بلاگ

ٻولي، اسڪرپٽ ۽ تحقيق جا اصول

ان ٻولين جو ڳالهائڻ ۽ لکڻ ٻه الڳ الڳ شيون آهن يا ٻنهي جي سڃاڻپ به منفرد رهندي آئي آهي، مثال دنيا ۾ ڪيتريون ئي ٻوليون آهن، جيڪي ڪنهن به رسم الخط يا تختيءَ تي نه ٿيون لکيون وڃن يا ڪنهن به لپي ۾ نه ٿيون لکيون وڃن، پر ڳالهائجن ضرور ٿيون يا اهي ٻوليون ان طرح به زنده آهن ۽ انهن جا ٻوليندڙ ۽ سمجهندڙ اڃان تائين موجود آهن يا جنهن لهجي ۾ ڳالهايون وڃن ٿيون، اهي لهجا ڀلي منفرد به هجن يا هڪ ايٿنولاگ جي ڳڻپ مطابق اٽڪل 4065 ٻوليون لکت واري صورت ۾ دنيا اندر موجود آهن، انهن مان وري 917 اهڙيون ٻوليون آهن، جيڪي مڪمل طرح يا سرڪاري طور تي لکي نه ٿيون سگهجن يا جن جا نصاب به موجود ناهن، يا اهي رڳو رابطي جون ٻوليون آهن، يا ڪڏهن ڪڏهن ٻوليءَ جا گروھ يا گروپ به ٻولين جي لهجن جي جيارڻ جا سبب بڻجن ٿا يا ڪجھ ٻولين جا رسم الخط انهن ٻولين جي سڃاڻپ آهن، مثال اسان وٽ جن ٻولين جا منظوم اسڪرپٽ سرڪاري طور تي موجود ناهن، پوءِ اهي ٻوليون پنهنجي مرضيءَ جون مالڪ آهن ته اهي ڪهڙي به لپي ۾ لکيون وڃن يا رابطي طور اهي ٻوليون ڪنهن ڊجيٽل آلن تي ڪنهن به طرح چيٽ (ڪچهري) ڪري سگهن، يا اهو به آهي ته هڪ گروھ جون ٻوليون لهجن جي هڪجهڙي هجڻ جي ڪري يا انهن ٻولين تي پاڙيسري ٻولين جي اثر يا گھاڙيٽي جي هڪ هجڻ جي ڪري اهي ساڳي لپي يا اسڪرپٽ ۾ لکيون وڃن ٿيون يا لکي سگهجن ٿيون، مثال پنجابي، سرائڪي، ڪشميري، گلگتي يا بلتي يا اهڙيون ٻيون ٻوليون آهن جيڪي هڪ ئي گروھ يا لپي ۾ اچن ٿيون يا پختون، بلوچي ۽ بروهي گروهن جون ٻوليون توڻي جو سنسڪرت، پراڪرت ٻولين جي گروھن ۾ نه ٿيون اچن يا انهن جا لپا ۽ لهجا ڍاٽڪي يا دراوڙي ٻولين جي گروهن ۾ اچن ٿيون، ان ڪري هاڻي انهن جي مرضي آهي ته اهي فارسي لپي ۾ لکن يا عربي لپي ۾ لکن، پر هن ڊجيٽل دور ۾ اهي گانن، سهرن ۽ لاڏن جي صورت ۾ اهي ٻوليون ڳايون وڄايون وڃن ٿيون يا اهي ٻوليون ڪنهن صورت فارسي لپي ۾ اخبارون يا ٽي وي چينل يا ايف ايم ريڊيو يا شاعري سميت زنده آهن يا اهي ادب جون ٻيون صنفون به لکندا اچن ٿا.

