ايڊيٽوريلنئون

پاڪستان ڊونلڊ ٽرمپ جي لاءِ امن جي نوبيل پرائيز جي سفارش ڪري ڇڏي

پاڪستان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي امن جي لاءِ کنيل نتيجا خيز سفارتي قدمن ۽ اهم قاعدانه صلاحيتن تي جيڪي هن پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ٿيندڙ مسئلن کي امن سان نبيرڻ تي کنيا ان تي پاڪستان  ناروي جي نوبيل پرائيز ڪميٽيءَ کي ڊونلڊ ٽرمپ کي امن جو نوبيل انعام ڏيڻ جي سفارش ڪري ڇڏي آهي.

اها ناروي جي پنج رڪني نوبيل پرائيز ڪميٽي جنهن کي ناروي جي پارليامينٽ مقرر ڪندي آهي، جيڪا مختلف ميدانن ۾ ماڻهن کي سندن خدمتن تي نوبيل پرائيز ڏيندي آهي. پاڪستان ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو آهي ته آمريڪي صدر ٽرمپ جي قيادت ڏکڻ ايشيا جي ٻن ائٽمي طاقتن کي تباهيءَ کان بچايو آهي. ان کان علاوه پاڪستان حڪومت جو اهو به اعتراف ڪيو آهي ته ٽرمپ ڪشمير جي مسئلي کي حل ڪرڻ جي لاءِ سنجيدگيءَ سان ڪم ورتو آهي، نه صرف ايترو پر ڪشمير جي مسئلي کي هڪ ڀيرو ٻيهر دنيا جي اڳيان آندو آهي. پاڪستان ٽرمپ جي ڪردار کي عالمي امن ۽ وچ اوڀر ۾ استحڪام جي لاءِ به اهم قرار ڏنو آهي ۽ پاڪستان جي قيادت ان ڳالهه جو اعتراف ڪري ٿي ته صدر ٽرمپ جي امن پسند قيادت ئي اصل ثالث آهي، جنهن ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ امن کي ممڪن بڻايو آهي.

ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ آهي ته کيس روانڊا، ڪانگو، سربيا، ڪوسوو ۽ ان کان وڌيڪ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ جنگ بندي ڪرائڻ تي نوبيل انعام ملڻ گهرجي. ياد رهي ته 22 اپريل تي پهلگام ۾ اتان جي مقامي سياحن تي حملي کانپوءِ ڀارت بنا ثبوت جي پاڪستان مٿان الزام هڻي بنا ڪنهن تفتيش جي پاڻيءَ جو سنڌ طاس معاهدو يڪطرفه طور معطل ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان کان علاوه 6 مئي 2025 تي رات جو ڀارت پاڪستان جي مٿان هڪ بزدلاڻو حملو ڪيو جنهن جي جواب ۾ پاڪستان ٽن ڀارتي رافيل جهازن سان گڏ پنج جنگي جهاز ڪيرائي ڇڏيا ۽ ڪيتريون ئي چيڪ پوسٽون تباهه ڪري ڇڏيون هيون.

پاڪستان ڀارتي جارحيت جي جواب ۾ ڪارروائي جو آغاز ڪندي 10 مئي 2025 تي ڀارت جي خلاف آپريشن بنيان المرصوص (لوهه جي ديوار) شروع ڪري ڇڏيو ۽ ڀارت جي اڌمپور، پٺاڻ ڪوٽ، آدمپور، ايئر بيسن ۽ ڪيترين ئي ايئر فيلڊن سميت براهموس اسٽوريج سائيٽ ۽ ايس 400 ميزائيل دفاعي نظام کان علاوه ڪيترن ئي هدفن کي تباهه ڪري ڇڏيو. ان سڄي سلسلي ۾ پاڪستان صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي شخصيت کي امن جي لاءِ قدم کڻندڙ هڪ اهم شخصيت قرار ڏئي ٿو ۽ سمجهي ٿو ته جيڪڏهن صدر ٽرمپ اسلام آباد سان هڪدم سفارتي ڳالهيون شروع نه ڪري ها ته شايد دهلي ۽ اسلام آباد هڪ خطرناڪ صورتحال تائين پهچي وڃن ها.

پاڪستان مطابق ٽرمپ جي ٽياڪڙيءَ جو سبب پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ سيز فائر ٿي جنهن ٻنهي ملڪن کي هڪ وڏي خطري کان بچائي ورتو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ لکين ماڻهن جي بي گهر ٿيڻ ۽ زندگيون وڃائڻ جو امڪان هو. پاڪستان ٽرمپ جي کنيل قدمن کي تڪرار ختم ڪرائڻ جو اعزاز ڏئي ٿو ۽ سمجهي ٿو ته ٽرمپ حقيقي معنائن ۾ امن قائم ڪندو رهيو آهي، پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته جنهن ڏينهن پاڪستان حڪومت ٽرمپ جي نوبيل پرائيز جي سفارش ڪئي ان جي ٻئي ڏينهن ٽرمپ ايران جي مٿان اسرائيل جي طرفداري ڪندي سڌا حملا ڪري ڇڏيا ۽ سندس چوڻ آهي ته هن ايران جي جوهري هٿيار ٺاهڻ وارا مرڪز تباهه ڪري ڇڏيا آهن، جنهن تي نه صرف سڄي مسلم دنيا، پر ٻيا امن پسند ملڪ به حيرت ۾ پيل آهن. چين ۽ روس کي انهن حملن تي تمام گهڻي ڳڻتي نظر اچي رهي آهي.

پاڪستان ان ڳالهه جي سختي سان حمايت ڪندو رهيو آهي ته ٻن ملڪن جي وچ ۾ جارحيت کي روڪڻ جي لاءِ سڀ کان بهتر ذريعو سفارتي لاڳاپا ۽ ڳالهه ٻولهه ٿي سگهن ٿا. بهرحال پاڪستان ٽرمپ جي لاءِ امن نوبيل پرائيز جي سفارش ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ٿيندڙ جنگ واري صورتحال کي روڪڻ جي لاءِ ڏني آهي، جيڪا پاڪستان ۽ آمريڪا جي لاڳاپن ۾ هڪ نئين پيش رفت آهي.

مستقبل ۾ ان ڳالهه جو آمريڪي ۽ پاڪستان جي لاڳاپن تي به يقينن مثبت اثر ٿيندو  ۽ جيڪڏهن اتفاق سان ڊونلڊ ٽرمپ کي امن جي لاءِ نوبيل پرائيز ملي ٿو وڃي ته ان ۾ پاڪستان کي به ياد رکيو ويندو جنهن صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي لاءِ نارويجين نوبيل پرائيز ڪميٽيءَ کي سفارش ڪئي.