ليکڪ: عبدالفتاح عباسي
پاڪستان جي قيام لاءِ يقينن ملڪ جي سمورن صوبن جي عوام جانين جون عظيم قربانيون ڏيئي هيءُ ملڪ آزاد ڪرايو آهي، جنهن ۾ سنڌ جي مسلمانن سڀ کان وڌيڪ قربانيون ڏنيون آهن، جنهن لاءِ پاڪستان جي باني قائد اعظم محمد علي جناح جي مخلصانه ۽ قائدانه صلاحتين جو چرچو هر جاءِ تي ٿيڻ لڳو. قائد اعظم محمد علي جناح تاريخ جو هڪ اڻ مٽ تسلسل بڻجي هڪ ئي وقت انگريز سامراج ۽ تعصب پرست ۽ ڪٽر ماڻهن کان آزادي ورتي، پر انهيءَ آزاديءَ لاءِ قائد اعظم محمد علي جناح پنهنجي وڪالت ذريعي پنهنجي ملڪ جو ڪيس وڙهڻ سميت هر محاذ تي ملڪ جي دفاع ڪرڻ لاءِ هڪ مضبوط سياسي گرائونڊ تيار ڪرڻ لاءِ به هڪ پليٽ فارم جوڙيو هو. جنهن ۾ انهيءَ ملڪ جي نوجوانن، شاگردن، استادن، وڪيلن، ڊاڪٽرن، هارين، مزدورن، پورهيتن سان گڏ ئي عورتن جو هڪ وڏو تعداد پڻ تيار ڪري ورتو هو ته هو پنهنجي ملڪ پاڪستان جي قيام لاءِ پنهنجو حصو وجهندي پنهنجي پنهنجي انفرادي سياسي پارٽين بجاءِ هڪ پليٽ فارم ذريعي پاڪستان جي وجود لاءِ ڪوششون وٺڻ شروع ڪيون. تحريڪ پاڪستان ۾ عظيم علماءِ ڪرام ۾ حجت الاسلام مولانا شاهه محمد حامد رضا خان بريلوي، مفتي اعظم مولانا شاهه محمد مصطفيٰ رضا خان بريلوي، صدرالافضل مفتي سيد نعيم الدين مراد آبادي، شيخ الاسلام پير خواجه قمر الدين سيالوي، مولانا پير امين الحسنات مانڪي شريف، مولانا پير عبداللطيف زڪوٽي شريف، مولانا ابوالحسنات سيد محمد احمد الوريٰ، مولانا مفتي شائسته گل مردان، مولانا محمد شريف ڪوٽلي، مولانا ظهور الحسن درس، حڪيم الامت مفتي احمد يار خان نعيمي، مولانا احمد مختار صديقي، مفسر اعظم مولانا محمد ابراهيم خان بريلوي، مولانا تقدس علي خان، مولانا حسنين رضا خان بريلوي، مولانا پير سلطان محمد حسن سجاده نشين حضرت حق باهو، مولانا عبدالمصطفيٰ الازهري، مولانا مفتي ظفر علي نعماني، محدث اعظم پاڪستان مولانا سردار احمد، مولانا سيد عبدالرشيد (خليفه امام احمد رضا)، مولانا سيد محمود احمد رضوي، غزالي زمان مولانا سيد احمد سعيد ڪاظمي، مولانا حامد علي خان، مولانا پير محمد اسحاق جان سرهندي، پير محمد حسن جان سرهندي، مولانا پير صدرالدين سجاده نشين ملتان، مولانا قاري محمد مصلح الدين صديقي ۽ ٻيا ڪيترائي شامل آهن جن تحريڪ پاڪستان ۾ ڀرپور مجاهدانه ڪردار ادا ڪيو جن جي نالن جي هڪ وڏي فهرست ڪتاب“ تاريخ آل انڊيا سني ڪانفرنس” 1935ع کان 1945ع از مولانا جلال الدين قادري ملي سگهي ٿي، اهڙي طرح ئي جماعت اهلسنت بريلوي جي هڪ وسيع تر تنظيم دعوت اسلامي جا باني اميراهلسنت حضرت علامه مولانا محمد الياس “عطار” قادري رضوي دامت برڪاتهم العاليه ۽ جمعيت علماءِ پاڪستان جي باني سربراهه مجاهد ملت