پاڪستان جي آزاديءَ جو ڏينهن هر سال پوري ملڪ ۾ جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويندو آهي. هر طرف قومي گيتن تي جهمريون پائي خوشيءَ جو اظهار ڪيو ويندو آهي، پر پاڪستان جي حالتن تي نظر رکڻ جو شايد ڪنهن کي موقعو ئي نٿو ملي. هئڻ ته ائين گهرجي ته ان ڏينهن تي ملڪ جي بقا ۽ سلامتيءَ لاءِ نئين حڪمت عملي ٺاهجي، پنهنجي ڪيل غلطين جو اعتراف ڪيو وڃي، خود احتسابي جي تحريڪ کي تيزيءَ سان وڌائجي ته جيئن ملڪ ۽ قوم جو ڀلو ٿيندو رهي. اچو ته ان پاڪستان جو جائزو وٺون جنهن لاءِ عوام ڏينهن رات جاکوڙ ڪري رهيو آهي. جڏهن جنرل پرويز مشرف اقتدار سنڀاليو هو ته ڪجهه ماڻهن چيو ته فيلڊ مارشل ايوب خان کان وٺي جنرل ضياءُ الحق تائين جو دور به پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪو سٺو دور نه هو، ان دور جي تاريخ سڄي پاڪستان لاءِ بي مثال ثابت ٿي، پر اسان ڏٺو ته پرويز مشرف جي دور ۾ به ڪاروباري حالتون تمام سٺيون هيون، پر امن امان جو رڪارڊ سٺو نه هو. عام طور تي اهو خيال آهي ته پاڪستان ۾ ڪڏهن به ڪنهن به سياسي يا فوجي قيادت ۾ بهتر دور نه گذريو آهي. پوءِ اهو وقت جنرل ايوب جو هجي، جنرل ضياءُ جو هجي يا وري جنرل مشرف جو هجي. پرويز مشرف تقرير جي آخري لفظن ۾ چوندو هو ته، “الله پاڪستان جو نگهبان آهي،” انهن لفظن ماڻهن کي هر ڀيري روئاڙي ٿي ڇڏيو. اقتدار ڇڏڻ سان، پرويز مشرف ثابت ڪيو هو ته حقيقت ۾، الله پاڪستان جو نگهبان آهي.