* هُجوم جو سرواڻ: پرتشدد شخص، جيڪو ڌرمي ولولي ۽ جذبي سان ٽمٽار هئڻ جي دعوي’ ڪري ٿو.
* هُجوم: ماڻھن جو هجوم، جيڪو هڪ انتھاپسند مذهبي گروھہ جي نمائندگي ڪري ٿو.
(منظر پھريون)
(منجھند جو وقت… هائپيشيا جو اسڪول… ڀِتين سان ڪتابن جا ڪٻٽ آهن… رياضيءَ جون شِڪليون ديوارن سان ٽنگيل آهن… هائپيشيا، ويٺي ڪجهه لِکي رهي آهي… سائنيس سائريني کيس بي صبريءَ سان ڏسي رهيو آهي…).
سائنيس سائريني: اھي توھان کان ڇو ٿا خوف کائن، جڏھن ته توھان صرف ستارن جي باري ۾ ڳالهائينديون آهيو؟
هائپيشيا: ڇاڪاڻ ته ستارا ڪنھن به پادريءَ جي اطاعت نه ڪندا آهن، منھنجا ٻچا! منطق کي ڌرمي ٽيڪ يا نالي جي ضرورت نه پوندي آهي. سچ کي ڪنھن به مسند يا چبوتري جي ضرورت نه پوندي آهي.
سائنيس سائريني (فِڪرمند ٿيندي): ڳالھيون پيون هلن ته وڏي پادريءَ توهان کي “ڪُفر بَڪندڙ ڏائڻ” سڏيو آهي. سندس موجب رياضي ۽ منطق جي مدد سان توھان جادو ڪنديون آهيو!
هائپيشيا (هلڪو مُسڪرائيندي): مون وٽ “فڪر يا سوچ” کانسواءِ ٻيو ڪوبه جادو نه آھي. آئون بُتن بجاءِ عقل جي پُوڄا ڪندي آهيان، پر سچ اهو آهي ته اڄ جي اسڪندريا شھر تي عقل بجاءِ خوف جي حڪمراني آهي.
ٿِيونَ (کنگهندي، اسڪول ۾ داخل ٿيندي): منھنجي پياري ڌيءَ! گِھٽين ۾ ڏينھون ڏينھن آواز اُوچا ٿي رهيا آهن. سيراپيم جي ديوَل ۾ اڄ ٻيھر قديم ڪتابن جي مسودن کي سڙندي ڏٺو اٿم.
هائپيشيا: هُو هر ان شيءِ کي ساڙين ٿا، جيڪا کين سمجهه ۾ نٿي اچي… ۽ پوءِ ان کي عقيدي جو نالو ڏين ٿا.
(منظر ٻيون)
(اسڪندريا جي ڪتب خاني جي ٻاهران، نماشام ڌاري، اوريسٽس هائپيشيا سان ملي ٿو.)
اوريسٽس: هائپيشيا! آئون توکي ٻيھر تنبيهه ڪرڻ آيو آهيان ته سِرل جا ماڻھو هاڻ آپي کان ٻاهر نڪري ويا آهن. سندن من ڏاڍو وڌي ويو آهي. مون وٽ هاڻ ڪي به اختيار نه بچيا آهن. رومن سلطنت به اسان جي مدد نٿي ڪري، اها صرف ڳالھين تائين محدود آهي.
هائپيشيا: جي اها ڳالهه آهي ته پوءِ توهان کي ته اڃان وڌيڪ بيباڪيءَ سان ڳالهائڻ کپي. خدارا، شھر کي وڌيڪ اونداهيءَ ۾ ڌِڪڻ نه ڏيو. اوريسٽس! ماڻھن جا ذهن ڪاغذ کان به وڌيڪ ٽاڪئون آهن.
اوريسٽس (دُکي ٿيندي): مون کي ڊپ آهي، ھاڻ ته آئون توهان کي وڌيڪ تحفظہ به نٿو ڏئي سگھان.
هائپيشيا: آئون خود کي فلسفي جي ذريعي تحفظہ ڏينديس. آئون ڀَڄڻ وارن مان نه آهيان. سچ کي ڪابه پناهه گاهه نه آھي، پر اهو انھن ماڻھن وٽ پناهه گاھہ جوڙي وٺندو آهي، جي کيس پاڻ وٽ جڳھہ ڏيندا آهن.
(منظر ٽيون)
(شفق ڌاري، اسڪول واري گِهٽيءَ جي ڀرسان، نعرا گونجي رهيا آهن. هجوم جو سرواڻ ماڻھن سان گڏ طوفان جيان ظاهر ٿئي ٿو. سندن هٿن ۾ قنديلَ آهن.)
هجوم جو سرواڻ (اسڪول ڏانھن اشارو ڪندي، هُجوم سان مخاطب ٿيندي): بت پرست عورت اتي ان ئي اسڪول ۾ آهي، جيڪا اسان جي شھر کي يوناني ڪُوڙن سان زهريلو بڻائي ٿي. هُوءَ يسوع جي انڪاري آهي. هُوءَ نوجوانن کي کاري ۽ بِگاڙي ٿي.
سائنيس سائريني (اڳتي وڌندي): اهڙي ته ڳالهه ئي نه آھي. هُوءَ صرف “عِلم سان پيار ڪرڻ” کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نٿي سيکاري.
هجوم جو سرواڻ: چُپ ڪر! “صليب جي اڳيان ريڙهيون پائڻ” سيکارڻ بجاءِ هُوءَ نوجوانن کي ستارن جو عِلم ڏئي، کين انڌو بڻائي ٿي.
(هائپيشيا اطمینان سان اڳتي اچي ٿي.)
هائپيشيا: ڇا توھان روشنيءَ کان ايترو ڊڄو ٿا، جو سندس ڪِرڻن کي ختم ڪرڻ چاهيو ٿا؟
هجوم جو سرواڻ: ڇا تون پاڻ کي ديوتا کان وڌيڪ سمجھين ٿي؟ قديم مسودن ۽ ڪتابن کي پڙهڻ سان ڇا توکي مُڪتي ملي ويندي؟
هائپيشيا: آئون ته خدا طرفان جوڙيل ڪائنات کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪريان ٿي.