نيب پاران فريال ٽالپر جا گرفتاري وارا وارنٽ جاري

خبرن موجب آصف زرداري جي گرفتاري بعد نيب جي چيئرمين رٽائرڊ جسٽس آصف اقبال پاران فريال ٽالپر جا گرفتاري وارا وارنٽ به جاري ڪري ڇڏيا آهن. وارنٽ راولپنڊي نيب کي ملي چڪا آهن. خبرن موجب ايندڙ ڪجهه ڏينهن اندر فريال ٽالپر کي گرفتار ڪرڻ جو امڪان آهي. ياد رهي ته اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ ڪوڙن اڪائونٽن واري ڪيس جي ٻڌڻي اڄ ٿيڻي آهي. ان کان پهرين اسلام آباد هاءِ ڪورٽ آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر جي مستقل ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي هئي. جنهن بعد نيب آصف زرداري کي گرفتار ڪري ورتو هو. واضح رهي ته فريال ٽالپر جي گرفتاري بعد سندس ئي گهر کي سب جيل قرار ڏيئي ان ۾ قيد رکيو ويندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *