پاڪستان ايئرلائين PIA کي وڪرو ڪندڙ پاڪستاني جمهوري حڪومت جي وزيراعظم وڏا وڏا اشتهار ڇپرائي پاڪستاني عوام کي مبارڪون ڏنيون آهن. ڇا ڪنهن جمهوري ملڪ جي وزيراعظم کي مبارڪباد جا اشتهار ڇپرائڻ تي ڪجھ گهڙين لاءِ ڪابه ندامت محسوس نه ٿي هوندي ته هڪ ملڪ جو وزيراعظم عوام جي ٽيڪس جي پئسن سان قيام ۾ عمل ايندڙ قومي ملڪيت جو نيلام ڪري عوام کي مبارڪون ڏئي رهيو آهي، جيڪا قوم جي امانت ۽ پاڪستان جي دنيا ۾ سڃاڻپ آهي. آخر هي جمهوريت جو راڳ آلاپيندڙ پاڪستاني سياستدان ملڪ کي ڪهڙي رخ ۾ وٺي وڃي رهيا آهن. جهڙي طرح پرائيويٽائيزيش جي نالي تي اسٽيل مل جو ٻيڙو غرق ڪيو ويو. ساڳئي طرح حڪمران ٽولو پي آئي اي به من پسند شيئر هولڊرن کي ڏئي پنهنجو منافعو محفوظ ڪري ڇڏيو آهي. هن ملڪ جي سڀني قومي اثاثن کي هي پنهنجن من پسند ڀائيوارن کي ڏئي قوم اڳيان جمهوريت جو راڳ ڳائي عوام کي بيوقوف بڻائيندا رهندا آهن. هن ملڪ ۾ نه عوام جو ڪو قدر آهي نه ئي عوام جي ڏنل ووٽ جي ڪا قيمت آهي، هي غير جمهوري قوتون سڌي يا اڻ سڌي طرح ملڪ تي اثرانداز آهن، هنن کي نه عوام جي پرواهه آهي نه عوام کان ووٽ وٺڻ جو ڪو هنن کي فڪر آهي، هي سياسي دوکيبازين جا ماهر ۽ عوام جي مفادن جا ويري لوٽا لٽيرا هر دور ۾ سدا بهار آهن. جيڪڏھن اسان هنن جي سياست جي شروعات کان وٺي هيستائين جو مطالعو ڪنداسين ته هي ڪک پتي هينئر ارب پتي ڪئين ٿيا آهن سڄي خبر پئجي ويندي. هي معاشري کان وٺي ملڪي معيشت جي قتل عام ۾ ڀاڱي ڀائيوار آهن. پاڪستان اسٽيل مل هزارين خاندانن جي روزگار جو ذريعو هو، ان منافعي بخش اداري کي تباهه ڪندڙ ساڳيا لوھ جا واپاري آهن ۽ پاڪستان ايئرلائين PIA کي تباهه ڪندڙ به ساڳيا ٻهروپيا ماڻهو آهن. پاڪستان ايئرلائين PIA جي ملازمن جو هاڻي ساڳيو حال اسٽيل مل جي ملازمن جهڙو ٿيندو. ڇا اسان وٽ جمهوري حڪومتن جو طريقڪار صرف ملڪ جي قومي ملڪيتن کي کپائڻ آهي، ڇا پاڪستان جي آئين ۽ قانون موجب ملڪ جي چونڊجي آيل سربراھ يعني وزيراعظم کي صرف ملڪ جا قومي اثاثا فروخت ڪرڻ جو آئيني اختيار مليل آهي، ڇا جو هر نئين چونڊيل جمهوري حڪومت ۾ وڏا وڏا اشتهار ڇپرائي ملڪ ۽ قوم جو ملڪيتون کپائڻ ۾ فخر محسوس ڪيو وڃي ٿو. آخر هنن حڪمرانن جي ناجائز طريقيڪار سان جوڙيل ملڪيتن جو احتساب ڪڏهن ٿيندو. چونديل جمهوري حڪومتون بجاءِ قومي ملڪيتون کپائڻ جي ۽IMF کان قرض وٺڻ جي ٻيا ڪي ترقياتي منصوبا جهڙوڪ: معدنيات سميت ايڪسپورٽ تي توجهه ڇو نٿا ڏين. پاڪستان قدرتي وسيلن سان مالامال آهي. بهرحال PIA سڀ کان وڌيڪ منافعي بخش ادارو آهي ۽ ان سان گڏوگڏ پاڪستان جي قومي ملڪيت به آهي، هي ناقابل معافي ڪاروبار تصور ڪري سگهجي ٿو ته هڪ سرمائي ڏيندڙ اداري کي 135 ارب رپين جي عيوض ڪنهن کي فروخت ڪري اداري جي ملازمين سميت عوام جو استحصال ڪيو وڃي.PIA کي فعال بنائڻ لاءِ دنيا جي بهترين ايئرلائين جي آپريٽنگ سسٽمز جو سهارو وٺي سگهجي پيو.PIA کي ناڪام ڪندڙ سياسي مئنيجمينٽ کي ختم ڪري پروفيشنل مئنيجمينٽ جو سهارو وٺي سگهجي پيو.PIA کي انشورنس ۽ ريگيوليٽري تعميل جو فارمولو لاڳو قرار ڏئي اداري کي مستحڪم بڻائي سگهجي پيو. هن اداري کي ڪاپاري ڌڪ هڻندڙ سياسي مداخلت رهي آهي، جيڪا تقريبن هن اداري جي تباهيءَ جو اصل ڪارڻ آهي، سياسي مداخلت کي ڪنٽرول ڪرڻ بجاءِ هن ملڪ جي قومي اثاثي کي فروخت ڪرڻ ملڪي امانتن ۾ خيانت جي مترادف آهي،PIA دنيا جي ملڪن کي ايئرلائين کي فعال ۽ منافعي بخش ڪاروبار جو طريقيڪار سيکاريندڙ ادارو آهي. اڄ ان اداري کي پرائيويٽ ماڻهن جي هٿن ۾ ڏئي ملڪي ترقي نه، پر ملڪي معاشي تباھي جو اشارو ڏنو ويو آهي. جمهوريت جا چئمپينز حڪمران پنهنجي ناڪام بادشاھت ۽ نااهلي جو چٽو پٽو ثبوت ڏئي چڪا آهن. جيڪڏهن هي حڪمران اسٽيل مل ۽ PIA جهڙا منافعي بخش ادارا نٿا هلائي سگهن ته اهي ملڪي معيشت ۾ ڪهڙو سڌارو آڻي سگهندا؟ پاڪستاني عوام کي جيترو ماتم اسٽيل مل جي تباهي تي ڪرڻ گهربو هو، سو هاڻي PIA جي نجڪاري تي هڪ ڀيرو وڏو ماتم ڪرڻ گهرجي ۽ پاڪستان جي جمهوري حڪمرانن کان ملڪي اثاثن بابت پڇاڻو هر پاڪستاني شهري جو آئيني ۽ قانوني حق آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي فرمايو آهي ته: