بلاگنئون

پاڪستان ۾ جشن آزاديءَ جون تياريون ڇو؟

پاڪستان جي آزاديءَ جو ڏينهن هر سال پوري ملڪ ۾ جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويندو آهي. هر طرف قومي گيتن تي جهمريون پائي خوشيءَ جو اظهار ڪيو ويندو آهي، پر پاڪستان جي حالتن تي نظر رکڻ جو شايد ڪنهن کي موقعو ئي نٿو ملي. هئڻ ته ائين گهرجي ته ان ڏينهن تي ملڪ جي بقا ۽ سلامتيءَ لاءِ نئين حڪمت عملي ٺاهجي، پنهنجي ڪيل غلطين جو اعتراف ڪيو وڃي، خود احتسابي جي تحريڪ کي تيزيءَ سان وڌائجي ته جيئن ملڪ ۽ قوم جو ڀلو ٿيندو رهي. اچو ته ان پاڪستان جو جائزو وٺون جنهن لاءِ عوام ڏينهن رات جاکوڙ ڪري رهيو آهي. جڏهن جنرل پرويز مشرف اقتدار سنڀاليو هو ته ڪجهه ماڻهن چيو ته فيلڊ مارشل ايوب خان کان وٺي جنرل ضياءُ الحق تائين جو دور به پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪو سٺو دور نه هو، ان دور جي تاريخ سڄي پاڪستان لاءِ بي مثال ثابت ٿي، پر اسان ڏٺو ته پرويز مشرف جي دور ۾ به ڪاروباري حالتون تمام سٺيون هيون، پر امن امان جو رڪارڊ سٺو نه هو. عام طور تي اهو خيال آهي ته پاڪستان ۾ ڪڏهن به ڪنهن به سياسي يا فوجي قيادت ۾ بهتر دور نه گذريو آهي. پوءِ اهو وقت جنرل ايوب جو هجي، جنرل ضياءُ جو هجي يا وري جنرل مشرف جو هجي. پرويز مشرف تقرير جي آخري لفظن ۾ چوندو هو ته، “الله پاڪستان جو نگهبان آهي،” انهن لفظن ماڻهن کي هر ڀيري روئاڙي ٿي ڇڏيو. اقتدار ڇڏڻ سان، پرويز مشرف ثابت ڪيو هو ته حقيقت ۾، الله پاڪستان جو نگهبان آهي.

