لنڊن ڏانهن اڏام
جيئن جيئن جهاز مٿي اوچائي تي پهچندو ويو تيئن تيئن ڌرتي جا نظارا اکين کان اوجهل ٿيندا ويا. ڪراچي شهر جون عمارتون، وڻ ٽڻ، جبل، ميدان، هاڻي ڪٿي به نظر ڪونه ٿي آيا ۽ منهنجي هيٺ ۽ مٿي بس ڪڪرن ڀريو آسمان ئي آسمان هو. ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته، “ڪاش! جهازن ۾ ڪي کُلڻ واريون دريون هجن جو ڪڪرن کي ڇهي ائين مزو وٺجي جيئن سمنڊ جي ڪناري تي ڇولين کي ڇهي من جو آنند وٺبو آهي.” هاڻي اسان جو جهاز لڳ ڀڳ 35000 فوٽن جي اوچائي تي اُڏامي رهيو آهي، يعني زمين کان تقريبن 11 ڪلو ميٽر مٿي. ڪراچي کان دبئي لاءِ جيڪو آسمان ۾ رستو(Route) پوي ٿو اُن جي هيٺ گوادر ۽ اومان اچي وڃن ٿا، يعني جهاز عربي سمنڊ جي مٿان اُڏامي ٿو. ان اوچائي تي اُڏامندڙ جهاز جي اسپيڊ اسڪرين تي تقريبن 900 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ ڏيکاءُ ڏيئي رهي آهي ۽ ڪراچي کان دبئي جو مفاصلو اندازن 1180 ڪلو ميٽر نظر اچي رهيو آهي. جهاز جي ٻاهر جيڪو گرمي پد اسڪرين تي ڏيکاءُ ڏئي ٿو اهو تقريبن ڪاٽو 42 ڊگري سينٽي گريڊ آهي. مان سوچيان ٿو، خدانخواسته جيڪڏهن جهاز سان ڪو حادثو ٿئي ته ٻاهر جيڪو گرمي پد آهي اُن ۾ جهاز اندر ايئر هوسٽيسن طرفان ٻڌايل حفاظتي (بچاءُ) طريقن موجب ماڻھو پئراشوٽ ذريعي جهاز کان ٻاهر ٽپو ڏئي (نڪري) به صحيح، ته به ٻاهرئين گرمي پد ۾ جيڪو مائينس کان به 42 ڀيرا هيٺ آهي، سردي ۾ سڪڙجي (ٺٺرجي) مري ويندو. بس حسين ايئرهوسٽسن جا ٻڌايل حفاظتي اُپاءُ مرزا غالب جي شعر،