يا هندوستان اندر جيڪي به ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون، انهن جي مرضي آهي ته اهي پنهنجي ٻوليءَ کي عربي – سنڌي لپي ۾ لکن يا ديوناگري لپي ۾ لکن، پر ڳالهائن ته اها ئي ٻولي ٿا جيڪا اسان ٿا ڳالهايون مثال طور هندي جنهن طرح ڀارت ۾ لکن پڙهن ٿا، اها ساڳي ٻولي (اردو) پاڪستان ۾ ته وري فارسي لپي ۾ لکجي ٿي، پر ڳالھ اها آهي ته اهو ڪيئن ثابت ڪجي ته جيڪا ٻولي موئن جي دڙي مان ملي يا جنهن ٻوليءَ جو اسڪرپٽ يا ”انسڪرپشن“ اتان ملي اهو لپو سنڌي ئي استعمال ڪندا هئا يا اهو لپو مصري يا عبراني زبان وارا استعمال ڪندا هئا يا جيڪي موئن جي دڙي جا رهائشي هئا اهي هئا ته سنڌي، پر ٻولي ڪهڙي ڳالهائيندا هئا، پر ممڪن آهي ته اهي عبراني ٻولي ڳالهائيندا هجن يا ڪا ٻي ٻولي، يا ان وقت جيڪا ٻولي يونيورسل هئي، جيڪا ٻنهي خطن ۾ لکجي پئي، ممڪن آهي ته اها ٻولي ان دور جي يونيورسل ٻولي هجي، اهو مڃون ٿا ته اهي ڳالهائيندا سنڌي هئا ان ڪري ته اهي هن خطي ۾ رهن پيا، پر ڳالھ ان اسڪرپٽ جي آهي، يا ان رسم الخط جي جنهن جو هاڻي دنيا جي ٻين خطن ۾ نالو نشان به هجي ته اها ڳالھ سمجهي سگهون ته اهي 5 هزار سال پراڻا رهاڪو عبراني رسم الخط ۾ لکندا هئا يا حضرت نوح عليه السلام جي دور يا حضرت ابراهيم عليه السلام ۽ حضرت لوط عليه السلام جي دور ۾ يا جنهن دور ۾ دنيا جون ٻيون قومون به غرق ٿيون هيون يا اهڙا عذاب پئي نازل ٿيندا رهيا هئا يا اسلامي تاريخ جي مطابقت سان اهي شيون ثابت ڪري سگهجن.

پر مسئلو اهو آهي ته انهن ٻولين جا ڳالهائيندڙ نيست ۽ نابود آهن، رڳو انهن جا نشان ملي سگهن ٿا يا ائين ٿئي جو موئن جي دڙي جي ماڻهن جي وارن ۽ هڏن جي ”ڊي اين اي“ ممڪن ٿي سگهي (جيڪا اڃا تائين ٿي ناهي يا نه ٿي ٿي سگهي) مثال 23 سيپٽمبر 2011 ۾ آسٽريليا جي سوشل سائنسز وارين يونيورسٽين ۾ وارن جي هڪ ”چَڳ“ تي تحقيق ڪئي وئي هئي (ڇو ته زمين اندر يا ٻاهر وار ڳري يا ختم نه ٿو ٿئي يا هڏي جي زمين جي اندر آهي ته به محفوظ آهي، ان ڪري انهن ٻن شين تي تحقيق ٿي سگهي ٿي يا انهن مان ڊي اين اي جي سڃاڻپ ٿي سگهي ٿي) ان ڪري آسٽريليا جون يونيورسٽيون ان ڳالھ يا نتيجي تي پڳيون ته اها وارن جي ”چَڳ“ آفريڪي نسل جي ماڻهن جي آهي ۽ اهي ڪنهن دور ۾ آسٽريليا ڪنهن شڪار جي بهاني يا گهمندي گهمندي پڳا هئا يا اهي نسل شروعاتي انساني ارتقا واري دور ۾ آفريڪا مان هلندي هلندي ايشيا ۽ وري ڦري گهري يورپ پڳا هئا، بهرحال اها ريسرچ جيڪا انٽرنيشل ريسرچرز جي ٽيم آسٽريليا جي هڪ سوشل سائنسز جي جرنل ”جرنل آف سائنسز“ ۾ ڇپرائي هئي، ۽ انهن جي دعويٰ مطابق ته اهي آفريڪي نسل 70 هزار سال اڳ آسٽريليا آيا ته پوءِ موئن جو دڙو رڳو 5 هزار سال اڳ ڇو يا اسلامي تاريخ به ساڍا ست هزار سال کان اڳ جون نشانيون يا تاريخون ميڙي سهيڙي حضرت آدم عليه السلام جي دور کان انساني ارتقا ڄاڻائي ٿي ته پوءِ اسان گاڏڙ ساڏڙ تحقيق مان ڪم ڇو ٿا وٺون، بهرحال اهو وري ٻيو بحث ٿي ويندو.

