ڪرسمس جا ڏينهن هئا، جمعي رات 27 ڊسمبر 2007ع تي اسان خوبصورت پرتگالي ڳوٺ “اوبيڊس” جي سانتا قلعي ۾ داخل ٿيڻ وارا ئي هئاسين ته منهنجي موبائل فون تي هي پيغام مليو. “بينظير ڀٽو بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ سخت زخمي ٿي پئي آهي، هوءَ اسپتال ۾ آهي، جتي ڊاڪٽر کيس بچائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيا آهن.” مان اتي موجود هجوم کان ٻاهر نڪري پنهنجي فون ٻڌڻ شروع ڪئي، جيڪا گهڻي دير کان وڄي رهي هئي. ان کان ترت پوءِ مون کي ٻيو پيغام مليو ته “ايجنسين خبر ڏني آهي ته بينظير ڀٽو شهيد ٿي چڪي آهي.” اها خبر ٻڌي ائين لڳو ڄڻ هر شيءِ اونده ۾ وڪوڙجندي ٿي وئي. ڪرسمس جي ان موقعي تي منهنجا والدين ۽ منهنجو اٺن سالن جو پٽ به مون سان گڏ هئا. ٻه مهينا اڳ وارو اهو منظر منهنجي نظرن جي سامهون اچي ويو، جڏهن بينظير ڀٽو وڏي فخر منجهان پنهنجي وڏي پٽ بلاول کي آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ داخلا لاءِ وٺي آئي هئي. “ٻار به ڪيترو جلد وڏا ٿي ٿا وڃن!” هن مون کي چيو هو. “جڏهن تنهنجو پٽ وڏو ٿي ويندو ته تون به مون وانگر محسوس ڪندينءَ، توکي تمام سٺو لڳندو.”
ان واقعي کان هڪ هفتو پوءِ اسين ڪراچي ۾ ان وڏي بس تي گڏ سفر ڪري رهيا هئاسين، جنهن تي بمن سان حملو ڪيو ويو هو. بينظير ڀٽو ان قاتلاڻي حملي ۾ ذري گهٽ بچي وئي هئي، پر مون کي ان وقت اندازو ٿي ويو هو ته قاتل کيس نيٺ ماري جند ڇڏيندس.
پاڪستاني سياست عوام جي وچ ۾ زندگي گذارڻ جو ٻيو نالو آهي، توهان کي گهر کان ٻاهر نڪري ماڻهن ۾ وڃڻو پوندو. ڀلي ان جي لاءِ توهان کي ڪيڏيون به جسماني اذيتون برداشت ڪرڻيون پون، جيترو وقت به هوءَ ڪراچيءَ ۾ هڪ وڏي عام روڊ تي بس ۾ سوار هئي، بلٽ پروف جي پويان بيهڻ گوارا نه ڪيائين، جيڪا سندس بچاءُ لاءِ تيار ڪئي وئي هئي. سو بس ۾ بلڪل سامهون واري حصي ۾ بيٺي رهي يا وري پنهنجن مداحن جي حوصلا افزائي لاءِ بلٽ پروف گاڏي جي ڇت کان پنهنجو چهرو ٻاهر ڪڍي هنن جي پرجوش نعرن جا جواب ڏيڻ ۾ رڌل رهي، هن پنهنجي پيءُ کي ڦاهي چڙهندي ڏٺو هو ۽ ٻن ڀائرن کي قتل ٿيندي به ڏٺو هو. ان ڪري هُن کان وڌيڪ ڪير نه پيو ڄاڻي ته ان رستي ۾ ڪيترا خطرا، خدشا لڪل آهن. مون کانئس ڪيترا ڀيرا ان موضوع تي سوال پڇيا، جيڪي ڪجهه هُوءَ ڪري رهي آهي ڇا اهو صحيح آهي؟ هُن جو رڳو اهو ئي جواب هوندو هو “مون کي رب جي ذات تي پورو يقين آهي ۽ مان پاڪستاني عوام تي مڪمل ڀروسو رکان ٿي.”
جيڪڏهن مان پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪنهن دلير، بهادر ۽ جرئتمند انسان سان ملي آهيان، تنهن جو نالو بينظير ڀٽو آهي. هن جهڙي طرح خطرن جو مقابلو ڪيو، اهڙي بهادر عورت اڳ مون ڪڏهن ناهي ڏٺي. هُن ۾ بيشڪ گهڻيون خاميون به هونديون، ان هوندي به هوءَ ۽ پنهنجي ملڪ ۽ عوام جي اميدن کي نهايت بهتر انداز سان پورو ڪرڻ جي هر ممڪن صلاحيت رکندي هئي.
