سرمئي شام جهڙي سٻاجهڙي شاعره، سنڌي ادب جي افق تي ستارن جي ڪهڪشائن ۾ ڪيترن ئي نوجوان ليکڪن جا نالا چوڏهين جي چنڊ جيان چمڪي رهيا آهن جن پنهنجي ادبي لکڻين سان ماحول کي مهڪايو ۽ مرڪايو آهي، انهن مان ضلعي نوشهري فيروز جي هالاڻي شهر جي هڪ بهترين ليکڪا “سدرت المنتهي’ شاهه” به آهي جيڪا پنهنجي ادبي نالي “سدره شاهه” جي نالي سان مشهور آهن. “سدره شاهه” پنهنجي خاندان جي پهرين ڇوڪري آهي جنهن ادبي ميدان ۾ پنهنجي ننڍي وهي ۾ پير پائيندي مئٽرڪ کان لکڻ شروع ڪيو، ايتريقدر جو صرف 19 سالن جي عمر ۾ سندس پهريون ڪتاب اردو شاعري جو مجموعو “چاهتون ڪي رنگ” 2019 ۾ ڇپيو، چار سالن جي جي وقفي بعد سندس ٻيون ڪتاب ڪهاڻين جو مجموعو “سانڍيل ورق حقيقت جا” گذريل سال 2023 ۾ ڇپيو. هڪڙي سال جي وقفي بعد سندس ٽين ڪتاب جو مسودو شاعري جو مجموعو “من جو آواز” منهنجي هٿن ۾ آهي.
ادب سان سدره شاهه جي ايتري محبت ۽ لکڻ جي تيز رفتاري خوشي جهڙي ڳالھ آهي، جو اسان جو نوجوان نسل ادب کي پڙهي رهيو آهي ۽ لکي رهيو آهي. سدره شاهه ڪافي تيزي ساب بهترين ادب لکي رهي آهي، هن جو مواد هر روز سوشل ميڊيا ذريعي پڙهجي رهيو آهي ۽ پسند ڪيو پيو وڃي. ڪهاڻين، شاعري ۽ نثري ٽڪرن جي صورت ۾ سندس مواد سوشل ميڊيا، مختلف اخبارن ۽ مئگزين ۾ ڇپجي رهيو آهي. سدره شاهه جي قلم ۾ رواني ۽ وڏي طاقت آهي، هوءَ انتهائي سگهارو ادب لکي رهي آهي، هوءَ گهڻ پاسائو ليکڪا آهي. ڪهاڻين ۽ شاعري لکڻ ۾ هڪ جهڙي سٺي دسترس حاصل اٿس، جنهن مان لڳي ٿو ته هن وٽ بهترين ادب جو وسيع مطالعو ۽ تمام گهڻو مشاهدو اٿس. سنڌ جي ادبي تاريخ سنڌ جي نياڻين سان مالا مال سر زمين آهي، ادب جي هر صنف تي عورتن جو حصو مردن جي برابر جو آهي ۽ انتهائي سگهارو ادب لکي وڏو نالو ڪمايو آهي. عورتن ليکڪائن جا نالا لکجن ته ڪيترائي صفحا ڀرجي ويندا، پر گڏوگڏ شاعرائن بابت لکبو ته انگ گهٽ نه پر برابر ملندو، جيڪي اڄ به لکي رهيون آهن، ڇو جو هي ڪتاب به هڪ عورت ليکڪا جي شاعري جو آهي. سنڌ جي پهرين شاعره “مرکان شيخ” کان اڄ جي سدره شاهه تائين شاعري جي ميدان ۾ قابل ذڪر نالا آهن جن شاعري جي ميدان کي زنده و جاويد رکيو آهي. شاعرائن جي انهي گلدستي ۾ سدره شاهه به هڪ بهترين شاعره جي حيثيت ۾ گلن جي خوشبوءِ جيان مهڪي رهي آهي ۽ پنهنجو پاڻ کي نمايان ڪريو بيٺي آهي. سدره شاهه جي شاعري جي ڪتاب “من جو آواز” مڪمل هڪ بهترين ۽ جديد شاعري جو مجموعو آهي، سٽاء جي حساب سان سدره شاهه هڪ بهترين ترتيب سان ڪتاب جي ترتيب جوڙي آهي. پهرين باب ۾ ٻه سٽا پوءِ ترتيب وار ٽي سٽا، چوءسٽا، پنجڪڙا، نثري نظم، نظم، مندون، مهينا ۽ آخر ۾ غزل ڏنل آهن، مندون ۽ مهينا جو مواد مون کي نئون ۽ جديد لڳو، جنهن جو ذڪر اڳتي هلي ڪندس. ٻن سٽن واري باب ۾ سدره شاهه هي ٻه سٽون ڪيتريون ته شاندار لکيون آهن، ڄڻ هر ليکڪ جي دل جي ترجماني ڪندڙ سٽون آهن.