حضرت علامه مولانا شاهه احمد نوراني صديقي رحمت الله تعاليٰ عليه سميت جماعت اهلسنت جي قربانين ۾ پير جو ڳوٺ جي سورهيه بادشاهه جي خاندان ۽ ڀرچونڊي شريف جي بزرگن جي ڪيل خدمتن جو ذڪر خير هميشه سر فهرست آهي. پاڪستان جي چئني صوبن ۾ درگاهون خانقاهون پاڪستان جي خير خواهي ترقي خوشحالي سلامتي جي لاءِ دعائون گهرندا رهن ٿا. جڏهن ته يارسول الله ﷺ جي نعري لڳائڻ وارا هن ملڪ جي ٺاهڻ ۾ بيشمار قربانيون ڏنيون آهن ۽ انهن جي بزرگن جي خون سان هيءُ ملڪ وجود ۾ آيو آهي. جڏهن ته 1943ع ۾ پاڪستان جي حق ۾ سڀ کان پهريان سنڌ اسيمبليءَ ۾ قرارداد پاڪستان منظور ڪرائڻ وارو شخص سائين جي ايم سيد هو ۽ انهي سان ٻيا ٻانهن ٻيلي بڻيل رفيق ساٿي شيخ عبدالمجيد سنڌي، حاجي عبدالله حسين هارون، پير حسام الدين راشدي سميت ٻيا شامل رهيا جن جون ملڪ لاءِ ڪيل خدمتون ڪيئن وساري سگهجن ٿيون. انهن سنڌ جي سياسي بصيرت رکندڙ عظيم ماڻهن جي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ملڪ جي باني قائد اعظم محمد علي جناح سان دوستاڻا محبت ڀريا ناتا ۽ وابستگي انهن ملڪ جي لاءِ ڪيل سنڌ صوبي سميت ٻين صوبن جي مسلمانن سان گڏجي ملڪ جي قيام لاءِ ڪوششون هڪ وڏي باب جي حيثيت رکن ٿيون.
پاڪستان جي قيام ۾ ملڪ جي ٽنهي صوبن کان وڌيڪ جيڪي سنڌ صوبي جي مسلمانن بي مثال قربانيون ڏنيون اها هڪ وڏي اٽل کليل حقيقت ۽ کرو سچ ۽ تاريخ جو تسلسل آهي جنهن کي هميشه فراموش ڪرڻ جي ڪوشش ٿيندي رهي آهي، پر تاريخ جا ورق ڪڏهن به پنهنجي اصل حقيقت کي وساري نٿا سگهن ۽ ياد ڪرڻ گهرجي ته ڪي ڪي تاريخ جا اهي فيصلا ٿيندا آهن جنهن کي وساري نٿو سگهجي اها سنڌ جي ماڻهن به هڪ کليل ۽ واضح تاريخ رهي آهي جنهن ۾ سنڌ جي سنڌي مسلمانن به پنهنجي ملڪ پاڪستان جي آزاديءَ لاءِ اهي قربانيون ڏنيون جو جيڪڏهن تاريخ جا ورق اٿلائيندڙ تاريخ پڙهندا ته انهن جا مثال وڌيڪ واضح ۽ بيمثال طور پوري دنيا ۾ ياد ڪيا ويندا. جنهن ۾ هندستان جي ماڻهن جيڪي اتان هتي آيا هيا سي ڪهڙي حالت ۾ هتي آيا هيا اها قيام پاڪستان جي انهيءَ وقت جي ماڻهن جون تصويرون سڀني جي اڳيان آهن. هندستان جي يو پي ۽ سي پي جي ماڻهن کي ڪنهن به ملڪ ٺهڻ وقت پناهه نه ڏني ۽ چيو ويو ته پاڪستان آگي هي (پاڪستان اڳتي آهي) ۽ اهڙي طرح ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد سميت سنڌ جي ٻين شهرن ۾ انهن هندستاني مهاجرن کي اچي آباد ڪرايو ويو ۽ سنڌ جي سنڌي ماڻهن نه صرف پنهنجا گهر کولي ڇڏيا، پر دليون کولي ڇڏيون ۽ انهن هندستاني ڀائرن کي جيءَ ۾ جايون ڏنيون ويون انهن جي حالت رحم جوڳي هجڻ سان گڏ انهن جي حالت زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي بيٺل هئي.