سفر ناموسفرنامو

(سفرنامو قسط-ٻين) برطانيه جي ڀونءِ ۾…

لنڊن ڏانهن اڏام

جيئن ته مون محبوبه جي ماڻن جيان سدائين ساڻ رھندڙ گوڏي جي سور جي ڪري ٽڪيٽ ۾ ويِل چيئر ڪرائي هئي، انهيءَ ڪري منهنجو سڄو سامان بمع هينڊ ڪيري جي لگيج  (جهاز جي ڪارگو) ۾ هليو ويو ھو ۽ آئون جھاز ۾ بورڊنگ پاس تي درج ٿيل سيٽ ڳولهي اچي آرام سان  ويھي رھيس. ٿوري دير گذري جو بورڊنگ پاس جاري ڪندڙ اسٽاف جو هڪ فرد مون وٽ آيو ۽ چيائين ته، “توهان کي غلط سيٽ الاٽ ٿي وئي آهي، تنهنڪري اها بورڊنگ پاس مون کي ڏيو” ۽ پوءِ هن مون کي اُتان اُٿاري اچي ٻي سيٽ تي ويهاريو. سيٽ تي ويهندي مون چيو مانس ته، “بورڊنگ پاس ته توهان کڻيو ٿا وڃو آئون لنڊن ۾ ايئرپورٽ تي پنهنجو سامان ڪيئن حاصل (Collect)  ڪندس؟” هن وراڻيو ته، “توهان کي توهان جي نالي واري نئين بورڊنگ پاس موڪلي ٿا ڏيون.” ائين چئي ھُو ھليو ويو. آئون اندازن ڏهن منٽن تائين انتظار ڪندو رهيس، پر اُهو آفيسر نه موٽيو ۽ نه ئي مون کي بورڊنگ پاس ملي. ٿوري دير ۾ منهنجي ڪنن تائين پائليٽ جي جهاز اُڏامڻ بابت انائونسمينٽ جو آواز پهتو. بورڊنگ پاس نه ملڻ ڪري منهنجي پريشاني وڌي وئي ۽ مون ايئرهوسٽيس کي پاڻ وٽ سڏيو ۽ کيس پنهنجو مسئلو ٻڌايو. منهنجي سنڌي لهجي واري انگريزي ۽ هن جي عربي لهجي واري انگريزي، سو نڪو هُن منهنجي ڳالهه سمجهي ۽ نڪو وري مون هُن جي ڳالهه سمجهي. هاڻ ڀلا قداور ۽ صحرائي حُسن سان سرشار ايئرهوسٽيس کي سمجهايان ته ڪيئن سمجهايان؟ هونئن به محبت جي داستانن جي تاريخ ڦلهوري ڏسجي ته پتو پوندو ته حسينائن جون رڳو مرڪون ۽ ادائون ئي سمجهه ۾ اينديون آهن، باقي اُنهن جون ڳالهيون ڪڏهن به ڪنهن کي سمجهه ۾ ڪونه آيون آهن! هاڻي جهاز آهستي آهستي هلڻ به شروع ڪري ڇڏيو ۽ منهنجي پريشاني ويتر وڌي ويئي. مون سوچيو ته خدانخواسته جي مون وارو سامان جهاز ۾ ناهي چڙهيو يا اُتي لنڊن ۾ بورڊنگ پاس نه هئڻ سبب نه مليو ته مون سان اُهو ئي حشر ٿيندو جيئن اخبارن ۾ ڪڏهن ڪڏهن سرخي نظر ايندي آهي ته، “محترمه ٽن ڪپڙن ۾ پنهنجي عاشق سان گڏ ڀڄي وئي.” خير پنھنجن ڪپڙن جو ته وري به بندوبست ٿي ئي ويندو، پر دوائن جو ڇا ٿيندو؟ پاڻ جيڪي پنهنجي صحت جي حوالي کان سڀ وارنٽيون ۽ گارنٽيون پوريون ڪري چڪا آهيون، ڀلو ٿئي انگريزن جو، جنين جي ايجاد ڪيل دوائن جي طفيل حياتي جو بونس ملي ويو آهي ۽ مڙئي گاڏو پيو ڌڪجي، سو انهن انگريزي دوائن کانسواءِ پنهنجو گذارو ڪيئن ٿيندو؟ پاڻ وٽ ته دوائون بنا پرچي (Prescription) جي مليو وڃن، پوءِ اُهي کڻي نشي آور ۽ ممنوع ڇو نه هجن، پر يورپ ۾ ته بنا ڊاڪٽر جي پرچي (prescription)  جي دوائون به فارميسي جي دڪانن تان ڪونه ٿيون ملن ۽ وري دوائون اُتي آهن به ايتريون مهانگيون، جو چڱو ڀلو ماڻهو به وٺي ڪونه ٿو سگهي. بهرحال جڏهن ايئرهوسٽيس منهنجي ڳالهه نه سمجهي ته مون کيس اسٽاف جي ٻئي ڪنهن ميمبر کي وٺي اچڻ جو چيو. منهنجي پويان سيٽ تي هڪ وڪيل (مون کي سندس نالو وسري ويو آهي) ويٺو هو، جنهن هيءَ سڄي ڳالهه ٻڌي پئي، تنهن چيو ته، “توهان فڪر نه ڪريو پاڻ دبئي ايئرپورٽ تي ڊپليڪيٽ بورڊنگ پاس ڪڍرائي وٺنداسين.” وڪيل جي ڳالهه ٻڌي منهنجي پيٽ ۾ ڪجهه ساهه پيو، باقي ايئرهوسٽيس وري واپس ڪونه وري ۽ نه ئي وري هوائي جهاز جي عملي جو ٻيو ڪو ميمبر حال احوال وٺڻ آيو. هاڻي ايئر ھوسٽيسون، جھاز جي حادثي يا ٻئيِ ڪنھن ايمرجنسي جي صورت ۾ ان کان ڪيئن بچجي، ان بابت لائيو سيشن ڪري پئسينجرن کي معلومات ڏيئي رھيون ھيون ۽ جهاز رن وي تان ڊوڙندو مٿي اُڀ ۾ اُڏامي رهيو هو.