پر آسٽريلوي سوشل سائنٽسٽ جي ريسرچ جي تناظر ۾ اها ڳالھ به پڪ سان نه ٿي چئي سگهجي ته آسٽريليا جا اصولوڪا رهاڪو آفريڪي آهن يا ٿي سگهن ٿا، پر دعويٰ اها به آهي ته ريسرچ ڌڪي بازي ناهي ۽ نه ئي ڪري سگهجي ٿي، ان ڪري موئن جي دڙي جي باقيات مان ڀلا اها شيءِ ان طرح ئي (ڊي اين اي) ثابت ڪجي يا ڪري سگهجي ته پوءِ خبر پئجي ويندي ته ان نسل جا ماڻهو هاڻي ڪٿي رهن ٿا، پوءِ ٻولي ۽ ڪلچر جي ڀلي ڀت خبر پوندي يا جيڪا Evolution آ اها اتي ۽ اتان ڪيئن ٿي، هن بيانيي يا اسٽيٽمينٽ مان اها ڳالھ ثابت نه ٿي ڪري سگهجي يا چئجي ڇو ته اها دعويٰ اڃا تائين ٻه واٽي تي بيٺل آهي يا وري موئن جي دڙي جي ٻولي جي ترويج ڀلا ڪيئن ممڪن هئي يا ان دور ۾ ان خطي جون ٻيون مروج ٻوليون ڪهڙيون هيون، هاڻي اهي سڀ سوال ڪنهن Qualitative ريسرچ جا محرڪ ٿي سگهن ٿا ياQuantitative ريسرچ ٽائيپ ۾ اهي اصلوڪا ۽ قديمي انسڪرپشن يا اڪريل پٽيون ڪنهن سافٽويئر مان گهمائي پراسيس ڪري ڪو کڙتيل ڪڍي سگهجي، يا انهن تحقيقي اوزارن جي مدد سان ان کان به گھڻا سوال ٺاهي جوڙي بڻائي سگهجن ٿا، جن جي آڌار تي تحقيق وري وري ڪري سگهجي ٿي، ان ڪري تحقيق حرف آخر ناهي يا نه ٿي ٿي سگهي ۽ اها ڳالھ به عام فهم آهي ته اڄوڪي تحقيق يا جيڪا تحقيق هن دور ۾ ڪجي ٿي يا ڪئي ٿي وڃي اها Positivism تي آڌاريل هوندي آهي ۽ اها جيڪي به شيون يا پهلو ڇڏي ٿي هلي يا جيڪي اينگلز پورا نه ٿي ڪري سگهي، اهي پوءِ Post Positivism ۾ ايندا، ان ڪري ڪيل تحقيق کي وري اٿلائي سگهجي ٿو ۽ ان ڪيل تحقيق کي وري ايندڙ دورن ۾ ٻيهر ڪري سگهجي ٿو.