اڄ کان ويهارو سال اڳ جو واقعو آهي يعني ڊسمبر 1987 جو، مان ڪراچي ۾ هئس ۽ اڃان مس ننڊ مان جاڳي هئس، هوا ۾ عجيب قسم جي گِهم جو احساس هو. چنبيليءَ جي مهڪ ۽ مينديءَ جي خوشبو منهنجي پوري وجود ۾ سمائجي چڪي هئي، آسمان تي آتشبازي جا گل ۽ ستارا رقص ڪري رهيا هئا.
بينظير ڀٽو جي شادي جو پروگرام وڏي ڌام ڌوم سان جاري هو، اِهي ئي لمحا هئا جڏهن منهنجي زندگي هميشه لاءِ هڪ نئين تبديلي ۾ پير پاتو. پنهنجي نوجواني جي زماني ۾ مون کي مهم جوئي جو جنون هوندو هو. برطانيه ۾ پنهنجي پڙهائي دروان ان مهم جوئي جو شوق مون کي ڪلاس ختم ٿيڻ کان بعد به اِتي رهڻ تي مجبور ڪندو هو ۽ سزا ۾ ڏنل ڪم پورو ڪرڻو پوندو هو، انهن گهڙين ۾ مان ڪلاس روم جي درين ۾ لڳل شيشن مان ٻاهر پري پري تائين دنيا ڏسڻ ۽ ڪجھ ڪرڻ جا خواب ڏسڻ ۾ مگن رهندي هئس، اها بينظير ڀٽو هئي جنهن مون کي پري پري جي ملڪن تائين پهچڻ جو موقعو فراهم ڪيو. هُن جي دنيا منهنجي دنيا کان بنهه مختلف هئي، منهنجو تعلق برطانيه جي هڪ وچولي طبقي سان هو، جڏهن ته بينظير ڀٽو بيحد مالدار گهراڻي سان واسطو رکندڙ عورت هئي. ڀٽو خاندان تمام گهڻي ملڪيت ۽ جائيداد جو مالڪ آهي. ان کانسواءِ سندس زندگي ۾ معجزاتي اٿل پٿل ۽ قسمت جو به وڏو عمل دخل هو. کيس جوانيءَ ۾ ئي طاقت ۽ تڪليف ٻنهي جو سٺو تجربو ٿي ويو هو. سندس والد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جو وزيراعظم هو، جنهن کي آرمي اقتدار کان محروم ڪري ڦاهي چاڙهي ڇڏيو هو. آڪسفورڊ ۾ تعليم پرائڻ دروان بينظير ڀٽو جو شمار انتهائي ذهين ۽ قابل شاگردن ۾ ٿيندو هو، هُوءَ پهرين ايشيائي شاگردياڻي هئي، جنهن کي آڪسفورڊ يونيورسٽي جو سربراھ چونڊيو ويو هو. هُن کي اڪثر ڦڪي رنگ جي اسپورٽس ڪار ۾ ايندي ويندي ڏسندي هئس. يونيورسٽي مان شايع ٿيندڙ اخبارCHER WELL جو مون کي ايڊيٽر بڻايو ويو هو. اسان هڪٻئي سان اڪثر ملندا هئاسين. 1987ع جي اونهاري ۾ “فنانشل ٽائمز” ۾ انٽرن شپ جي دوران، هڪ اهڙي مانجهاندي ۾ مون کي شريڪ ٿيڻ جو موقعو مليو، جتي پاڪستان پيپلزپارٽي سان تعلق رکندڙ هڪ شخص مون کان پڇيو ته “ڇا توهان بينظير ڀٽو کان انٽرويو وٺڻ پسند ڪندوَ؟ مان ترت جواب ڏنو “ها…ٰضرور” اِهو زمانو هو جڏهن هُن جي مڱڻي جو باضابطا اعلان ٿي چڪو هو ۽ هوءَ ۽ پنهنجي لنڊن واري فليٽ ۾ گلن ۽ ميڻ بتين جي وچ ۾ خوبصورت روشينن ۾ گهيريل ويٺي هئي. ڪنهن ڪنهن مهل ته هُن جو رويو سرد مهري وارو ٿي لڳو، پر هوءَ بظاهر ڏاڍي پُرتڪلف محسوس ٿي رهي هئي. بهرحال ان پهرين ئي ملاقات ۾ اسان ٻنهي جي وچ ۾ دوستي ۽ سنگت وارو مضبوط رشتو جڙي ويو هو. بينظير ڀٽو کان اهو منهنجو پهريون انٽرويو هو، جيڪو هڪ وڏي قومي اخبار جي سونهن بڻيو ۽ ان انٽرويو منهنجي منزل لاءِ فيصلائتو ڪردار پڻ ادا ڪيو. ان وقت جنرل ضياءُ الحق سندس والد کي ڦاسي گهاٽ تي چاڙهيو هو. ضياءُ الحق