فلسطين تي قابض اسرائيلي رياست جي وزيراعظم نتين ياهو چيو آهي ته اسين غزه تي قبضو ڪنداسين. اسرائيلي ڪابينا غزه تي قبضي جي تجويز جي منظوري ڏني آهي. آسٽريليا، جرمني، اٽلي، نيوزيلينڊ ۽ برطانيه اهڙي قدم جي مخالفت ڪئي آهي. سموري دنيا اسرائيل جي ناپاڪ ارادن ۽ منصوبن کي سمجهي ٿي. انهن پنجن ملڪن جي پرڏيهي وزيرن پنهنجي گڏيل بيان ۾ غزه تي وڏي فوجي حملي کي رد ڪيو آهي ۽ فلسطين جي رياست جي قيام جو مطالبو ڪيو آهي.
پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اسرائيلي منصوبو جنگ ۾ خطرناڪ اضافو ڪندو. غزه ۾ فوجي ڪارروائين جي اها واڌ پهرين کان موجود انساني بحران کي وڌيڪ بگاڙي ڇڏيندي. اسرائيلي ڪابينا جو اهو فيصلو خطي ۾ امن جي هر امڪان کي ختم ڪري ڇڏيندو. هن اهو به چيو ته پاڪستان اسرائيل کي تسليم نٿو ڪري، انهيءَ ڪري اسرائيل جي هر فيصلي جي اسانجي نظر ۾ ڪابه قانوني ۽ اخلاقي اهميت ڪونهي.
فلسطين ۽ اسرائيل جو مسئلو پراڻو آهي ۽ وچ اوڀر ۾ ٿيل جنگيون به فلسطين ۽ اسرائيلي تنازعي جي ڪري ٿينديون رهيون آهن. اقوام متحده ووٽنگ جي ذريعي فيصلو ڪيو ته فلسطين کي ٻن حصن ۾ ورهايو وڃي، جن ۾ هڪ يهودي رياست هجي ۽ هڪ عرب رياست. تاريخي طرح ڏسجي ته اقوام متحده جي انهيءَ فيصلي وچ اوڀر جي امن کي تباهه ڪري ڇڏيو.
اسرائيل جهڙي ناجائز رياست جي قيام واري ڏينهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين وچ اوڀر ۽ فلسطين ۾ انساني الميا جنم وٺندا رهيا آهن. اسرائيل ناجائز طور تي فلسطين جي ڪجهه وڌيڪ علائقن تي به قابض آهي. جن ۾ غربِ اردن به شامل آهي. 2005 ۾ اسرائيل غزه جي پٽي مان پنهنجون فوجون ڪڍي ورتيون هيون، جتي هاڻي حماس اقتدار ۾ آهي، جنهن اسرائيل سان جنگيون به ڪيون آهن ۽ غربِ اردن ۾ عالمي طرح تسليم ٿيل فلسطيني حڪومت آهي. يهودي رياست فلسطينين کان ڊنل آهي. آزاد فلسطيني رياست انهيءَ مسئلي جو حل آهي. هڪ آزاد فلسطيني رياست جو قيام انتهائي ضروري آهي ۽ اسرائيل انهيءَ مسئلي کي پنهنجي هوڏ سان ڳنڀير ڪري رهيو آهي.
يهودي رياست ڀلي ڪيتريون به رڪاوٽون پيدا ڪري، پر آزاد فلسطين رياست جو حق فلسطين جي عوام کي ملندو. جو ڌرتي جي فرزندن جو حق ڪابه طاقت انهن کان ڦُري نٿي سگهي. فلسطين هڪ تاريخي سچائي آهي ۽ مظلوم فلسطينين جو وطن انهن کي ملڻ گهرجي. وچ اوڀر سان گڏ هڪ ٻيو معاملو به فلسطيني ماڻهن جو آهي، جيڪي سڄي دنيا جي مختلف ملڪن ۾ رهن ٿا. فلسطين لبريشن آرگنائزيشن جي دعويٰ آهي ته لکين فلسطيني بي گهر ٿي پنهنجو ملڪ ڇڏي، سڄي دنيا ۾ اجنبين جيان رهيا پيا آهن.
عالمي ضمير کي اهو فيصلو ڪرڻو پوندو ته فلسطيني پنهنجي وطن واپس اچن ۽ هڪ آزاد فلسطين ۾ پنهنجي زندگي گذارين. هتي اها ڳالهه ڪبي ته اسرائيل جهڙي ناجائز رياست جي موجودگيءَ ۾ غزه تي اسرائيل جو قبضو سڄي دنيا تسليم نه ڪندي. وچ اوڀر جا مسلم ملڪ غزه تي اسرائيلي قبضي کي تسليم نه ڪندا. نتيجي ۾ وچ اوڀر ۾ جنگ پکڙجي سگهي ٿي.
اسرائيل جو غزه تي قبضو عالمي امن کي به متاثر ڪندو. پاڪستاني وزيراعظم چيو آهي ته پاڪستان اسرائيلي ڪابينا جي فيصلي جي مذمت ڪري ٿو. اسرائيلي ڪابينا جو فيصلو غزه تي حملي جي ناپاڪ منصوبابندي کي ظاهر ڪري ٿو. اڃان به وقت آهي ته گڏيل قومن جو ادارو ۽ دنيا جا امن پسند ملڪ فيصلو ڪن ته غزه ۾ وڌيڪ فوجي ڪارروايون نه ٿيڻ گهرجن. ڇاڪاڻ جو اهو فلسطيني علائقو وڌيڪ انساني بحران کي منهن نٿو ڏئي سگهي.
غزه تي ڪابه هٿياربند ڪارروائي خطي ۾ امن جي هر امڪان کي ختم ڪري ڇڏيندي. عالمي برادري اسرائيل جي جارحيت کي روڪي غزه جي ماڻهن تائين انساني امداد جي فراهمي کي يقيني بڻائي ۽ بيگناهه شهرين جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ فوري مداخلت ڪري.
غزه ۾ اسرائيل جي حملن جي ڪري هيستائين 60 هزار کان مٿي ماڻهو جان جي بازي هارائي چڪا آهن. اسرائيل جي انهيءَ ناپاڪ منصوبي جي پاڪستان سان گڏ مغربي ملڪن به مخالفت ڪئي آهي. سڄي دنيا جو ضمير غزه جي مظلوم فلسطينين سان گڏ آهي ۽ اهو يقيني آهي ته اسرائيل جو غزه تي قبضي جو ناپاڪ منصوبو عالمي ضمير جي موجودگيءَ ۾ ڪڏهن به عمل ۾ نه ايندو.