ايسٽرازينيڪا ڪووڊ ويڪسين محفوظ آهي: يورپين ميڊيسنز ايجنسي
گذريل ڏينهن يورپي يونين جي مرڪزي طبي اداري“يورپين ميڊيسنز ايجنسي” (اي ايم اي) ايسٽرازينيڪا ڪمپني جي ٺاهيل ڪووڊ 19 ويڪسين کي بهتر ۽ محفوظ قرار ڏئي ڇڏيو. اهڙن خيالن جو اظهار اي ايم اي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ايمر ڪڪ هڪ آن لائين پريس ڪانفرنس ۾ ڪيو. ياد رهي ته مختلف يورپي ملڪن ۾ ايسٽرازينيڪا ويڪسين هڻائڻ بعد ماڻهن ۾ خون ڄمي وڃڻ ۽ پليٽليٽس گهٽ جهڙن شديد منفي اثرن کانپوءِ هن وقت تائين 18 يورپي ملڪن ۾ ان ويڪسين جو استعمال روڪيو ويو آهي جڏهن ته اهو انگ وڌندو پيو وڃي. انگن اکرن موجب يورپي ملڪن ۾ ڄاڻايل ويڪسين ٻه ڪروڙ ماڻهن کي هنئين وئي جن مان 469 ماڻهن ۾ خون ڄمي وڃڻ جي شديد شڪايت رپورٽ ٿي هئي.