جيئن جيئن جهاز مٿي اوچائي تي پهچندو ويو تيئن تيئن ڌرتي جا نظارا اکين کان اوجهل ٿيندا ويا. ڪراچي شهر جون عمارتون، وڻ ٽڻ، جبل، ميدان، هاڻي ڪٿي به نظر ڪونه ٿي آيا ۽ منهنجي هيٺ ۽ مٿي بس ڪڪرن ڀريو آسمان ئي آسمان هو. ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته، “ڪاش! جهازن ۾ ڪي کُلڻ واريون دريون هجن جو ڪڪرن کي ڇهي ائين مزو وٺجي جيئن سمنڊ جي ڪناري تي ڇولين کي ڇهي من جو آنند وٺبو آهي.” هاڻي اسان جو جهاز لڳ ڀڳ 35000 فوٽن جي اوچائي تي اُڏامي رهيو آهي، يعني زمين کان تقريبن 11 ڪلو ميٽر مٿي. ڪراچي کان دبئي لاءِ جيڪو آسمان ۾ رستو(Route)  پوي ٿو اُن جي هيٺ گوادر ۽ اومان اچي وڃن ٿا، يعني جهاز عربي سمنڊ جي مٿان اُڏامي ٿو. ان اوچائي تي اُڏامندڙ جهاز جي اسپيڊ اسڪرين تي تقريبن 900 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ ڏيکاءُ ڏيئي رهي آهي ۽ ڪراچي کان دبئي جو مفاصلو اندازن 1180 ڪلو ميٽر نظر اچي رهيو آهي. جهاز جي ٻاهر جيڪو گرمي پد اسڪرين تي ڏيکاءُ ڏئي ٿو اهو تقريبن ڪاٽو 42 ڊگري سينٽي گريڊ آهي. مان سوچيان ٿو، خدانخواسته جيڪڏهن جهاز سان ڪو حادثو ٿئي ته ٻاهر جيڪو گرمي پد آهي اُن ۾ جهاز اندر ايئر هوسٽيسن طرفان ٻڌايل حفاظتي (بچاءُ) طريقن موجب ماڻھو پئراشوٽ ذريعي جهاز کان ٻاهر ٽپو ڏئي (نڪري) به صحيح، ته به ٻاهرئين گرمي پد ۾ جيڪو مائينس کان به 42 ڀيرا هيٺ آهي، سردي ۾ سڪڙجي (ٺٺرجي) مري ويندو. بس حسين ايئرهوسٽسن جا ٻڌايل حفاظتي اُپاءُ مرزا غالب جي شعر،

دل ڪي بهلاني ڪو غالب يي خيال اڇا هي،

ڪي هم ڀي ڪڇ هين، ڪوئي هم سا ڀي ڪيا هوگا.