درد سک، اوجاڳا سڀئي ملائيندو آهي،
تڏهن شاعر، ڪا شاعري ٺاهيندو آهي.
ڪو به تخليقڪار جڏهن پنهنجون تخليقون لکندو آهي ته بقول استاد بخاري جي هو پنهنجي اکين جو نور نچوڙيندو آهي، رت ولوڙيندو آهي، پنهنجو سک ڦٽائي راتين جو اوجاڳا ڪندو آهي تڏهن ئي ڪا تخليق جڙندي آهي، سدره شاهه پنهنجي مٿين ٻن سٽن ۾ ڇا ته انهن خيالن جي ترجماني سهڻي انداز سان ڪئي آهي.
ڪهڙن ڪهڙن حالاتن مان گذري آياسين!
مگر پوءِ ڀي هر واٽ تي مرڪي آياسين!
شاعري جي هن مجموعي ۾ هي ٻه سٽون ڄڻ هر پڙهندڙ جي دلين کي ڇهي ٿيون وڃن.
گهڻي وقت کانپوءِ اڄ جو کلياسين !
ائين ٿو لڳي ڄڻ لڙڪن سان رسياسين.
هن ٻن سٽن ۾ ڪنهن جي آمد جي خوشي ڏيکاريل آهي.
چوطرف ڄڻ گلن جي هٻڪار هئي،
اهڙي سندر سندس اچڻ جي مهڪار هئي.
ٽن سٽن واري باب ۾ مون کي ڪيترا ئي اسم وڻيا، انهن مان هڪ ٽي سٽو دل کي ڇهي ٿو وڃي.
ڪاش تون موٽي اچين
وساري سڀئي جهيڙا فساد
دل کي آٿت ڏيئي وڃين.
چار سٽا واري باب ۾ سدره شاهه جي شاندار ۽ دل کي ڇهندڙ شاعري ملي ٿي. هڪ چار سٽو “ٻارڙا” جي عنوان سان جنهن ۾ ڳوٺ جي منظر ۾ ننڍڙن ٻارڙن جي ننڍپڻ جي راندين جو عڪس، ڪچن گهرن، ڳوٺ جي وڏن وڻن جي ڇانو جي منظر ڪشي ٿيل آهي.
يادون ننڍپڻ جون، وڏڙن جا ڪچا گهرڙا!
ٽٽي ڪيئن ڍير ٿيا خبر ئي نه پئي !
وڻن جي ڇانوء منجھ رانديون رهيا ٻارڙا،
سي دربدر ٿي ويا پنهنجي ڳوٺ بنا ويچارڙا!
موجوده ڪشمڪش، جنونيت ۽ وحشيت جي زماني ۾ جتي ماڻهن کان مرڪون کسجي وڃن ۽ ٽهڪ اڏري وڃن، انهي جي عڪاسي ڪندڙ “رنگ اڏري ويا” جي عنوان سان لکيل چار سٽو:
عمر کان اڳ ذهن پوڙها ٿي ويا
حالات اهو ڪهڙو ظلم ڪري ويا؟
مرڪڻ جي مندن ۾ الائي ڇو؟
ٽهڪن جا سڀئي رنگ اڏري ويا.