هاڻي بحث وري اهو آهي ته هن خطي ۾ ٻوليءَ ڳالهائيندڙن جا گروھ سريلنڪا کان وٺي سڄي وچ ايشيائي ملڪن تائين هڪجهڙا يا مماثلت رکن ٿا، پر جيڪي اسڪرپٽ موئن جي دڙي مان مليا آهن، انهن جي سڃاڻپ جي لاءِ ضروري آهي ته ان نسل جي ماڻهن جي ڳولها يا کوجنا ڪجي ته پوءِ اسڪرپٽ پڙهي سگهجي ٿو، يا اصولڪي ڳالھ اها به آهي ته ڳالهائجندڙ ٻولي جا اسڪرپٽ ڪيئن لکجن يا جيڪي اسڪرپٽ موئن جي دڙي وانگي قديمي آثارن مان ملن ٿا، انهن کي ڪيئن پڙهجي، مثال اها ڳالھ هيئن به ڪري سگهجي ٿي ته ”الف ۽ ب“ جو اچار سنڌي ٻولي جي پاڙيسري ٻولين وٽ پهرين موجود هئا، جنهن ۾ رڳو عربي ٻولي کي وٺجي ته انهن وٽ ”الف ۽ ب“ جا آواز به ائين Codify ٿيل آهن، جيئن اسان وٽ آهن يا ائين به ناهي ته اهي عربي يا عبراني ٻولين جا ڳالهائيندڙ ۽ لکندڙ ”الف ۽ ب“ جي لکت جا اکر ۽ حرف ڪنهن ٻي شڪل ڪن ٿا ۽ اسان وري ڪنهن ٻي طرح ٿا ڪيون، پوءِ اهڙي طرح انگريزن جي دورِ حڪومت ۾ اها ڳالھ وري وضع ڪئي وئي ته ٻوليءَ جي ڪوڊن کي هڪ منظم شڪل ڏجي ته جيئن اهي ڳالهائجندڙ ٻوليون وري ديوناگري کان هٽي ڪري ڪنهن مسلمان لپي ۽ لهجي ۾ لکيون وڃن، ان ڪري ته اسان تي ان دور ۾ اسلام جو غلبو تيز تر هو جو مقابلي ۾ ڪافر انگريز هئا، بهرحال، ٻولي جي ڄاڻوگرن اها ڳالھ به ڪري ڏيکاري ته ديوناگري مان جان ڇڏائي، ٻولي هاڻي هن خطي ۾ مسلمان لپي ۾ لکي ويندي ۽ انهن ديوناگريءَ مان جان ڇڏائي، پر ٻوليءَ جو ڳالهائيندڙ اڃا تائين ڀارت ۾ به سنڌي ڳالهائي ٿو، پر لکي وري اها ئي ٻولي ديوناگري ۾ ٿو.

انگريزي وانگي هر ٻوليءَ ۾ واولز هوندا آهن، جيڪي ٻوليءَ جا ”موورز“ (محرڪ) هوندا آهن معنيٰ اهي جي شامل ناهن يا ڪنهن به اکر يا حرف جي اڳيان يا پويان نه ٿا لڳن ته ٻولي لکي نه ٿي سگهجي يا اهو اکر ۽ حرف ڪنهن طرح پڙهي نه ٿا سگهجن، مثال جيئن حساب ڪتاب جي لاءِ ضرب، جوڙ، ڪٽ ۽ ونڊ جي لاءِ انگن جي اڳيان ”آپريٽرز“ (هلائيندڙن) جو هڻڻ ضروري هوندو آهي نه ته انگ چوري پوري نه سگهبا يا نتيجو نه وٺي سگهبو، ان ڪري سنڌيءَ ۾ جيڪي نشانيون ”واولز“ جو ڪم ڏين ٿيون يا جيڪي اکر اهو واولز وارو ڪم سرانجام ڏين ٿا، اتي زير، زَبر، پيش، مد يا جزم به ساڳي آپريٽرز جو ڪم ڏين ٿيون يا اکرن يا حرفن کي چوريندڙ يا لفظن جي بڻاوٽ ممڪن ڪري ڏين ٿيون، جيڪي نشانيون يا اکر يا حرف چوريندڙ نشانيون ٻولي جي سکڻ مهل ضروري هوندا آهن يا اسان وٽ حرفن جي هڪ تختي ناهي، پر 11 تختيون موجود ۽ مروج آهن جن ۾ ”سکڻا“ اکر مثال ا ب ٻ، زير سان اکر مثال اِ بِ ٻِ، زبر سان اکر مثال اَ بَ ٻَ، يا اکرن کي پيش ڏئي پڙهڻ مثال اُ بُ ٻُ، مد سان اکر آ با ٻا، الف سان ڳنڍيل لفظ يا ي اي بي ٻي سان