جي مطابق مڙئي ٺلهي تسلي آهي، باقي هيستائين جيتري قدر مون پڙهيو آهي يا منهنجو مشاهدو آهي ته هوائي حادثن ۾ ڪو خوشنصيب ورلي ئي بچيو آهي، باقي ته “رات گئي بات گئي،” وانگي بس حياتي جو کيل ئي خلاص (ختم). انهيءَ ڪري پاڻ سنگت کي چوندا آهيون ته يار! جي موڊ نه به هجي ته به جهاز ۾ سفر دوران ٻه ٽي پيگ سوم رس (شراب) جا ضرور چاڙهڻ گهرجن، ٿي سگهي ٿو ته اهو توھان جي زندگي جو آخري سفر هجي ۽ متان مٿي ملڻ جي آسري تي هِن جهان ۾ به پيئڻ جي حسرت (خواهش) اڻپوري رهجي وڃي!

جهاز جيئن ئي مٿي پنهنجي اوچائي جي حد تي سفر ڪرڻ لڳو ته ايئرهوسٽيسون جهاز جي سيٽن جي پاسن کان ٺهيل رستي/لنگھه(path)  تي کاڌي پيتي جي شين سان سٿيل ٽراليون هلائيندي جهاز جي مسافرن کي سروس ڏيڻ لڳيون. لنچ (ٻنپهرن جي ماني) سان گڏ جنهن جوس گهريو ٿي ته اُن کي جوس ۽ جنهن وسڪي/وائن طلبيو ٿي ته اُن کي وسڪي/وائن سان گڏوگڏ لنچ جو ٽري به ڏينديون ٿي ويون. وسڪي جا ٻه ٽي ڍڪ وٺندي مون سوچيو ته، “آسمان ۾ ڪڪرن جي تبديل ٿيندڙ رنگن روپن ۽ سوم رس (شراب) وٺڻ سان من اندر ۾ سرجندڙ خيالن ۾ ڪيتري نه هڪ جهڙائي آهي! ڪڪرن جا تبديل ٿيندڙ رنگ روپ ماڻھو تي سحر طاري ڪريو ڇڏين ۽ وري وسڪي جي اوتڻ سان اُڀرندڙ خيال من اندر کي ڪيڏو نه سرور بخشين ٿا!”

ڪراچي کان دبئي جو سفر تقريبن پوڻا ٻه ڪلاڪ آهي، جيڪو ايئرهوسٽيسن جي اچ وڃ ۽ سروس ۾ ئي گذريو وڃي. هاڻي پائليٽ جو آواز جهاز ۾ وري گونجيو آهي ته، “اسان جي پرواز جلد ئي دبئي جي ٽرمينل 3 تي پهچڻ واري آهي.” هن گڏوگڏ دبئي جي موسم/گرمي پد جي واقفيت ڏيندي پئسينجرن کي سيٽ بيلٽ ٻڌڻ جي به هدايت ڪئي. ٿوري ئي دير ۾ جڏهن جهاز مٿئين اوچائي کان هيٺ لهڻ شروع ڪيو ته دبئي جا رستا ۽ عمارتون ڌنڌليون ڌنڌليون نظر اچڻ لڳيون، ائين جيئن پردي مان حسينه جو چھرو نظر ايندو آھي ۽ جيئن ئي جهاز اڃان هيٺ لهندي اُڏامڻ لڳو ته شهر جون عمارتون ۽ روڊ رستا بلڪل صاف ۽ چٽا نظر اچڻ لڳا ڄڻ حسينه پنھنجي چھري تان نقاب لاھي ڇڏيو ھجي. ھاڻي اُنهن رستن تي ڊوڙندڙ ڪارون ۽ ٻيون گاڏيون به ڏيکاءُ ڏيڻ لڳيون. هاڻي آئون پَرِين ۽ ديوتائن جي ديس آڪاش کي ڇڏي جيوت کي جنم ڏيندڙ مٽي (ڌرتي) جي محور (حدن) ۾ داخل ٿي ويو آهيان. ٿوري ئي دير ۾ جهاز رن وي تي ڊوڙڻ لڳو ۽ ڊوڙندي ڊوڙندي بيهي رهيو. جيئن ئي جهاز بيٺو ته ماڻهن جهاز جي سيٽن مٿان ڪيبنن (باڪسن) مان هينڊ ڪيريون ۽ ٻيو ٿورو گهڻو ايئرپورٽ تان ورتل سامان لاهڻ لڳا. مون کي ته اڃان سمجهه ۾ نه آيو آهي ته جهاز بيهڻ سان ئي ماڻهو عجيب بي صبري جو مظاهرو ڪندي ڇو اُٿي بيهه تڙ تڪڙ ۾ سامان لاهڻ شروع ڪري ڏيندا آهن. حالانڪه جيستائين جهاز جو گيٽ نٿو کلي تيسين ٻاهر نڪري ته نٿو سگهجي، پوءِ به ايڏي تڪڙ ۽ افراتفري ڇو؟ مون کي جهاز ۾ اهو منظر ڏسي پاڻ وٽ شادين جا ڪاڄ ياد پوندا آهن، جن ۾ جيئن ئي ڇنو (شاميانو) کلندو آهي يا ماني جو سڏ ٿيندو آهي ته ماڻهو ايئن ڊوڙندا آهن ڄڻ هنن ڪڏهن ڀت (کاڌو) ڏٺو ئي نه هجي! تڏهن ئي شايد ڏاها ماڻهو پاڻ جهڙن ماڻهن لاءِ چئي ويا آهن ته، “اُچي پڳ ۾ پس اندر مڙيئي اڳڙيون.”

