”هائپرسومنيا“
ناول-باب ٽيون
بھار جي موسم ھئي، ماريه صبح جو ڪاليج ھلي وئي ھئي ۽ عبدالرحيم اڃا ننڊ ۾ ھو، رات گهڻي دير تائين جاڳڻ جي ڪري کيس صبح تائين گھري ننڊ ھئي… پر ماريه پنھنجي نوڪريءَ جي ذميوارين جي ڪري وقت تي سجاڳ ٿي وئي ھئي، پنھنجين ذميوارين ۾ ڪوتاھيءَ جو احساس کيس شرمنده ڪندو ھو… پر اوجاڳي جي اوڙاھه ۾ به ھن جي لاءِ ماڻيل لمحا گهڻي راحت ڀريا ھوندا ھئا.
ان رات عبدالرحيم ڪو به خواب نه ڏٺو ھو… پر ٻن ڏينھن کان پوءِ ھڪ رات خواب ڏٺو ھئائين ته، پاڻ ڪنھن پارٽيءَ ۾ آھي… جتي موجود بد مزاج ماڻھن سندس شخصيت جو تماشو بڻائي ڇڏيو آھي.
ھو ڏسي رھيو ھو ته، پاڻ وائڙن وانگي ماڻھن جي ميڙ ۾ بيٺي، ھيڏي ھوڏي نھاري رھيو آھي… ماڻھو مٿس ٽھڪ ڏئي کلي رھيا آھن، ڪي ماڻھو مٿس جملي بازي به ڪري رھيا آھن… ھن جملن کي سمجهڻ لاءِ غور ڪيو، ھڪ ماڻھو جنھن جي ڏاڙھي ٻچي ھئي، سو ڪنھن کان پڇي رھيو ھو: ”چريو آھي ڇا!؟“
ٻئي کيس وراڻيو: ”عجيب ماڻھو آھي!“
ماڻھو ھن جي باري ۾ وڌيڪ ڳالھائڻ لڳا ھئا، ڪنھن چيو: ”اڳي ته ائين نه ھو، سھي سالم ھوندو ھو. شايد ڪنھن ڪاليج ۾ پڙھائيندو به آھي!“
ان تي ٻچي ڏاڙھيءَ واري طنزيه ٽھڪ ڏيندي چيو: ”ھيھڙا چريا به جي استاد ھوندا ته، شاگردن جو ڪھڙو حشر ٿيندو!“ اھو جملو ٻڌندي ئي سندس دل اڇل کاڌي، ھن کي اھڙي جملي گھرو زخم رسايو ھو، بي وسيءَ جي عالم ۾ عبدالرحيمَ کيس ٻڌائڻ چاھيو ھو ته: ”جناب! مان نوڪري ڇڏي چڪو آھيان!“ پر ماڻھن جي روين ۽ بيجا جملن جي حملن جي خوف کان ھو خاموش رھجي ويو ھو.
ان پل ھن سوچيو ھو ته انساني زبان دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ زھريلي آھي! ھر جملو ھڪ ڏنگ آھي… ۽ ماڻھو ھڪ ڏنگ جي لڳڻ سان عمر ڀر پيو، ان زھر ۾ لوڙيندو آھي… تنھن پل اچانڪ ھن کي يقين ٿي ويو ھو ته ھن ٻچي ڏاڙھيءَ واري غلط ناھي چيو، مان ته واقعي به چريو ٿي رھيو آھيان… تڏھن ته مون نوڪري به ڇڏي ڏني آھي… ۽ پاڻ کي گهر تائين محدود ڪري ڇڏيو اٿم، گهر تائين محدود ٿيڻ سان کيس پنھنجي پاڻ کي قيد ڪرڻ جو احساس ٿيو، ھن ويچاريو ته ھي منھنجي خوشگوار زندگيءَ ۾ عجيب المياتي موڙ اچي ويو آھي، جنھن ۾ مون ڪو ڏوھه به ناھي ڪيو، پر پنھنجي پاڻ کي پاڻ ئي قيد جي سزا ڏئي ڇڏي اٿم.
جڏھن عبدالرحيم سجاڳ ٿيو ته ھو اھو ڏسي حيران ھو ته پاڻ پنھنجي ڪمري ۾ ئي ستل ھو، اھي بي حس ۽ بد فضيلتا ماڻھو… ۽ اھا پارٽي ھڪ خواب ھو.
ھن فوري طور پنھنجي خواب کي ياد ڪرڻ چاھيو، ڇاڪاڻ جو ٿوري ئي دير کان پوءِ کائنس خواب وسري ويندو ھو… ھن کان اڪثر پنھنجا خواب وسري ويندا ھئا، ائين جيئن کائنس پنھنجي پائڻ جا ڪپڙا ۽ ڪوٽ وسري ويندا ھئا.