اڄڪلھ فلسطين جي سر زمين آهن، دانهن ۽ دردن سان ڀريل آهي، اسرائيل جي وحشي دردندن فلسطين جي نسل ڪشي ڪندي فلسطين جي معصوم ٻارڙن کي نشانو بنائي رهيا آهن، جتي دنيا جا ملڪ خاموش آهن، پر حساس دل شاعره هي چار سٽون “ٻچا فلسطين جا” جي عنوان سان لکي پڙهندڙن جي دلين کي جنجهوڙي ڇڏيو آهي.
آهون ڪري دانهون عرش تي پڪارين ٿا،
ٻچا فلسطين جا ڪيئن وقت گذارين ٿا،
ظلم ۽ جبر ڪيترو ٿئي ٿو تن سان،
روئي خدا کي پنهنجا ڏوجهرا ٻڌائين ٿا.
پنهنجي ڌرتي سان هر ڪنهن کي محبت هوندي آهي، اسان کي به پنهنجي جان کان وڌيڪ امڙ ڌرتي سنڌ پياري آهي. سدره شاهه “سنڌ” جي عنوان سان هن چار سٽي واري شاعري ۾ ڌرتي جي ماروئڙن جي درد ونڍڻ جي ڳالھ ڪندي ڌرتي سان محبت جو اظهار هيئن ٿي ڪري:
سنڌ سان محبت جنهن کي بي مثال هوندي آهي!
تنهنجي رڳ رڳ ۾ انسانيت لازوال رهندي آهي!
پنهنجي ماروئڙن جا درد ونڊي ڏسجو ته ڪڏهن،
انهي مان ڪيتري نه فرحت حاصل ٿيندي آهي.
سدره شاهه جي شاعري جي هن مجموعي “من جو آواز” ۾ شامل هڪ باب “پنجڪڙا” ۾ پنج سٽن واري شاعري شامل آهي، جنهن مان ڪجھ پنج سٽا لاجواب آهن، جيئن “نادان ڇوڪري” جي عنوان سان لکيل هي پنج سٽو پڙهي ڏسو:
او چنچل او نادان ڇوڪري!
گلابن جيان نازڪ اٿئي خيال،
پاڻ سان ڪرين ٿي رڳو سوال،
اڻ پورن سپنن جي ڇو ڀريئي ٽوڪري؟
او چنچل او نادان ڇوڪري !
هن شاعري ۾ هڪ نوجوان ڇوڪري، جنهن جا خيال گلابن جيان نازڪ ٿيندا آهن، پنهنجي جيون جا سمورا سک خواب جيان ڏسي ٿي ۽ ساڀيان ماڻڻ جون دعائون ڪري ٿي، هي شاعري نوجوان چنچل ڇوڪرين جي دلين جي ترجماني ڪندڙ آهي.
اهڙي ئي ترجماني ڪندڙ پنج سٽي شاعري ۾ “تنهنجي تات” جي عنوان سان بهترين پنج سٽو آهي جنهن ۾ هڪ ڇوڪري انتظار ڪندي هن جي وارن ۾ چاندي اچي ٿي وڃي، پر پوءِ به اڃان ڪنهن جي اچڻ جي تات هوندي اٿس.
هر پل، هر گهڙي تنهنجي تات آهي
انتظار ۾ ٿي ويا هاڻ چاندي وار،
جذبن کي ٽوڙڻ جا سڀ توکي اختيار
جي جهورڻ جي اها ڪهڙي ڏات آهي؟
هر پل، هر گهڙي تنهنجي تات آهي.