بهرحال جيئن ئي جهاز جو گيٽ کليو ماڻهن لهڻ شروع ڪيو. جيئن ته مون ويل چيئر ورتي هئي، ان جو طريقيڪار اهو ھوندو آهي ته جهاز جي اندران ئي پئسينجر کي ويل چيئر تي ويھاري وٺي وڃبو آهي. پورٽر ويل چيئر هلائيندي پئسينجر کي اميگريشن جو پروسيجر مڪمل ڪرائي ايئرپورٽ کان ٻاهر ڇڏيندو آهي، پر آئون آساني سان هلي سگهيس ٿي جو گوڏي جو سور برداشت ڪرڻ جهڙو هو، انهيءَ ڪري مون ويل چيئر جو انتظار نه ڪيو ۽ سيٽ تان اُٿي هلڻ لڳس. گيٽ وٽ پهچڻ مهل اُها ئي ايئرهوسٽيسن جي مُرڪ، پر اُها موڪلاڻي جي مرڪ هئي. اسان وٽ موڪلاڻي جي مُرڪ وري ڪھڙي؟ بس محبوبن جي وڃڻ تي دل اُداس ئي ٿيندي آھي، بلڪل اھڙي جھڙي وڻجارن جي پرڏيھه اُسھڻ تي سندن ونين جي ٿيندي آھي. خير جهاز مان لهي ايئرپورٽ تي ٻاهر بيٺل شٽل (بس) ۾ چڙهيس. بس ايئرپورٽ جا ٻاهريان پاسا گهمائيندي اچي ٽرمينل 3 وٽ بيٺي. سفر ۾ واقفيت ٿيل وڪيل دوست سان گڏ ٽرمينل 3 ۾ داخل ٿيس. ٽرمينل اندر ئي هلندي هو مون کي اُن ڪائونٽر تي وٺي هليو جتان منهنجي ڊپليڪيٽ بورڊنگ پاس نڪرڻي هئي. ڪائونٽر تي ويٺل آفيسر مون کي منهنجي بورڊنگ پاس جو سيريل نمبر ڪڍي ڏنو.

باقي چيائين ته، “بورڊنگ پاس هڪ دفعو ئي نڪرندي آهي، جنهن ڪري ڊپليڪيٽ پاس جاري ڪري نٿي سگهجي.” هن ٻڌايو ته، “اڄ ڪلهه هر ڊاڪيومينٽ/ڊيٽا ڪمپيوٽر سسٽم ۾ محفوظ ٿئي ٿي، تنهنڪري توهان سان لنڊن ۾ ڪو مسئلو ڪونه ٿيندو ۽ هي نمبر ڏيکارڻ سان آرام سان سامان ملي ويندو.” جيئن ته لنڊن لاءِ منهنجي ڪنيڪٽنگ فلائٽ هئي ڇو جو پاڪستان کان لنڊن (برطانيه) لاءِ ڪابه سڌي پرواز ڪونه ٿي هلي. ڪنيڪٽنگ فلائيٽ يعني ٻي فلائٽ ۾ چڙهڻ لاءِ ڪڏھن ڪڏھن وقفو(waiting)  ٽن چئن ڪلاڪن کان وٺي ڏھن ٻارھن ڪلاڪن جو به ھوندو آھي ۽ اھو ٽائيم ڏاڍي بوريت ۾ گذرندو آھي، پر منھنجي ٻي فلائيٽ (ڪنيڪٽنگ) لاءِ اھو وقفو صرف ڏيڍ ڪلاڪ جو هو، جنھنڪري بوريت جو احساس ئي نه ٿيو ۽ آساني سان گذري ويو.