ڳنڍيل يا وري ”اي“ کي زير ڏئي پڙهڻ مثال اِي بِي ٻِي، يا ”اي“ کي زبر ڏئي پڙهڻ اَي بَي ٻَي يا ”او“ کي پيش ڏئي اکر پڙهڻ مثال اوُ بوُ ٻُو يا اکرن کي زبر ۽ ”و“ ڏئي پڙهڻ مثال اوَ بوَ ٻوَ، يا او بو ٻو کي بنان زير، زبر ۽ پيش سان پڙهجي يا ڪجھ مشدد يا شد ڏئي پڙهڻ يا مد ڏئي پڙهڻ يا جزمي ڪري گڏائي پڙهڻ به ٻولين جي لوازمات ۾ اچن ٿا، پر ڳالھ اها آهي ته اهي سڀ تختيون يا ٻوليءَ جا ڪوڊ به ڪنهن وڏي بورڊ يا ويٺل گڏجاڻين جا متعدد گڏجاڻين انهن سڀني طور طريقن تي ڪنهن اصول قائدي ۽ پابندي تحت لکت واري ڪوڊنگ ۾ آندو ته جيئن ٻولي پڙهي ۽ لکي سگهجي يا پڙهائي ۽ وڌائي سگهجي، ان ڪري مثال جيڪڏهن ڪي ڌريون ان ڳالھ تي ويهي سوچن يا گڏجاڻيون ڪن يا ان دور جي ٻولين يا آسماني صحيفن يا ان دور جي مروج ٻولين جون تختيون کڻي ويهن يا ڳوڙهي ريسرچ ڪن ته موئن جي دڙي جي ٻولي پڙهڻ مشڪل ناهي يا پوءِ ان تي متفق راءِ قائم ڪري سگهبي ته جي اهي ماڻهو (موئن جي دڙي وارا) جي وڻج واپار ڪندا به هئا ته اهي ڪهڙي يونيورسل لينگئيج ڳالهائيندا هئا يا ان دور ۾ ٻين خطن ۾ ٻيون ڪهڙيون ٻوليون ڳالهايون پئي وينديون هيون (اهي ڪجھ سوال آهن جيڪي تحقيقي پيش منظرن ۾ ڪري سگهجن ٿا يا جيڪي وڌيڪ تحقيق ڪرڻ جون دريون کولي سگهن ٿا، ان ڪري جو هي مڪالو رڳو هڪ تنقيدي نظر سان لکيو ويو آهي جيڪو وري به سوال ٿو ڇڏي، پر جواب ڪو به ناهي).

يا موئن جي دڙي جي ٻولي کي اسان ڪيئن چئون ته اها تختي سنڌي آهي يا اهي ڳالهائڻ وارا کڻي سنڌي ڳالهائيندا هئا يا ان ٽائيم تي يونيورسل لينگئيج ڪهڙي هئي يا اها ٻولي جيڪا مصري به سمجهي پئي سگهيا ته اها ٻولي سنڌي ڪيئن ٿي يا اهي به جي سمجهي پئي سگهيا ته ان ٽائيم تي عبراني ٻوليءَ کانسواءِ دنيا اندر ڪهڙيون ٻوليون مروج هيون يا مصري به سنڌي ڳالهائيندا هئا، سنڌي ٻولي مصري لپي يا عبراني لپي ۾ لکي پئي ويندي هئي يا ميسوپوٽاميا يا يوناني تهذيبن جيڪي اوائلي تهذيبون آهن، انهن ۾ سنڌي ٻولي سمجهي يا لکي ويندي هئي يا سوال اهو به آهي ته ٻولين جي ترويج ڪڏهن شروع ٿي يا جي مصري ٻولي موئن جي دڙي وارا سمجهي يا لکي پئي سگهيا ته پوءِ اهي سنڌي ڳالهائيندڙ هئا، ان ڪري دريائي وڻج واپار ان ٽائيم تي گھڻا تڻا پئي ٿيندا هئا، ان ڪري سوشل سائنسز ۾ تحقيق هڪ پاساهين نه ٿي ڪري سگهجي يا نه ٿي ٿي سگهي يا Relics مان اها ڳالھ به ڪنهن تحقيق جي دائري يا پائيدار اصول تحت ئي ڪري سگهجي ٿي يا ماهر يا Geologist جي مسند يا سند يافتا ٽيمون يا گروھ ان ڳالھ جي ضد بحث يا دائري ۾ رهي ڪم ڪرڻ يا تجزين کانپوءِ ئي هن نتيجي تي پڄن ٿا ته اهي سڀ نتيجا ڪيئن مناسب تحقيق جي دائري ۾ رهي ڪري سگهجن ٿا.