 2009 ۾، وفاقي حڪومت ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت قائم ٿي ۽ ائين مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽي واري واري ميثاق جمهوريت جي نالي اقتدار ماڻيندا رهيا، پر پاڪستان جي عوام جي حالتن ۾ سڌارو نه آيو. جڏهن اسٽبلشمينٽ نئون تجربو ڪرڻ لاءِ احتجاج تي ويٺل عمران خان کي اقتدار ڏنو ۽ ٽن سالن اندر کيس هيرو مان زيرو ڪري ڇڏيو ۽ وري ساڳيون ٻئي پارٽيون گڏيل حڪومت ٺاهي اقتدار تي ويٺل آهن، پر ڪوبه ملڪي سڌاري جو پروگرام مرتب ناهي ڏنو. گذريل اليڪشن ۾، پاڪستان تحريڪ انصاف کي پارٽي بنا اليڪشن وڙهڻ ۽ بغير نشان جي حصو وٺڻ جو پروگرام ٺاهيو ان جي باوجود پي ٽي آئي سٺي تعداد ۾ سيٽون کٽيون. هن اليڪشن ۾ وڏي ڌانڌلي جي مهم شروع ڪئي وئي ۽ سياست ۾ هڪ نئين تبديلي جنم ورتو، جنهن جي ڪري پي ٽي آئي اميدوارن لاءِ ڌرتي ٽامو ڪئي ويئي ۽ هڪ خاموش آپريشن مٿن مسلط ڪيو ويو. هن آپريشن ۾ پي ٽي آئي جي وزيرن کان وٺي حمايتين تي نوان نوان ڪيس داخل ڪيا ويا ۽ ڪيترن ئي چونڊيل وزيرن کي قيد ڪري کين نااهل قرار ڏنو ويو، سندن ڏوهه رڳو اهو آهي ته 2018 جي چونڊن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف کي سڄي پاڪستان ۾ هڪ مضبوط قيادت ڇو ملي ۽ توهان تحريڪ انصاف ۾ شامل ڇو ٿيا. هن وقت ويٺل حڪمران پاڪستان مان ڪرپشن غربت بيروزگاري بي حيائي ختم ڪرڻ بجاءِ پي. ٽي. آئي جي خاتمي کي ملڪ جي ترقي سمجهي ٿي. اهڙي صورتحال ۾ پاڪستان جو جشن آزادي ملهائڻ جو ڇا مقصد آهي. پاڪستان 1947ع کان اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به لحاظ کان آزاد نه رهيو آهي. قرض جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل پاڪستان پوري دنيا جي غلاميءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙيل آهي. هن وقت قوم جي خوشحالي هڪڙو اهڙو سوال آهي، جيڪو سياست ۾ ور ور اُڀرندو آهي ۽ هوشيار ۽ چالاڪ سياستڪار انهيءَ سوال سان ور ور کيڏندا رهندا آهن. اهي عوام جي غربت تي ڳوڙها ڳاڙيندا آهن، غريبي ۽ خوشحاليءَ جي وچ ۾ ڀيٽ ڪندا آهن، خوشحاليءَ جو وڻندڙ ۽ دل آويز خواب ڏيکاريندا آهن ۽ هڪڙي خاص مند ۾، جيڪا گهڻو ڪري چونڊن جي مند هوندي آهي، عوام سان خوشحاليءَ جا وچن ۽ واعدا ڪندا آهن، پر اهو عمل صرف چونڊن جي وقت ڪونه ٿيندو آهي. سياست جي دنيا ۾ وقت بوقت اهڙا ڪيترا ئي موقعا ايندا آهن، جڏهن هيءُ سوال اُڀري پيو ايندو آهي ۽ انهيءَ جي جواب ۾ ٽيڪا ٽپڻي پئي ٿيندي آهي، تنقيد ۽ تبصرا پيا ٿيندا آهن ۽ وچن وعيد پيا ورجائبا آهن. سماجي ۽ اقتصادي اُٿلن پُٿلن، لوڏن لمن ۽ هيٺانهين مٿانهين ۾ هيءُ سوال پيو اُڀرندو آهي ۽ طالع آزمائي گهڻي ڀاڱي هيءَ کيڏ، غلام، اڻ سڌريل ۽ پٺتي پيل ملڪن ۾ ئي کيڏندا ئي رهندا آهن.

جهڙيءَ ريت سماج هڪڙو مسلسل لقاءُ آهي، بلڪل اهڙي ئي ريت سياست ۽ اقتصاديات پڻ هڪڙو مسلسل تحرڪ ۽ نه رُڪجندڙ عمل آهي، پر ڪوبه تحرڪ سڌي لڪير ۾ سفر نٿو ڪري. جتي تحرڪ آهي، اُتي هيٺانهيون مٿانهيون آهن. انهيءَ ڪري سياست، سماج ۽ اقتصاديات پڻ اوڀارين لهوارين ۽ هيٺانهين مٿانهين وارن ورن وڪڙن وارين واٽن جا مسافر هجن ٿا. ساڳيا ماڻهو جيڪي هڪڙي وقت ۾ خوشحاليءَ جي بلندين تي بيٺل ملن ٿا، ٻئي وقت تي انهن جي جڳهه هيٺ گهڻي هيٺ ڏسڻ ۾ اچي ٿي. آزاد قومن جا معاشرا ۽ عوام پڻ اقتصادي بحرانن ۾ ڦاسندا ۽ مالي مشڪلاتن جي ور چڙهندا رهن ٿا. جيتوڻيڪ غربت هڪڙو عوامي مسئلو آهي. تنهن هوندي به آزاد ۽ غلام، سڌريل ۽ پٺتي پيل ملڪن جي صورتحال ۾ هڪڙو چٽو فرق موجود هجي ٿو.

