وزيراعظم ميان محمد شهباز شريف سان آمريڪي سرمائيڪار وفد جي ملاقات ٿي آهي، جنهن ۾ انهن پاڪستان ۾ اربين ڊالر جي سرمائيڪاري جي خواهش ڏيکاري آهي. آمريڪا جو اعليٰ سطحي سرمائيڪاري وفد ٻن ڏينهن جي دوري تي پاڪستان ۾ آهي. وفد جي اڳواڻي ٽيڪساس بيچ فنڊ جو مئنيجر ۽ ٽرمپ خاندان جو ويجهو بزنس پارٽنر جينٽري بيچ ڪري رهيو آهي. ملڪ ۾ آمريڪا جي سرمائيڪاري جو امڪان خوشيءَ جهڙو آهي. جيئن ته پاڪستان ۽ آمريڪا جا واپاري لاڳاپا گهڻا پراڻا آهن. واپار، امداد ۽ سرمائيڪاري اسانجي ملڪ جي پهرين اوليت آهي. آمريڪا واپار جي شعبي ۾ اسانجي برآمدات کي گهٽ ٽيڪس واري دائري ۾ رکيو آهي ۽ جيتري قدر آمريڪا جو پاڪستان لاءِ امداد جو سوال آهي ته آمريڪا پاڪستان کي سدائين اوليت ڏني آهي. انهيءَ ۾ آمريڪا جون پنهنجون ضرورتون به شامل هونديون آهن.
پاڪستان جي جاگرافيائي اهميت جي ڪري 1948 کان وٺي اڄ تائين آمريڪا ۽ پاڪستان جا تعلقات انتهائي قريب رهيا آهن. پاڪستان کي 1948 کان 2016 تائين 80 ارب آمريڪي ڊالر جي مالي ۽ فوجي امداد ملي آهي. انهيءَ کي جيڪڏهن سالن ۾ ورهائجي ته هر سال هڪ ارب ڊالر جي مدد آمريڪا اسانجي ملڪ لاءِ ڪندو رهيو آهي. 1948 ۾ ملڪ کي ڪجهه لک آمريڪي ڊالر جي امداد ملڻ سان جيڪو لاڳاپو شروع ٿيو اهو اڃا تائين جاري آهي. اسان جو ملڪ ٽيڪسٽائيل مصنوعات آمريڪا کي برآمد ڪندو رهيو آهي ۽ آمريڪي حڪومت به گهڻن شعبن ۾ پاڪستان سان گڏ ڪم ڪندي رهي آهي. آمريڪي امدادي پروگرام اسان جي معاشي ترقي ۾ ڪردار ادا پئي ڪيو آهي ۽ ٻه طرفو واپار ٻنهي ملڪن جي حق ۾ آهي. گذريل 20 سالن دوران آمريڪا پاڪستان جي عوام کي سڌو سنئون 32 ارب ڊالر کان وڌيڪ جي امداد فراهم ڪئي آهي، پر اهو عمل ملڪ جي وجود ۾ اچڻ واري وقت کان وٺي جاري آهي. زراعت جي شعبي ۾ ٻنهي ملڪن جو تعاون تاريخي به آهي ۽ وقت جي ضرورت پڻ آهي. ڪڻڪ ۽ چانورن جهڙي اهم فصلن جي پيداوار ۾ اضافي لاءِ نون ٻجن کي متعارف ڪرائڻ ۾ به آمريڪا اسانجي همت افزائي ڪئي آهي. پاڪستان جي بجلي جي شعبي ۾ آمريڪا جي سرمائيڪاري نوان پاڻي جا ذخيرا ۽ پاڻي تي بجلي پيدا ڪرڻ جو عمل اسان کي ترقي طرف وٺي ويو آهي. تربيلا ڊيم ۽ منگلا ڊيم ان جو مثال آهن ۽ پاڻيءَ مان پيدا ٿيل بجلي سستي به آهي ۽ 60 ۽ 70 جي ڏهاڪي ۾ انهيءَ عمل سان پاڪستان جا شهر ۽ ڳوٺ روشن ٿيا ۽ ملڪ جي ترقي جي رفتار تيز ٿي وئي. ملڪ جا 5 ڪروڙ ماڻهو پاڻي مان ٺهيل بجلي جي سهولت جو فائدو وٺي رهيا آهن. صحت جي شعبي ۾ به ٻنهي ملڪن هڪ ٻئي سان تعاون ڪيو آهي. پاڪستاني ڊاڪٽرن جو آمريڪي صحت جي شعبي ۾ اهم ڪردار آهي ۽ پاڪستان ۾ وچڙندڙ بيمارين کي پکڙجڻ کان روڪڻ لاءِ به آمريڪا جي صحت جو شعبو ۽ انهيءَ سان لاڳاپيل تنظيمون اسان سان تعاون ڪنديون رهيون آهن. صحت جي شعبي ۾ رڳو هڪ مثال وٺجي ته پاڪستان ۾ ڪووڊ-19 وبا جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ٻين ملڪن سان گڏ پاڪستان جي به گهڻي مدد ڪئي.
انهيءَ 7 ڪروڙ 80 لک ڊالر جون اعليٰ معيار جون موثر ويڪسين جون خوراڪون پاڪستان کي عطيو ڪيون. جنهن سان اسانجي ملڪ ۾ انهيءَ وبا کان متاثر ٿيل مريضن جو بهتر علاج ٿي سگهيو. ٻين وبائي مرضن کي منهن ڏيڻ لاءِ به انهيءَ پاڪستان ۾ 8 ڪروڙ ڊالر جي سرمائيڪاري ڪئي آهي. انهيءَ تناظر ۾ آمريڪي سرمائيڪارن جي وفد جي وزيراعظم سان ملاقات اهميت واري آهي. انهن پاڪستان جي بي پناهه اقتصادي صلاحيتن جي تعريف ڪئي ۽ سرمائيڪار دوست پاليسين کي ساراهيو. اسلام آباد ۾ سڌ سماءَ جي ذريعن سان گفتگو ڪندي وفد جي اڳواڻ جينٽري بيچ چيو ته پاڪستان ۾ مصنوعي ذهانت، معدنيات، توانائي ۽ ريئل اسٽيٽ ۾ اربين ڊالرن جي سرمائيڪاري ڪرڻ چاهين ٿا. اهڙي تعميري ٽيڪنالاجي پاڪستان ۾ آڻڻ جا خواهشمند آهن جنهن سان هڪ مهيني اندر 30 منزلا عمارت جو ڍانچو ٺهي وڃي. جينٽري بيچ وڌيڪ چيو ته صدر ٽرمپ به هڪ ڪاروباري شخصيت آهي ۽ اقتصادي سفارتڪاري تي يقين رکي ٿو. آمريڪا ۽ پاڪستان جي موجوده قيادت جي سوچ يڪسان آهي. موجوده ڏينهن ۾ جيئن ته آمريڪي پاليسين ۾ تڪڙي تبديلي ٿي رهي آهي، تڏهن انهيءَ موقعي تي مالياتي شعبي ۾ اهڙي تعاون جي آجيان ڪجي ٿي.