يا اها ڳالھ به آهي ته ٻولين جا جيڪي ڪوڊ ٿين ٿا انهن ۾ جيڪي گروپنگ يا جيڪا گروھ ٺهن ٿا، مثال انگريزيءَ ۾ حرفن جا گروھ ناهن مثال ”ب“ جي گروھ جا اکر به ٻين ٻولن ۾ ائين ئي لکجن ٿا، جيئن اسان لکون ٿا يا ”ج“ جي گروهن وارا اکر به ٻين ٻولين ۾ ائين ئي لکجن ٿا جيئن اسان وٽ يا ”د“ جي گروھ جا اکر به ٻين ٻولين وانگي لکت ۾ آهن ائين ”ر“ ۽ ”س“ يا ”ص“ يا ”ط“ يا ”ع“ يا ”ف“ يا ”ڪ“ ۽ ”ق“ ”ک“ يا ”ل“ يا ”م“ ۽ ”ن“ ”و“ ۽ ”ھ“ يا ”ي“ سميت جيڪي به هم آواز اکر آهن يا جيڪي انهن گروهن ۾ ملن ٿا، اهي لکجن به ائين ٿا جيئن ٻين ٻولين ۾ لکجن ٿا باقي رهيا اهي جيڪي اسان جا خاص اکر آهن يا جيڪي آواز ٻين ٻولين ۾ موجود ناهن ته انهن جي گھاڙيٽي جو فيصلو ڪنهن اڪيلي سر نه ڪيو ويو هو، پر هڪ خاص بورڊ يا گڏجاڻيءَ ۾ اهي فيصلا ڪيا ويا، ان ڪري تحقيقق پنهنجي منهن نه ٿي ڪري سگهجي يا بغير ريسپانڊسنٽ جي نه ٿي ڪري سگهجي ان ڪري مضمون ۽ مڪالمي يا ڪالم ۾ ڪجھ فرق هجي ٿو.