آزاد سڌريل ۽ ترقي يافتا ملڪ بنيادي طور خوشحال ملڪ هجن ٿا، ايئن بلڪل آهي ته آزاد، سڌريل ۽ ترقي يافتا ملڪ به معاشي بدحالي، بيروزگاري ۽ اقتصادي بحرانن جي ور چڙهي وڃن ٿا، پر هر قسم جي خراب صورتحال جي باوجود، نه ته اتي جو عوام بکن ۾ پاهه ٿي مرڻ لڳي ٿو ۽ نه ئي وري معاشي ابتري اُن سطح تي پهچي ٿي، جو ماڻهو بنهه ڪنگال، سقيم ۽ بدحال ٿئي، غربت جي عالمي لڪير واري پد کان هيٺ زندگي گهارڻ تي مجبور ٿي وڃن، آزاد ۽ سڌريل ملڪن ۾ بيروزگاري ۽ بدحاليءَ سبب جيڪا ٿوري گهڻي غربت پيدا ٿئي ٿي، اها مڪاني يا عالمي اقتصادي بحران جو نتيجو هجي ٿي، جيئن ئي اهو بحران ختم ٿئي ٿو، تيئن ئي اها بدحالي، غربت ۽ ابتري ختم ٿيو وڃي ٿي، آزاد ۽ سڌريل ملڪن ۾ عوام جي معاشي بدحالي هڪڙو عارضي ۽ بنهه مختصر لقاءُ هجي ٿي. غلام ملڪن ۾ غربت ۽ بدحاليءَ جو ڪارڻ قومي استحصال ۽ ڦرلٽ هجي ٿي. غاصب ملڪ يا قومي قبضي هيٺ آيل ملڪ يا قوم جي پيداواري وسيلن جي بيدرديءَ سان ڦرلٽ ڪري اُن قوم کي تباهيءَ جي ور چاڙهيو ڇڏي، استحصال جو شڪار قوم جا فرد غربت جي عالمي لڪير کان به هيٺ زندگي گهارڻ تي مجبور ٿيو پنڻ ڀيڙا ٿيو وڃن، جڏهن ته استحصال ڪندڙ قوم جا ماڻهو ڏينهون ڏينهن مچندا مواڙ ٿيندا، شاهوڪار ٿيندا ويندا آهن. غلام ٻن مختلف ڏِسائن ۾ وڌندڙ انهيءَ فرق کي ڏينهون ڏينهن وڌائيندي ويندي آهي.

قومي غلاميءَ ۾ قومون ترقي نه ڪنديون آهن، قومي غلامي، ترقي، خوشحالي ۽ خوشين جا در بند ڪري ڇڏيندي آهي، اها بدحالي، مسئلا ۽ غربت ڄڻيندي آهي. جنهن جي نتيجي ۾ غلام يا قبضي هيٺ آيل قوم، ڪمزور، لاچار ۽ هيڻي ٿي ويندي آهي، جيڪا قوم جبر، ڏاڍ ۽ ڦرلٽ جو شڪار هجي، اها ترقي ڪيئن ٿي ڪري سگهي؟ جنهن عوام کي پنهنجي قومي پيداواري وسيلن مٿان ڪو اختيار نه هجي، اها خوشحال ڪيئن ٿي ٿي سگهي؟ سياست ۽ اقتصاديات کي ڪنهن به صورت ۾ الڳ ڪري نٿو سگهجي، جيڪا قوت سياسي طور بالادست ٿي ويندي آهي. اها اقتصادي لحاظ کان به بالادستي قائم ڪري وٺندي آهي. ساڳئي نموني اقتصادي بالادستي رکندڙ قوت هوريان هوريان سياسي طور بالادست ٿي ويندي آهي.

سياست ۽ اقتصاديات هڪٻئي کان اڻ ڇڄندڙ ۽ هڪٻئي جا مددي عنصر آهن، جيڪڏهن ڪو هڪ پاسو سگهارو ۽ بالادست ٿي ويندو، اهڙي ئي نموني جيڪڏهن ڪو هڪ پاسو ڪمزور هوندو ته ٻيو پاسو پڻ ڪمزور ٿي ويندو. جيڪا قوم سياسي لحاظ کان ڪمزور هوندي، اها پنهنجا پيداواري وسيلا بچائي يا انهن مان گهربل لاڀ حاصل ڪري نه سگهندي، نتيجي ۾ ڏينهون ڏينهن وڌيڪ ڪمزور ٿيندي ويندي، تان جو ان جي سياسي خود مختياري ۽ آزادي پڻ خطري جي ور چڙهي ويندي ۽ سندس پيداواري وسيلا پڻ سندس هٿن مان هليا ويندا. اهڙي صورتحال ۾ ملڪ آزاديءَ جا جشن نه پر غلاميءَ جو ماتم ڪندي ئي بهتر لڳندو آهي.