خاصنئون

ڀارت جو وزيراعظم نريندر مودي ڪرتارپور ڪوريڊور جي تقريب ۾ شرڪت ڪندو

پاڪ ڀارت تعلقات ۾ وڏي تبديلي ٿي آهي جنهن مطابق چيو پيو وڃي ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ اعليٰ سطح تي سفارتي رابطو ٿيو آهي. جنهن بعد ڀارت جو وزيراعظم نريندر مودي ڪرتارپور راهداري جي تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو آهي. هن تقريب ۾ شرڪت کانسواءِ هو پاڪستان جي وزيراعظم سان به ملاقات ڪندو. واضح رهي ته بابا گرو نانڪ جي سالگره جي موقعي تي ڪرتارپور ۾ تقريب ٿيندي جنهن جو مهمان خاص وزيراعظم عمران خان هوندو. ياد رهي ته هن کان اڳ ڀارت جي وزيراعظم نريندر مودي پاران پاڪستان جي وزيراعظم کي هڪ خط به لکيو ويو هو جنهن ۾ ڀارت جي وزيراعظم لکيو هو ته تمام جلد ئي ڪرتار پور راهداري جو ڪم مڪمل ڪيو ويندو. ان کان علاوه خطي جي سڀني ملڪن سان سٺن لاڳاپن کي وڌايو ويندو. جنهن بعد ڪرغستان جي شهر بشڪڪ ۾ به ٻئي وزيراعظم ٿوري دير لاءِ مليا ۽ غير رسمي ملاقات ڪري چڪا آهن، جنهن جي تصديق شاهه محمود قريشي به ڪري چڪو هو.