نئون

سپريم ڪورٽ بحريا ٽائون کي پلاٽ ۽ فليٽ وڪرو ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

سپريم ڪورٽ ڪالهه پنهنجي هڪ حڪم نامي ۾ بحريا ٽائون کي پلاٽ ۽ فليٽ وڪرو ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. سپريم  ڪورٽ جو چوڻ آهي ته ملير ۾ بحريا ٽائون جي زمين غير قانوني طريقي سان الاٽ ڪئي وئي آهي. واضح رهي ته بحريا ٽائون جي زمين سرڪاري هئي جيڪا بحريا ٽائون کي سندس ٻين جڳهين تي ان جي ملڪيت جي زمين جي عيوض بدلي ۾ ڏيئي ان کي خريد ڪيو هو. هي سودو غير قانوني ثابت ٿيو ته ٻئي زمينون واپس ڪيون وينديون. سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ جي سربراهه جسٽس اعجاز افضل خان نيب کي به آرڊر جاري ڪيو ته نيب هن ڏس ۾ انويسٽيگيشن ڪري ٽن مهينن ۾ رپورٽ جمع  ڪرائي. بحريا ٽائون تي لڳايل الزامن ۾ چيو ويو آهي ته هن جڳهه تي هڪ عام اسڪيم جي منظوري ملي هئي جنهن کي بعد ۾ بحريا ٽائون ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. الزامن ۾ اهو به چيو ويو آهي ته سرڪاري زمين جي بدلي ۾ مليل زمين جي قيمت به ان جي برابر نه هئي جنهن ۾ اهو سودو ٿيو. ياد رهي ته هي سودو ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي جي منظوري تحت ڪيو ويو هو ۽ ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي 1993 ۾ قائم ٿي هئي.