ھو بستري تي ليٽي پئي ئي سوچي رھيو ھو ته مون کي منيزه واري پارٽي نه وڻي ھئي… ۽ خاص طور مون کي ته، منيزه جو اھو جملو ”شڪر آ ته، بارش نه ٿي! نه ته سڄي پارٽي خراب ٿئي ھان!“ بلڪل به نه وڻيو ھو… بلڪه مون کي ته ڪاوڙ آئي ھئي… ڪاوڙ جو خيال ايندي ئي ھن پنھنجي پاڻ کان پڇيو: ”مون کي منيزه تي ڪاوڙ آئي ھئي يا سندس انھيءَ جملي تي!؟“ ھو غور ڪرڻ لڳو ھو ته، کيس ڪاوڙ ڇا تي آئي ھئي.
ڪافي دير کان پوءِ، ھن اھا ڳالھه واضح طور سمجهي ورتي ھئي ته، کيس منيزه تي نه، پر سندس انھيءَ سوچ تي ڪاوڙ آئي ھئي ته، بارش نه وسي ته ڀلو ٿيو آھي!
ھو اٿيو ۽ واش روم ۾ وھنجڻ لاءِ ھليو ويو ھو، کائنس برش ڪرڻ وسري ويو، ھن کي انھيءَ تي افسوس ٿيو. چانھه ٺاھيندي ھن سوچيو: ھي خواب مون کي ماريه جي ڪري ئي ڏسڻو پيو آھي… جي ھوءَ مون کي ٻه ڏينھن اڳ انھيءَ پارٽي ۾ ھلڻ لاءِ نه چوي ھان ته، مان ھي خواب بلڪل به نه ڏسان ھان! ھوءَ اڪيلي ھلي وڃي ھان ته، ڇا ٿئيس ھان!؟ ھي سوال سوچيندي ئي عبدالرحيم خواب جو الزام ماريه تي ھڻي ڇڏيو ھو… پر جي مان گهر ۾ اڪيلو ھجان ھان ۽ ڪو به ڪم نه ڪيان ھان ته، ننڊ اچي وڃي ھان، ممڪن آھي پوءِ به ڪو نه ڪو خواب ڏسان ھان! اھڙو خيال ايندي ئي ھن ماريه تي لڳايل الزام واپس ورتو… ڪنھن به ماڻھوءَ کي پنھنجي خوابن جو الزام ڪنھن ٻئي ماڻھوءَ تي ڌرڻ نه گهرجي. ھو ائين سوچيندي، چانھه ٺاھي… بورچيخاني مان ٻاھر نڪري آيو ھو.
ھن لائونج ۾ لڳل گهڙيال ۾ وقت ڏٺو، 12:37 ٿي ويا آھن… ھن ويچاريو، اڌ ڏينھن گذري ويو آھي… پر مون کي ڏينھن جي گذرڻ جو افسوس نه ڪرڻ گهرجي! ڏينھن کي گذرڻو آھي ۽ راتين کي ڪنھن جي لاءِ به رھڻو ناھي! پر ھن وقت ان جي لاءِ ڏٺو ھو ته پاڻ ڏينھن جو ڪيترو حصو ستل رھيو ھو ۽ ماريه جي واپس اچڻ ۾ اڃا ڪيتري دير ھئي؟ انھن ٻنھي ڳالھين جو جواب ھڪ پل ۾ ئي سمجهي ورتو ھئائين.
ھو ڪمري ۾ صوفي تي اچي ويٺو ھو، چانھه پيئندي ھن ڪمري جي شين تي نظر ڊوڙائي، بڪسي تي ٽيبل ليمپ اڃا ٻري رھي ھئي، تنھن جي شعاع ۾ کيس ڪتاب نظر آيو… ۽ پوءِ ھن جي نظر ماريه جي ڪاري بِرا تي پئي، سندس ذھن تي راتوڪا منظر تري آيا ھئا، ھن خوش ٿي، مسڪرائي ڏنو ھو… انھيءَ مسڪرائي ڏيڻ جي ساعت ۾ ئي کيس ياد اچي ويو ھو ته، خواب ۾ ماڻھو مٿس انھيءَ ڪري کلي رھيا ھئا، جو ھو پارٽيءَ ۾ ٽھڪَ ڏئي رھيو ھو… گهڻي دير کان پوءِ، کيس ياد آيو ته، پارٽيءَ ۾ منيزه جي ساڙھي کُلي وئي ھئي، ۽ ھو انھيءَ تي کلي رھيو ھو.
***