منهنجو دبئي ايئرپورٽ جي ٽرمينل 3 تي ڪيترائي ڀيرا اچڻ وڃڻ ٿيو آهي. هي دنيا جو وڏي ۾ وڏو ٽرمينل آهي جنهن ۾ اندر اميگريشن + لائونج ۽ ٻين ڪائونٽرز تائين پهچائڻ لاءِ ايئرپورٽ اندر ئي اندر ميٽرو ٽرين هلي ٿي. دبئي ايئرپورٽ هن وقت دنيا جي چند وڏن ايئرپورٽن مان هڪ آهي. جيتوڻيڪ ايريا (سائز) جي حساب سان دنيا جو وڏي ۾ وڏو ايئرپورٽ سعودي عرب جو ڪنگ فهد انٽرنيشنل ايئرپورٽ آهي، پر ٽريفڪ يعني فلائيٽن جي آمدگي ۽ روانگي جي حساب سان پهرين دنيا جو نمبر ون ايئرپورٽ آمريڪا جو هارٽس فيلڊ جيڪسن هو ۽ هن وقت اهو اعزاز دبئي انٽرنيشنل ايئرپورٽ کي حاصل آهي، جنهن تي روزانو تقريبن 1200 کان مٿي هوائي جهازن جي اچ وڃ جاري رهي ٿي. اُن کان وڌيڪ خاص ڳالهه اها آهي ته دبئي هن وقت پروازن جي ذريعي 107 ملڪن جي 272 ايئرپورٽن سان ڳنڍيل آهي.

خير اسين ايئرپورٽ فارملٽيز مان واندا ٿي اچي لائونج ۾ ويٺاسين. هن سفر ۾ بس مون کي اها آساني ٿي ته ڪراچي جو وڪيل سفر جو ساٿي ملي ويو جيڪو اڳ ۾ به يو ڪي وڃي چڪو ھو ۽ هاڻي بار ايٽ لا ڪرڻ جي سلسلي ۾ وڃي رهيو ھو. تقريبن 55 سالن جي عمر جي هن وڪيل دوست کان پڇيم ته، “ڀلا  هن عمر ۾ بار ايٽ لا؟” چيائين ته، “بس پڙهڻ جو شوق جاڳي پيو ۽ ساڳئي وقت بار ايٽ لا هئڻ هڪ اعزاز به آهي.” واقعي ان ۾ ڪو شڪ به ڪونهي، تڏهن ته چوندا آهن ته شوق جو ڪوبه ملهه يا عمر ڪونهي ۽ عشق جو ٽاڻو پڇي ڪونه ٿو اچي، بس ڪيڏي مهل به ٿي وڃي ٿو. لائونج ۾ رونق لڳي پئي هئي. ملٽي نيشنل ڪمپنين جي واپار جي حب ۽ ٽوئرزم جي ڪري دبئي ۾ هر وقت مختلف ملڪن جي مخلوق لٿل هوندي آهي. ڏينهن توڙي رات جي وقت ۾ جهرمر روشنين ۾ ٻري اُٿندڙ ايئرپورٽ تي ماڻهن جي رش ۾ هن ايئرپورٽ جو نظارو توهان جي من کي ائين ڀائيندڙ لڳندو ڄڻ توھان سڳنڌ ۽ سونهن سان ڀريل قسمين قسمين رنگ برنگي گلن جي باغيچي ۾ ويٺل هجو. ڄڻ دنيا جهان جو رنگ برنگي ملٽي نيشنل حسن سرحدن کي منڌيئڙو/ڪراس(x) لڳائي هتي پنهنجي جوالا مکي جوڀن سان اچي پڌاريو هجي.

…(هلندڙ)….

***