ڀارت جو بغير تحقيق جي الزامن وارو رويو افسوسناڪ آهي: شاهه محمود قريشي
پاڪستان جي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڪشمير جي شهر پلواما ۾ ٿيل دهشتگردي جي حملي تي افسوس آهي جنهن جي مذمت ڪيون ٿا، پر ڀارت طرفان الزام هڻڻ افسوسناڪ رويو رهيو آهي هو هميشه جلد بازي ۾ پاڪستان تي الزام مڙهيندو رهيو آهي. سڄي دنيا سمجهي ٿي ته پاڪستان کي پلواما واقعي مان ڪوبه فائدو حاصل نه ٿيندو. پاڪستان جي پاليسي رهي آهي ته پاڪستان پنهنجي زمين کي دهشتگردي لاءِ استعمال ٿيڻ نه ڏيندو. ڀارت وٽ جيڪڏهن ثبوت آهن ته اهي پاڪستان سان شيئر ڪن ته اسان ساٿ ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، اسان کي انهن جي جاني نقصان جو صدمو رسيو آهي اسان انهن جوانن جي خاندانن سان اظهار تعزيت ڪريون ٿا. چونڊون اچڻي وڃڻي ڳالهه آهي ڀارت کي سياست کان مٿانهون ٿي ڪري سوچڻ گهرجي. جڏهن ته خطي جي امن ۽ سلامتيءَ کي به فوقيت ڏيڻ گهرجي.