هن ڪتاب ۾ شامل نثري نظم شاعري ۾ هڪ سگهاري صنف جي حيثيت اختيار ڪري مقبوليت ماڻي چڪي آهي، هن ڪتاب جي مصنف سدره شاهه نثري نظم لکڻ ۾ ڪمال جي مهارت رکي ٿي، نثري نظم لکڻ ۾ سندس قلم ۾ وڏي طاقت آهي، هن ڪتاب ۾ شامل ڪيترائي نظم شاهڪار نظم آهن، نثري نظم لکڻ جيترو سولو محسوس ٿئي ٿو، اوترو ئي ڏکيو آهي جو نثري نظم ۾ پڙهندڙ کي ڪجھ سٽن ۾ پيغام به ڏيڻو هوندو آهي ۽ ڪلائميڪس به رکڻو هوندو آهي، هن جا ڪيترائي نظم انتهائي شاهڪار نظم لڳا جن ۾ ڄام شورو، مرد، جواني جا ڏينهن، ڪجي انصاف، اڄ جو ڊجيٽل دور، پيٽ ڀري ٿي، حادثو، ٽوپي، اجرڪ ۽ تون ۽ مان ۽ ٻيا به ڪيترائي نثري نظم دل کي لڳي ۽ دل کي لڀائي ٿا وڃن، يقينن پڙهندڙن کي هن ڪتاب جو سڀ کان وڏو نثري نظمن جو باب ئي پسند ايندو.
جيئن ته مانواري ليکڪا سدرہ شاهه هڪ ڪهاڻيڪاره به آهي ۽ شاعره به آهي، ٻئي خوبيون رکندڙ ليکڪ پنهنجن لکڻين ۾ اها مهارت رکندا آهن ته هن جي ڪهاڻين ۾ نظماڻو اثر محسوس ٿئي ۽ نظمن ۾ ڪهاڻي جو اثر محسوس ٿئي، انهي ۾ سدرہ شاهه مهارت رکي ٿي، هن جي ڪيترن ئي نظمن ۾ ڪهاڻي وارو ڪلائميڪس لڳي ٿو جيڪو پڙهندڙن کي سٺو لڳندو، بيشڪ سدره شاهه نثري نظم لکڻ ۾ شاهوڪار ۽ شاهڪار آهي. اهڙي طرح نظم واري حصي ۾ سانوري ۽ گونگا رهجي وينداسين، شاندار نظم آهن. شاعري جي هن مجموعي ۾ جديديت نظر آئي آهي خاص ڪري هن ڪتاب ۾ شامل “مندون” جي عنوان سان هڪ حصو شامل آهي، هونئن ڪيترن شاعرن جي شاعري ۾ مون ڪجھ موسم يا ڪنهن مهيني تي لکيل شاعري پڙهي آهي جيئن اڪثر شاعر بهار ۽ ڊسمبر تي شاعري ڪندا آهن، پر سدرہ شاهه ڪمال ڪري مون کي متاثر ڪيو آهي ته مختلف مندن تي، موسم جي مناسبت سان شاعري ڪئي آهي، اها مون کي جديديت واري شاعري محسوس ٿي، ٻن مندن تي ڪيل شاعري پيش خدمت آهي. بهار جي موسم لاءِ هي شاعري :
وڃي ٿي روح ۾ سرهاڻ ڀريندي
آهي ڪهڙي بهار ۾ خوشبو پياري؟
پتن ڪيو ٽارين سان وچن آهي
گذري مند ويندي محب ۾ ساري.
سياري جي مند لاءِ شاعره جو هي شعر:
سياري جي مند موٽي آئي آهي!
ايترو ٻڌائي ڇا تون به ايندين؟
چانھ ٿڌي ٿي ويندي
اس جهانوري ٿي ويندي
انتظار ڪيان تنهنجو
يا اچي واپس هليو به ويندين؟
اهڙي طرح شاعري جي هن ڪتاب ۾ “مهينا” جي عنوان سان هڪ باب مختلف مهينن تي شاعري ڪيل آهي، اڪثر شاعرن جي شاعري ۾ مون ڊسمبر مهيني تي ڪيل شاعري پڙهي آهي، پر سدرہ شاهه ٻارهن مهينن تي الڳ الڳ انهيءَ مهيني جي موسم جي حساب سان شاعري ڪري نواڻ آندي آهي، دل چيو پئي ته ٻارنهن مهينن تي ڪيل شاعري هتي لکان، پر پڙهندڙن جو تجسس ختم ٿي ويندو، نموني طور ٻن مهينن جي شاعري پيش خدمت آهي.
جيئن فيبروري تي لکيل شاعري:
فيبروري جي ٿڌڙين راتن ۾ خيالن جون اڏارون آهن،
تون آيو آهين يا خوابن ۾ اهي بهارون آهن.
