جي ٽوئنٽي(G-20) سمٽ انڊيا
1947 ۾ ننڍي کنڊ کي انگريز جڏهن غلاميءَ جي زنجيرن مان آزاد ڪيو ته ٻه وڏا ملڪ هڪ انڊيا ۽ ٻيو پاڪستان پنهنجي صورت وٺي دنيا جي نقشي تي نروار ٿيا. آزاديءَ جي وقت پاڪستان ٻن حصن ۾ ورهايل هو، جنهن ۾ هڪ اوڀر پاڪستان ۽ ٻيو اولهه پاڪستان جيڪو اڳتي هلي، 1971 ۾ ٽٽي ڌار ٿيڻ سبب اوڀر پاڪستان مان بنگلاديش جنم وٺي ٿو ۽ ترقيءَ جون منزلون ماڻي، مارشلائن کي شڪست ڏئي پنهنجي معيشت کي مستحڪم ڪري ٿو.
هڪ ئي وقت ۾ آزادي ماڻيندڙ ملڪن مان انڊيا (ڀارت) پنهنجي عوام دوست پاليسين ڪري پنهنجو پاڻ کي هڪ رياست طور ۽ پنهنجي عوام کي مارشلائن کان 76 سالن تائين محفوظ رکندو آيو آهي، نه رڳو مارشلائن کان محفوظ رکندو آيو آهي، پر هن ملڪ پنهنجن سڀني وسيلن کي عوام جي فلاح ۽ بهبود، سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي ترقي ۽ معاشي استحڪام لاءِ استعمال ڪيو آهي. جنهن جو ثبوت اهو آهي ته انڊيا هن وقت نه صرف زمين تي پر 23 آگسٽ 2023 تي چندريان-3 مشن موڪلي چنڊ تي قدم رکڻ وارو چوٿون ملڪ بڻجي ويو آهي. ان کان اڳ روس، آمريڪا ۽ چين چنڊ تي قدم رکي چڪا آهن. اها هڪ وڏي ڪاميابي آهي جنهن ڀارت جي شهرين جا ڪنڌ فخر کان بلند ڪري ڇڏيا آهن، پر ڀارت هن وقت هڪ ٻي ڪاميابيءَ ڏانهن پنهنجا قدم وڌائي رهيو آهي. جنهن جو نالو آهي G-20 ”سمٽ انڊيا 2023“ جيڪا 10-9 سيپٽمبر 2023 تي ڀارت جي راڄڌاني دهليءَ ۾ پرگتي ميڊن ۾ ٿيڻ واري آهي. ان ۾ دنيا جا طاقتور ترين رهنما دهلي ۾G-20 جي ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ اچي رهيا آهن. جنهن جي صدارت انڊيا ڪندو ۽ ان جو ٿيم آهي“One earth, One Family, One Future” هن عنوان تحت انسانن، جانورن، ٻوٽن ۽ ننڍن ننڍن جيون(Organisms) جي پاڻ ۾ لاڳاپن تي ويچار ونڊيا ويندا ته هن ڌرتيءَ ۽ ڪائنات ۾ انهن جو هڪ ٻئي سان لاڳاپو ڪيئن مضبوط ڪري سگهجي ٿو.
هن سمٽ ۾ زراعت، ڪرپشن، ثقافت، ڊجيٽل اڪانومي، ڊزاسٽر رسڪ کي گهٽائڻ، تعليم، ترقي، ماحوليات لاءِ احساس بيدار ڪرڻ، توانائيءَ جي منتقلي، صحت، ڪاروبار، سيڙپ ۽ سياحت جهڙن معاشي ۽ سماجي اوسر ۽ ترقي جي پهلوئن تي ڳالهيون ٿينديون. پروجيڪٽ جوڙيا ويندا ۽ انهن ملڪن جي وچ ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ جي صلاحيت ۾ وڌيڪ اضافو ڏسڻ ۾ ايندو. هونئن ته دهلي ملڪ جي راڄڌانيءَ جي حيثيت سان ڪافي سرسبز ۽ خوبصورت آهي، پر مهمانن جي آجيان لاءِ هن شهر کي هن وقت وڌيڪ سرسبز ڪيو پيو وڃي ۽ ان جي آرائش ڪنهن ڪنوار وانگر ڪئي پئي وڃي. شهر ۾ مهمانن جي آڌر ڀاءُ لاءِ سيڪيورٽيءَ جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن. مهمانن کي دهلي شهر جي ايروسٽيءَ ۾ ترسايو ويندو. جتي 14 بين الاقوامي هوٽلون دستياب آهن. جتي چار کان پنج هزار ڪمرا خاص مهمانن لاءِ دستياب رهن ٿا. چين جي صدر شي جن پنگ لاءِ چيو وڃي ٿو ته کيس تاج هوٽل ۾ ترسايو ويندو ۽ خاص مهمانن کي آڊي، بي ايم ڊبليو ۽ مرسڊيز گاڏين ۾ ايئرپورٽ کان هوٽلن تائين آندو ويندو. آسٽريليا، برازيل، ڪينيڊا، چين، فرانس، جرمني، انڊيا، انڊونيشيا، اٽلي، جاپان، ريپبلڪ آف ڪوريا، ميڪسيڪو، روس، سعودي عريبيا، سائوٿ آفريڪا، ترڪيه، برطانيه ۽ آمريڪا هن سمٽ ۾ شريڪ ٿي رهيا آهن ۽ 9 ملڪن جي رهنمائن کي مهمان طور هن سمٽ ۾ دعوت ڏئي گهرايو ويو آهي جن ۾ بنگلاديش، مصر، موريشس، نيدرلينڊ، نائجيريا، اومان، سينگاپور، اسپين ۽ يو اي اِي شامل آهن. هن سمٽ ۾ ڀارت پنهنجو پاڻ کي دنيا آڏو هڪ ترقي پسند ملڪ ۽ معاشي طور مضبوط معيشت طور پيش ڪرڻ وڃي رهيو آهي. ملڪ جي اندر عام طور تي استعمال ٿيندڙ کاڌن جا اسٽال به لڳايا ويندا ته جيئن انهن مهمانن کي انڊيا جي ثقافت جي خبر پوي ۽ ان کانسواءِ اتي تيار ٿيندڙ مختلف مصنوعات جنهن ۾ ساڙهين خاص طور تي بنارسي ساڙهيون شامل آهن جا اسٽال به لڳايا ويندا، ۽ ان کانسواءِ ٻيون ڪيتريون ئي مصنوعات رکيون وينديون ته جيئن اتان جي هنرمندن جي حوصلا افزائي ٿئي ۽ مهمان اتان پنهنجن پيارن لاءِ ڪي تحفا وٺي سگهن. اسانجي پاڙيسري ملڪ ۾ ٿيندڙ ترقي کي پاڪستان جو عوام انتهائي حسرت جي نگاهه سان ڏسي رهيو آهي ۽ اميد ٿو ڪري ته جلد ئي اسان جي رياست به اهڙا فيصلا ڪري ملڪ کي صحيح دڳ تي لائيندي ۽ اسان جو ملڪ به هڪ ڏينهن ان ترقي جي سفر ۾ انهن ملڪن جو همسفر هوندو.
***