گم ٿيندڙ ماڻهن جي تلاش لاءِ هڪ نئون طريقو متعارف
وڏن ايئرپورٽن تي موجود پر وڃائجي ويندڙ ماڻهن کي ڳولڻ لاءِ هڪ نئون طريقو متعارف ڪرايو ويو آهي. ياد رهي ته دنيا جي وڏن ايئرپورٽن تي مختلف دڪانن تي يا ڪنهن سان ڳالهائيندي ماڻهو اڪثر پنهنجي فلائيٽ تي نه پهچي سگهندا آهن، انهن جي ڪري سوين مسافرن جون اڏامون به رڪجي وينديون آهن ۽ اهڙن ماڻهن کي ڳولڻ هڪ مسئلو هوندو آهي، پر هاڻي ان مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ سنگاپور جي ايئرپورٽ تي هڪ ٽيڪنالاجي جي مدد سان اهڙن گم ٿيل مسافرن کي ڳوليو ويندو. سنگاپور جي چانگي ايئرپورٽ تي چهري شناس ٽيڪنالاجي لڳائي وئي آهي جيڪا ايئرپورٽ اندر داخل ٿيندڙ ماڻهن جي چهرن کي ياد رکندي. هن ٽيڪنالاجي جي ذريعي 12 ارب ماڻهن جي ڊيٽا مان به ڪنهن هڪ شخص کي ڳولي سگهجي ٿو. جڏهن ته ڪنهن به ايئرپورٽ تي هڪ وقت ۾ هڪ هزار جي لڳ ڀڳ ماڻهو ٿي سگهن ٿا، جن جو ايئرپورٽ ۾ داخل ٿيڻ وقت انهن جي چهري جي شناخت کي ڪميوٽر ۾ داخل ڪري سگهجي ٿو. هي ٽيڪنالاجي ايئرپورٽ تي ڪنهن به جڳهه تي موجود شخص کي تلاش ڪري ان جو اطلاع سيڪيورٽي وارن کي ڏيئي سگهي ٿي ۽ ايئرپورٽ تي موجود سيڪيورٽي وارا ان شخص تائين آساني سان پهچي ان کي فلائيٽ ڏانهن موڪلي سگهن ٿا ۽ هي ڪم صرف هڪ منٽ ۾ ڪري سگهجي ٿو.