اهي جن جن سوارين تي آيا هئا اهي سواريون ٻڌائين ٿيون ته اهي ڪيترا امير ۽ خّوشحال هئا، انهن کي جياپو ڏيارڻ لاءِ سنڌ جي ماڻهن مان جن کي 5 گهر هئا ته ٻه يا ٽي گهر انهن کي ڏنا ويا جن کي ٻه گهر هيا ته هڪ هڪ گهر انهن کي ڏنو ويو ۽ اهڙي طرح هرهڪ هندستانيءَ جي مالي مدد ڪرڻ سان گڏ انهن جي جائيداد زمينن سميت ڪاروبار ڌنڌي يعني هر معاملي ۾ هندستان کان آيل ماڻهن جي وڌ ۾ وڌ سپورٽ مدد ڪئي وئي. جڏهن انهي قرباني واري جذبي ۾ ٻين ٽن صوبن جي ماڻهن ڪا به قرباني ڏيڻ کان لاچاري ڏيکاريندي پاڪستان آگي هي جي فارمولي تي عمل ڪيو ويو. وڏي افسوس ۽ ڏک جي ڳالهه اها آهي ته جن سنڌ جي ماڻهن پنهنجي ايثار جي جذبي تحت هندستان جي لٽيل ڦريل بي يارو مددگار ٽرينن، گڏهه گاڏن، اٺ گاڏين، ڏاند گاڏين ۽ سائيڪلن تي سوار نه لٽو نه ڪپڙو پورو پاتل هو جن کي اهي هاڻي سنڌ جي اصل وارثن کي ڌمڪيون ڏيئي رهيا آهن ۽ سنڌ جي ماڻهن کي پنهنجي ئي صوبي مان بي دخل ڪرڻ جون ڳالهيون ڪري نوان صوبا ٺاهڻ جون ڳالهيون ڪري، ڪراچيءَ ۾ سنڌين کي نه اچڻ جون ڌمڪيون ڏيڻ، انهن تي پٽيشنون داخل ڪرڻ، اهي ڳالهيون ڪرڻ ته سنڌ متروڪه آهي، سنڌي ۾ خط ليٽر تي ايڊريس لکڻ منع ڪرڻ سميت سنڌي ماڻهو پنهنجن جائز حقن، بنيادي مسئلن جي حل لاءِ ڪراچي احتجاج ڪرڻ نه اچن، 40 لک غير سنڌي پرڏيهي ماڻهن جا قومي شناختي ڪارڊ ظاهر ٿيڻ، سنڌ جي اصل ماڻهن جي زخمن ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ جي ناپاڪ ڪوشش ڪرڻ آهي. چوندا آهن ته آئي ٽانڊو کڻڻ بورچاڻي ٿي ويهي رهي. انهن هندستاني ڀائرن سان الائي ته ڪهڙو مسئلو درپيش آهي جو انهن کي بار بار انهيءَ پناهه ڏيندڙ ماءُ جي جهولي جهڙي حيثيت رکندڙ ڌرتي سنڌ کي ٽڪراءَ ڪرڻ نوان صوبا ٺاهڻ جا دورا پوندا رهندا آهن. دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ اهو طريقيڪار ناهي ته اتي ڪو ڪمائيندڙ اچي ۽ پوءِ اتي پنهنجي صوبي ٺاهڻ جي ڳالهه ڪري ۽ انهيءَ ملڪ انهي صوبي وارن جي مٿان ڌاڙو هڻڻ جي ڪوشش ڪري، پر هتي مسلسل مسلمان ڀائر اسانجي مهمان نوازي ۽ ڀائپي کي ڪمزوري سمجهندي اسان مٿان نادر شاهي حڪم هلائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن جيڪا نه صرف نامناسب ڳالهه آهي، پر اها سراسر سنڌ جي لکين ڪروڙين عوام سان بدديانيتي وارو ڊرامو ۽ کيل کيڏيو پيو وڃي. سنڌ جي ماڻهن مطابق جيڪڏهن ڪنهن به مهاجر کي يو پي يا سي پي وڃڻو آهي ته وڏي شوق ۽ خوشيءَ سان وڃي سگهي ٿو. پاڪستان جي قيام ۾ لکين سنڌ جي مسلمانن جو خون شامل آهي اهو انهن عظيم انسانن انهيءَ لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا نه ڏنا ته هتي تعصب پرست ماڻهو پاڪستان جي دل ڪراچيءَ کي خون آلود ڪندا رهن.