جولاءِ جي مهيني تي ڪيل هي شاعري:
جولاءِ جون شامون ۽ تيز هوائون،
تو وانگيان آهن هي سندر ادائون.
سدره شاهه جي هن شاعري جي مجموعي “من جو آواز” جو آخري باب “غزلن” تي مشتمل آهي، غزل هميشه شاعري جي ذوق رکندڙ پڙهندڙن جي پسنديده صنف رهي آهي. هن ڪتاب ۾ سدره شاهه صرف ڏهه غزل ڏيئي پڙهندڙن سان ناانصافي ڪئي آهي. ڪجھ غزل وڌيڪ هجن ته ڪتاب جي زينت ۾ اضافو ٿي وڃي ها. بهرحال جيڪي غزل آهن اهي سڀ لازوال غزل آهن، سدره شاهه جي غزلن ۾ موسيقيت ۽ ترنم آهي ۽ خيال انتهائي سٺا آهن جيئن هي غزل:
محفلون توسان هيون، اهي رونقون توسان هيون،
خيالن جي باغيچن ۾ سڀئي مندون توسان هيون.
هڪ ٻيو غزل پڙهندڙن کي ضرور وڻندو:
جڏهن شام جي وقت پاڇولا،
ڀتين تان سرڪندا وڃن ٿا.
گهڙي کن ڀي نٿو وسرين،
خوابن ۾ اڃان تنهنجا نياپا ملن ٿا.
بهترين ليکڪا سدرہ شاهه مسلسل لکي پئي، سوشل ميڊيا تي شاعري کانسواءِ سندس لکيل نثري ٽڪرا انتهائي مقبوليت ماڻي رهيا آهن، اميد ته مستقبل قريب ۾ سندس ڪيترائي ڪتاب پڙهندڙن جي هٿن تائين پهچندا ۽ سندس نالو ادبي کيتر ۾ نمايان رهندو. هن ڪتاب ۾ سدره شاهه پنهنجي پاران ۾ جيڪو ڪجھ لکيو آهي، اهو هن جي دل جي ترجماني ڪندڙ ڳالهيون آهن، منهنجي به صلاح آهي ته سدره شاهه مسلسل لکندي رهي، ڪوشش ڪري ۽ لکڻ ۾ وٿي پيدا نه ڪري ته سندس قلم سگهارو ٿيندو ويندو ۽ ادبي دنيا ۾ پنهنجي نالي جو تسلسل به قائم رهندو. آئون سنڌ جي نوجوان نسل جي بهترين نمائندگي ڪندڙ ننڍي عمر جي وڏي ليکڪا سدرت المنتهي’ شاهه (سدره شاهه) کي سندس شاعري جي سهڻي ڪتاب “من جو آواز” جي اشاعت تي دل جي گهراين منجهان مبارڪون ڏيندي دعا ٿو ڪريان ته هوءَ ڏات جي ڏيھ ۾ سدائين لکندي رهي، شاعري جا اهڙا انمول ڪتاب ڏيندي رهي ۽ سدائين ڪاميابيون ماڻيندي رهي، ادب جي افق تي سندس نالو روشن ستارن جيان چمڪندو رهي ۽ ادب جي تاريخ ۾ سندس نالو سنهري اکرن سان لکيو وڃي. آخر ۾ آئون شڪر گذار آهيان سدره شاهه جو جنهن مون کي انهي لائق سمجهيو ته سندس ڪتاب جو مهاڳ مان لکان، جيتوڻيڪ مان وڏو شاعر نه آهيان جو شاعري جي فعلن مفعولن يا وزن بحرن تي ٽيڪا ٽپڻي ڪري سگهان، پر هڪ ليکڪ جي حيثيت ۾ پنهنجي ڄاڻ موجب جيڪو ڪجھ لکيو اٿم، اميد ته ليکڪا ۽ پڙهندڙن کي پسند ايندو. آخر ۾ سندس ئي سٽن سان موڪلائيندي سندس ادبي ۽ ذاتي زندگي جي بهترين سفر لاءِ سدائين دعاگو رهندس.