بلاگنئون

ڊائري جا ورق

هُن پڇيو: جيڪڏهن دک اوس سکن ۾ تبديل ٿيڻا ئي آهن ته دک پيدا ڪٿان ٿين ٿا؟
مون چيو: محبت مان، ۽ سک محبت جي پورڻتا آهي. انهي ڪري هِن سنسار جي ساري جيون جو محور محبت ۽ فقط محبت آهي.
***
پدري سماج عورت لاءِ ته عذاب آهي ئي آهي، پر خود مرد لاءِ به اوترو ئي هاڃيڪار آهي، ڇاڪاڻ جو هُو پنهنجيون صلاحيتون سماج جي ترقي تي خرچ ڪرڻ جي بجاءِ عورت کي نيچ ڏيکارڻ ۾ استعمال ڪريو ڇڏي ۽ اھڙي ريت عورت جي صلاحيتن مان فائدو نه وٺڻ جي ڪري سماج جي اوسر ۽ ترقي جو خواب اڌورو رهجيو وڃي.
***
“اسانجو دور صحيح هو. اسانجي دور جا اخلاقي ۽ ثقافتي قدر ۽ زندگي گهارڻ جا طريقا بهتر هئا…”
جيستائين ماڻهو انهي ماضي جي نام نهاد عظمتن جي خول (nostalgia) مان نه نڪرندو، فضيلتن ۽ سڪون سان جيءَ نه سگهندو.
***
هُن چيو: “جڏهن ته ماڻهو کي خبر آهي ته هِن وشال ڪائنات ۾ هُن جو وجود ذري برابر به ناهي، پوءِ به هُو وڏي ڇلانگ ڇو ٿو ماري؟”
مون چيو: “شروع کان وٺي هِن وقت تائين ماڻهو جيڪا ترقي ڪئي آهي اُن جو راز به اهو ئي آهي.”
***
هُو چون ٿا: “ايشوريا راءِ (بالي ووڊ جي سندري) جي جنم ڏڻ تي ڪجهه لک.”
مان چوان ٿو: “مکڙي جي ٽڙڻ، سمنڊ جي گهرائي، چندرما جي چانڊوڪي… تي هيستائين جيڪڏھن ڪير بہ مڪمل آرٽيڪل لکي سگهيو آهي ته ٻڌاءِ؟”
***
عقيدا/ڌرم لکيل (جامد) قانون ۽ قاعدا آهن، جيڪي فقط اُن مخصوص دائري ۾ هلڻ جي اجازت ڏين ٿا. جڏهن ته عقل/سوچ جامد ناهي ۽ اُن دائري کان ٻاهر به اُڏامڻ چاهي ٿي ۽ اها اُڏام (بغاوت) ئي سماج ۾ تبديلي (اڳتي وڌڻ) جو ڪارج بڻجي ٿي.
***
عمر جي آخري ڏهاڪن ۾ جيون جو هرپل جواني جيان جيئو، ٻڍاپو پريشان نه ڪندو.
***
عقل بڙا ڪه اونٽ بڙا ؟
ظاهر آهي جنهن ديس ۾ اُلٽي گنگا وهندي هجي اُتي اُٺ ئي وڏو هوندو.
***
هڪڙي دوست گهڻي وقت کان نه ملڻ جي ميار ڏيندي ميسيج ۾ هڪ آڊيو گانو موڪلي ڏنو آهي، جنهن جا ٻول ڪجهه هن ريت آهن:
“اسان سان ڪچهريون ڪريو دوستو،
هليا وينداسين اوچتو اوچتو.”
آئون چوان ٿو: “يار جيڪي هِن جهان ۾ پاڻ کي ڦني خان سمجهندا هئا ۽ جن تي روزانه ميڙا متل هوندا هئا ۽ ڪئين ماڻهو اُنهن جي اڳيان پويان پيا ٿيندا هئا، اڄ اُنهن کي ڪير به ياد ڪرڻ وارو ڪونهي. باقي تون ۽ مان ڪهڙي باغ جي موري آهيون جو پنهنجي وڃڻ کانپوءِ نه ملڻ جو افسوس رهجي ويندو؟ ها باقي اُھي جيڪي دنيا لاءِ ڪجهه ڪري هليا وڃن ٿا اُنهن تي سدائين ميڙا متل رهن ٿا ۽ اُنھن تي ھميشہ ڪچهريون قائم رهن ٿيون.”
***
آزادي کانپوءِ ستر سالن جي بدترين حڪمراني جي دور ۾ حڪمرانن اسانجي قومي، ثقافتي ۽ انساني حقن جي لتاڙ ۽ ڌرتي جي وسيلن جي لٽمار کان علاوه رشوت، ڪرپشن، جبر ۽ بدامني جي ايڏي بازار گرم ڪئي آهي، جو ماڻهو آزادي کان اڳ انگريزن جي دور کي به ساراهڻ ۽ اُن جي ٻيهر اچڻ جون دعائون گهري رهيا آهن، حالانڪه اُهو دور به غلامي جو دور هو.
اسين ڪيڏي نه بدنصيب قوم آهيون جو اسانجي لاءِ آزادي وارو دور به غلامي جي دور کان وڌيڪ بدترين دور بڻجي ويو آهي.
***
عقيدو عقل کي قيد ڪرڻ ۾ ئي پنهنجي بقا ۽ تحفظ سمجهندو آهي ۽ اهو قيد ئي سندس خاتمي جو سبب بڻبو آهي.
***
مان تنهنجي نقش قدم تي هلي پوئلڳ(Follower) بڻجڻ نٿو چاهيان. مان تاريخ ۾ پنهنجن قدمن جي ڇاپ (نقش) ڇڏڻ چاهيان ٿو. جيڪا ئي منهنجي تاريخ ۾ اصل سڃاڻپ ۽ انفراديت رهندي.
***
او ڌرتي جا سوداگرو! ڌرتي جا ٻيلا ٻيٽ، برپٽ بيابان، جر جبل ۽ معدني وسيلا ڌارين کي ڀڳڙن مٺ تي کپائي، ائين نه سمجهي ويهو ته فقط اسان ئي اذيتون ڀوڳينداسين ۽ غلامانه ڪيپمن ۾ واڙيا وينداسين. ياد رکو! جڏهن توهان مان ڌارين جو ڪم نڪري ويندو ته، توهين به اسان وانگي ڪيمپن ۾ واڙيا ويندا. فرق صرف اهو آهي ته اسان جا ڳاٽ اوچا رهندا ۽ اوهان تاريخ جي پنن ۾ مير جعفر جيان غدار ليکيا ويندا ۽ لعنتاڻو اوهانجو مقدر بڻجي ويندو.
***