سازشي عناصر ڪهڙي به جاءِ تي هجن انهن کي ظاهر ۽ پڌرو ڪيو وڃي. پاڪستان هڪ اهڙو گل آهي جيڪو چئن صوبن جي روپ ۾ نمايان آهي جنهن جي هر گل ۽ شاخ ۾ پنهنجي پنهنجي خوشبوءِ سمايل آهي سنڌ جي گل جو پنهنجو رنگ، روپ ۽ رونق آهي ته وري بلوچستان، خيبر پختونخواهه ۽ پنجاب جو پنهنجو رنگ ڍنگ آهي. ملڪ جي ماڻهن ۾ محبت، ڀائيچاري، اخوت جي لاءِ اسان مان هرهڪ کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ۽ انشاءَالله هيءُ ملڪ ترقيءَ جي راهه ته اڃان وڌيڪ هڪ ڏينهن ضرور گامزن ٿيندو ۽ پوري دنيا ڏسندي ته پاڪستان جا چار ئي ڀائر پاڻ پنهنجي وڏڙن جي نقش قدم تي هلندي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا. پاڪستان محبتن جو مرڪز آهي ۽ اهڙي سرهاڻ ۽ خوشبوءِ جو واس آهي جنهن کي ايمان وارو ئي محسوس ڪري سگهي ٿو، نفرتن ۽ ڪروڌ ڪاوڙ کي پري ڦٽو ڪندي محبتن جي گلزار ۾ رهڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ته هيءُ ملڪ سڀني لاءِ الله جي نعمت عظمه آهي، جيڪي ملڪ جي گل و گلزار جا ويري آهن لسانيت جي پرچار ڪندي نفرتن جي تبليغ ڪن ٿا اهي ڪهڙي به قوم سان هجن اهي ناسور مثل آهن. ملڪ پاڪستان ۾ الله پاڪ جي هرهڪ نعمت موجود آهي اها ٻئي ڳالهه آهي ته هن ملڪ ۾ ڪرپٽ، مافيائون، لوٽمار ڪندڙ ٽولا ۽ گروهه هن ملڪ کي اصل کان هن وقت تائين کوکلو ڪندي کائي ڀينگ ڪري ڇڏي اٿائون پر ملڪ خدا جي عطا سان ڏينهون ڏينهن ترقيءَ جون منزلون طئي ڪندو رهي ٿو. لنڊن جا لنڊا بازاري مسخرا روز روز سنڌ پاڪستان خلاف سازشون ڪندي ٿڪجن نٿا. هن ملڪ ۾ ڪرپٽ حڪمرانن جو خاتمو اچڻ تمام ضروري ۽ لازمي آهي.جيڪي هن ملڪ کي کوکلو ڪري آڏوهي جيان کاهي رهيا آهن. اهڙن ناسور ورتل ڪرپٽ ڪميشن مافيائون جو خاتمو ملڪ جي ترقي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ تمام ضروري آهي. ملڪ جي لوٽمار ڪندڙ ٽولا گروهه ۽ مافيائون جيستائين هن ملڪ ۾ آهن تيستائين ملڪ ترقيءَ جي راهن لاءِ سکي رهندو ۽ انهن چند ڪرپٽ مافيائون جي ڪري ملڪ جو مورال نانءُ بدنام ٿيندو رهي ٿو، خدا تعاليٰ هن ملڪ جي هر طرح جي حفاظت فرماءِ ۽ بيروني ۽ اندروني خطرات کان محفوظ رکي آمين.