالي منظر ڏسي ۽ ٻڌي ٿو ته هو هوريان هوريان پنهنجو سڀ ڪجهه وڃائي ويهي ٿو پوءِ موت ۽ تباهيءَ جون ڳالهيون به صرف تفريح  لڳن ٿيون.

اها اصل ۾ هڪ قسم جي نفسياتي ٻاراڻي سوچ آهي، جنهن ۾ بالغ جسمن ۾ سوچڻ سمجهڻ واري عقل جي جاءِ تي صر ف وقتي جذبا، وائرل ٽرينڊز ۽ فالوورز جي ڊوڙ رهجي وڃي ٿي. اهو نسل جيڪو جنگ کي شادي وهانءُ جو سيٽ اپ، کل ڀوڳ جي فريم ۾ ڏسن ٿا، اهي حقيقت ۾ پنهنجي ذھني تربيت کان محروم آهن. اهڙا نسل قومن جي لاءِ به نه صرف خطرو هوندا آهن، بلڪه اهي دشمن جا هٿيار بنجڻ ۾ دير نٿا ڪن.

تاريخ جي هٿ ٺوڪي تعليم/نفرت جو بنياد:

اسان کي تسليم ڪرڻو پوندو ته اڄ جو نوجوان ان ذهنيت جو پاڻ تخليقڪار آهي بلڪه هن کي سالن کان اهو نصاب، ميڊيا جا تجزيا ۽ سماجي ماحول ميسر ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ دشمن صرف “شيطان” آهي ۽ اسان سدائين “هيرو”  اها هڪطرفي ذهن سازي نه صرف سچائي کان پري ڪري ٿي، بلڪه عقل کي به مفلوج ڪري ڇڏي ٿي. هن کي تاريخ نه بلڪه صرف هيروزم جا افسانا پڙهايا ويا آهن، جنهن ۾ پنهنجو احتساب نه پر ٻين جي برائي متعارف ڪرائي وئي آهي.

جنگ جي نفسيات هڪ سائنسي تجزيو:

جنگ فقط ميدان ۾ وڙھڻ جو نالو ناهي، بلڪه اهو ذهنن تي حملي جو نالو آهي. نفسيات جي ماهرن جي مطابق جنگ جي نفسيات هڪ اهڙي گڏيل ڪيفيت آهي، جنهن ۾ سڄي قوم جو شعور جذبات جي گهيري ۾ اچي وڃي ٿو ۽ جذباتي خيال واڌ ويجهه ڪن ٿا. جنگي پروپيگنڊا انساني ذهن کي خوف، ڪاوڙ ۽ بدلي جي جذبن سان ٽمٽار ڪري ڇڏي ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ قومن ۾ سچ ۽ ڪوڙ جي تميز ختم ٿي وڃي ٿي.

ايٽمي جنگ انسانيت جي لاءِ آخري الميو:

پاڪستان ۽ ڀارت به ٻه ايٽمي قوتون آهن، جيڪڏهن خدا نه ڪري روايتي جنگ ايٽمي جنگ ۾ تبديل ٿي وڃي ها ته ان جو انجام ناقابل تصور هجي ها. جوهري هٿيار صرف فوجي اڏن يا ٽينڪن کي نشانو ناهن بڻائيندا، اهي لکين بيگناھ انسانن کي کن پل ۾ خاڪ بڻائي ڇڏين ٿا. هيروشيما ۽ ناگا ساڪي جي تباهي اڄ به ان جي شاهد آهي، پر اڄ جي جديد ايٽمي طاقتن جي وچ ۾ جنگ ٿي ته ان جو دائرو صرف هڪ ملڪ تائين محدود نه رهندو. ريڊيئيشن، ماحولياتي تباهي، خوراڪ جي کوٽ، بيماريون، ذهني ۽ جسماني معذوريون ۽ عالمي معشيت جي تباهي، اهو سڀ ڪجهه نسل درنسل انسانيت کي ڀوڳڻو پوندو.

حل ۽ تجويزون انسانيت جو رستو:

اسان کي هاڻي بلڪل سنجيدگي سان سوچڻو پوندو ته جنگ ڪنهن به مسئلي جو حل ناهي ۽ اسان کي هيٺ پيش ڪيل ڪجهه تجويزن تي عمل ڪرڻو پوندو. (1) امن تي ٻڌل تعليم جو ڪورس: نئين نسل کي سچائي تي ٻڌل بهترين ۽ پرامن تاريخ پڙهائي وڃي ته جيئن اهي ڪوڙ، سچائي ۽ امن کي سمجهي سگهن. (2) ثقافتي ۽ تعليمي ڏي وٺ: پاڪستان ۽ ڀارت جي نوجوانن، استادن، فنڪارن، ليکڪن جي وچ ۾ ڏي وٺ ڪرائي وڃي ته جيئن اهي هڪٻئي کي دشمن نه انسان سمجهي سگهن. (3) ڳالهيون ۽ سفارتڪاري: ٻنهي حڪومتن کي گهرجي ته هر مسئلي کي ڳالھه ٻولھه سان حل ڪن، نه ته جنگي ٻولي ۾. (4) ميڊيا جي اخلاقي تربيت: ميڊيا ھائوسز کي قانونن پابند ڪيو وڃي ته اهي ڇڙواڳي وارين خبرن، نفرت جهڙن جملن ۽ جنگي ماحول کي وڌائڻ وارن مامرن کان پاسو ڪن. (5) سوشل ميڊيا تي نگراني: ڪوڙين خبرن، جنگي مهمن ۽ نفرت سان ڀريل مواد جي خلاف سوشل ميڊيا پليٽ فارمن کي فعال ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. (6) امن جون عوامي تحريڪون: تقريرون، ورڪشاپس ۽ مهمون شروع ڪيون وڃن ته جيئن جنگ جي مخالفت صرف حڪومت جي طرف کان ئي نه بلڪه عوام جي طرف کان به ٿئي. (7) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ گڏيل مفاد: ٻنهي پاڙيسري ملڪن کي کپي ته خدارا دفاعي بجيٽ گهٽ ڪري تعليم، صحت، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ وڌ ۾ وڌ سرمائيڪاري ڪريو ته جيئن انساني ترقي کي واڌ ملي سگهي.

نتيجو: جنگ جو وقت اهڙو هوندو آهي ته جتي جاهلن کي ڇڏي ڪري باقي شعور رکندڙن جو اھو فرض بڻجي ويندو آهي ته اهي جذباتي نعرن ۽ ڪوڙي برتري جي دوکي کان نڪري ڪري حقيقت جو سامهون ڪن ۽ اهو سمجهڻ ته بيوقوفو امن ڪا ڪمزوري ناهي هوندي بلڪه اهائي انسانيت جي اصل طاقت آهي. ڇاڪاڻ ته جنگ صرف بربادي آڻيندي آهي. جڏهن ته امن نسلن کي زندگي ڏيندو آهي. ان ڪري جنگ جي بجاءِ اسان کي پنهنجا اختلاف ڳالهين جي وسيلي نيبرڻ گهرجن ته جيئن مستقبل سنورجي سگهي. اسان کي کپي ته محبت، علم ۽ شعور سان گڏ هڪ اهڙو مستقبل تعمير ڪيون جنهن ۾ ڪو ٻار جنگ جي خوف ۾ نه رهي ۽ ڪا ماءُ پنهنجي جگر جي ٽڪري جو اکيون بند ۽ ڪفن ۾ ويڙهيل لاش نه ڏسي سگهي. اسان کي جنگ جو ديو نه بلڪه فقط امن جو ڪبوتر کپي.