خاص

ڪنڌڪوٽ ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، آءِ بي اي سکر جو پروفيسر قتل

ڪنڌڪوٽ ۾ ساوند ۽ سندراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ تڪرار تان هٿياربندن جي حملي ۾ آءِ بي اي سکر جو پروفيسر قتل ٿي ويو. شالو واري علائقي ۾ سندراڻي برادري جي ھٿياربندن ھلندڙ پراڻي خوني تڪرار تان ساوند برادري جي ماڻهن مٿان فائرنگ ڪري ڏني. پوليس جو چوڻ آهي ته سندراڻي برادري جي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ڊاڪٽر طارق ساوند جي ڀاءُ  ۽ آءِ بي اي سکر جي پروفيسر اجمل ساوند کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو. آءِ بي اي سکر  جي پروفيسر مقتول اجمل ساوند جو لاش ڪنڌڪوٽ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو. جڏهن ته ساوند برادري ۽ شهرين پاران آءِ بي اي سکر جي پروفيسر جي قتل خلاف لاش رکي ڌرڻو هنيو ويو، قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو ويو آهي.