يا جديد طرح يا ٻولي جي قاعدن موجب اهي انگريزي اکر جيڪي C کانپوءِ يا گڏي ايندا آهن، مثال e جيئن Cement يا i City يا sc سان جيئن School يا اهڙا ٻيا انگريزي اکر کڻي جن جي c جو آواز s وانگي نڪرندو يا s جڏهن m يا n يا i يا y وغيره سان ايندي ته اها اڳيان الف جو آواز ناهي ڪڍندي، مثال جيئن سمارٽ، سنوزنگ يا سليبس، پر اها s جڏهن ٻين Consonants سان ايندي ته اها اڳيان الف کڻي هلندي، مثال اسڪول، اسٽوڊنٽ يا اهڙا ٻيا حرف ان ڪري ٻوليءَ جي اصولن ۾ اهو به آهي ته اها ڪوڊنگ جيڪا ٻولي جي ڳالهائيندڙن جي نمائندگي به ڪري يا اهي انهن ٻولي ڳالهائيندڙن کان هضم به ٿي سگهن يا لکي پڙهي ڳالهائي ۽ سمجهي به سگهن يا ائين به ناهي ته ٻين ٻولين جي ڪوڊن کي پنهنجي ٻوليءَ ۾ هڻي يا لڳائي اهو چئجي ته اها ٻولي پڙهي سگهجي ٿي، ان ڪري ٻولين جي ڪوڊن ۾ اهو به آهي ته عربيءَ ۾ يا عبرانيءَ ۾ اهو اکر ڪيئن لکيو پيو وڃي ته اسان به ان جو ڪوڊ انهيءَ ئي طرح رکون يا ٻوليءَ جي ماهرن کي اها ڳالھ آسان ٿي لڳي ته ”ب“ جو آواز ڪيئن لکجي يا ”ڀ“ جڏهن ساڳي ئي ڪوڊ يا فيملي ۾ اچي پيو ته اسان به ان کي ان طرز سان يا ان لپي ۾ لکون، ان ڪري ”ث“ يا ”س“ يا ”ش“ يا ”ص“ به ساڳي فيملي يا گروپ ۾ ٿا اچن ته پوءِ ”ث“ به ”س“ ۽ ”ص“ يا ”ش“ جي لائين ۾ اچي، پر ڪوڊنگ ڪرڻ وقت اها ڳالھ آسان ٿي لڳي ته اهي اکر بجاءِ جو ”س، ش يا ص“ واري گروھ ۾ لکجن، پر ان جي ترتيب وري ”ب ٻ ڀ“ واري لائين ۾ ئي آئي يا اسان وٽ ”ء“ يا ”ڃ“ يا ”ڱ“ ”ڻ“ سان ڪي به لفظ شروع نه ٿا ٿين، تيئن ئي انگريزي ۾ x سان ڪو به لفظ شروع نه ٿو ٿئي، پر اسان وٽ لهجن جي فرق جي اکرن جي ٻٽاڻ جا فرق گهڻا هجن ٿا جنهن ۾ ”ڏاٽرو“ يا ”ڏاٽو“ يا ”پٽ“ ”پٽر“ يا ”ٽوپي“ يا ٻيا اهڙا لفظ ان ڪري ٻولي جي ماهر ڪاميٽي انهن جي ٻٽاڻ وارن لفظن جي ترتيب آڻي يا انهن جا گروھ جوڙي ته ٻولي ۾ اکرن ۽ حرفن جو فرق واضح ٿئي يا لکڻ ۾ لفظن جي گهڻائي اچي سگهي، ساڳي ڳالھ انگريزيءَ ۾ به آهي ته ”ڪنيڪٽيڊ اسپيچ“ يا واڌاري وارن لفظن جي روز روز نواڻ ايندي رهندي ٿي، ان ڪري ٻولي ڳالهائيندڙن جي لهجن جي به محتاج هجي ٿي ان ڪري نواڻ ۽ واڌارو ممڪن ٿي ٿو پئي.

تحقيق جا اصول اهي آهن ته اها جڏهن سوشل سائنسز جي لاءِ ڪئي وڃي يا ان پليٽ فارم تان ڪئي وڃي، جنهن ۾ گھٽ ۾ گھٽ ان تحقيق يا مضمون جا ريسپانڊنٽ (جواب ڏيندڙ يا جواب ده يا جوابدار هجن) يا مثال تحقيق جي نيچرل سائنسز جي لاءِ ڪئي وڃي ته ان ۾ ٻوٽن وڻن يا گاهن يا فصلن جي ڄاڻ هجڻ يا انهن جون شاهديون هجن يا جيڪي گھڻي ڀاڱي وري به انهن جوابدارن ”ريسپانڊنٽ“ تي ڀاڙي ڪري سگهجي ٿي يا جي اها ريسرچ ميڊيڪل سائنسز يا اپلائيڊ سائنسز تي ڪئي وڃي ته ان تحقيق ۾ وري به ليبارٽي جون ٽيسٽون يا سيمپل وٺڻا پوندا آهن نه ته اپلائيڊ سائنسز جي ريسرچ به ڪنهن ڪم جي نه ٿي ٿئي يا ان ڪري ريسرچ پنهنجي طرفان ”ڀِينڊَ“ کي ”ڳُڙُ“ نه ٿو چئي سگهجي يا رِڍَ کي ننڍڙو گينڊو نه ٿو چئي سگهجي يا ٻڌل يا واڙيل يا جانورن جي واڙي ۾ واڙيل شينهن کي ٻڪري نه ٿو چئي سگهجي، ڇو جو ان واڙيل شينهن کان گجڻ وسري ٿو وڃي، ان ڪري تحقيق شاهديون گهرندي آهي يا جي شاهديون يا سيمپل ناهن ته پوءِ تحقيق ڇاجي؟ ان ڪري اسان مڃون ٿا ته ٻوليءَ جون گهرجون ڪجھ به هجن، پر تحقيقي گھرجون ۽ لوازمات پورا ڪجن، تحقيق يا جديد ريسرچ ڪجھ اصول يا پائيدار ضابطا وضع ڪري ٿي جنهن ۾ اهو ضروري آهي ته ريسرچر تحقيقي مقالي جو ”اختصار“ Abstract ”تعارف“ Introduction ڏئي ان ڪري ته APA اسٽائيل هجي يا شڪاگو واري تحقيق جي طرز هجي ۽ ان تحقيق ۾ اهي سڀ ڳالهيون بابن يا حصن ۾ لکيون ٿيون وڃن، يا ان مقالي ۾ Literature Review به ڀرپور لکيو ٿو وڃي، پر ڳالھ اها به آهي ته شروع واري تعارفي حصي ۾ ڪجھ مسئلو Problem Statement به ٻڌائي ته جيئن ڳالھ واضح ٿيندي هلي، ان ڪري مضمون ۽ ريسرچ مقالو ٻه الڳ الڳ شيون آهن، انهن ٻنهي جون گهرجون الڳ الڳ آهن انهن ٻنهي جا لوازمات به الڳ الڳ آهن، ان ڪري ريسرچ پيپر ڀلي Qualitative هجي يا Quantitative هجي يا Mix Method هجي، پر گهربل لوازمات ضرور پورا ڪري يا Discussion ۽ Result ڏيڻ کان پهرين ڪنهن سافٽ ويئر جي اندر ڪجھ Data Running يا Test Run به ڪبي آهي، پوءِ اها Qualitative هجي يا Quantitative هجي، ان ڪري ته جيڪي به ريسرچ ۾ حصو وٺن ٿا، جن کي Respondents چئون يا جن کان اهي سڀ مسئلا يا معاملا ڪنهن سوالنامي Questionnaire تحت پڇيا ويندا آهن ته اهي سڀ هڪ پروفائيل جي صورت ۾ به پيش ڪجن، ان ڪري مضمون، ڪالم يا مقالو انهن ريسرچ پيپرن کان ڪجھ الڳ الڳ ڪري پيش ڪجي يا اها ڳالھ به ڀلي ڀتِ سمجهجي ته جيڪا تحقيق ڪئي وئي هئي ان جي Population يا Sample يا Region يا Area يا Industry ڪهڙي هئي، جنهن مان اها ڳالھ سمجهي سگهجي ته اها ريسرچ ڪنهن مخصوص ايريا يا علائقي کي پيش ڪندي هجي يا جنهن مان اها تحقيق سمجهي سگهجي يا سڀاڻي لاڀ به حاصل ڪري سگهجي، باقي سکڻي مضمون مان ڪو فائدو کڻي هجي به، پر تحقيق Social Sciences ۾ ڪجي يا Applied Sciences ۾ ٿئي يا اها Natural Sciences جي تناظر ۾ ڪئي وڃي، اهي سڀ ڳالهيون پوءِ خاطر لائجن ته جيئن تحقيق جا لوازمات پورا ڪري سگهجن.

***