تڏهن پاڪستان جو صدر هو. آمريڪا جنرل ضياءُ الحق جي مڪمل حمايت ڪري رهيو هو ته جيئن افغانستان مان روسي فوج جي نڪرڻ ۾ هن جي مدد حاصل ڪري سگهجي. جڏهن ته بينظير ڀٽو جي پارٽي (پاڪستان پيپلزپارٽي) ملڪ ۾ چونڊن جو مطالبو ڪري رهي هئي. ان وقت مان پنهنجي ايڪٽيهه سالا صحافتي ۽ سياسي تجربي جي آڌار تي لکيو هو “ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي جيڪڏهن سڀاڻي ئي صاف شفاف ۽ آزاد چونڊون ڪرايون وڃن ته بينظير ڀٽو چٽي اڪثريت سان کٽي ويندي، بدقسمتي سان پاڪستان ۾ سياسي فتح ۽ ڪاميابي جو تعين مقبوليت بدران فوجي جرنيلن، واپاري برداري ۽ مُلن جي هٿن ۾ هوندو آهي، جنهن تي آمريڪي سرپرست گهري ۽ ڪڙي نظر رکندا آهن. بهرحال ان انٽرويو ۾ مون اها ڳڪٿي پڻ ڪئي ته بينظير ڀٽو کي پنهنجي والد جي جڳهه وٺڻ لاءِ هڪ ڊگهو وقت گهربل هوندو. جيڪڏهن فرض ڪجي ته هوءَ اقتدار ۾ اچي به وئي ته سندس اڻ چٽين پاليسين جي ڪري هوءَ ڪاميابي نه ماڻي سگهندي. ظاهر آهي منهنجي اڳڪٿي بلڪل غلط ثابت ٿي، پر ان هوندي به بينظير ڀٽو پنهنجي شادي ۾ مون ڏانهن دعوت نامو موڪلڻ هرگز نه وساريو. ڪجهه ئي ڏينهن کانپوءِ مان هن جي شادي ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ 70 ڪلفٽن پهچي ويس، جتي شادي جون تقريبون نهايت زور شور سان جاري هيون. بهرحال ان موقعي تي هن هر معاملي ۾ وڏي سادگيءَ جو ثبوت ڏنو ۽ انهن سڀني روايتي رسمن کي تسليم ڪرڻ کان اهو چئي انڪار ڪري ڇڏيو ته “مان هڪ سياسي اڳواڻ آهيان، مون کي پنهنجي عوام لاءِ مثال قائم ڪرڻو آهي.” اهڙي بيزاريءَ جو باضابطا اعلان ڪرڻ کانپوءِ به بينظير ڀٽو چيو هو ته هوءَ پنهنجين مذهبي ذميدارين ۽ فرض سان گڏوگڏ پنهنجي خاندان جي مرضي ۽ منشا کي ڏسندي، شادي لاءِ رضامندي جو اظهار ڪري ٿي، جيڪو پيغام هُن جي امڙ منظور ڪيو.
پاڪستان ۾ اڪثر مهمانن جو خيال هو ته مائٽن جي مرضي سان طئي ڪيل شادي ئي بهتر هوندي آهي. ڇو ته توهان جي ذهن ۾ اڳ ڪي سوچيل سمجهيل خيال ۽ اميدون نه هونديون آهن، ان ڪري زال مڙس شادي کانپوءِ هڪ ٻئي سان محبت ڪرڻ سکندا آهن. ان دروان ڪيترائي اهم واقعا رونما ٿيا، جنرل ضياءُ الحق جهاز جي هڪ حادثي ۾ پنهنجن ساٿين سميت مارجي ويو.
ان کانپوءِ جنرل مرزا اسلم بيگ اقتدار سنڀاليو ۽ عام چونڊون ڪرايون جنهن جي نتيجي ۾ بينظير ڀٽو جي پاڪستان پيپلزپارٽي کٽي وئي ۽ بينظير ٻه ڀيرا وزيراعظم جي عهدي تي فائز ٿي، پر هر دفعي جيان ڪنهن نه ڪنهن حيلي ۽ بهاني سان سندس چونڊيل جمهوري حڪومت کي برطرف پئي ڪيو ويو. آخرڪار آڪٽوبر 1999ع ۾ جنرل پرويز مشرف اقتدار تي راتاهو هڻي نواز شريف جي حڪومت کي ختم ڪري پاڻ اڇي ڪاري جو مالڪ بڻجي ويو.
روسي فوج جي افغانستان مان نڪري وڃڻ کانپوءِ اها ڳالهه پوري طرح واضح ٿي وئي ته افغانستان جو مسئلو اڃان تائين پنهنجي ساڳئي جڳهه تي موجود آهي ۽ هي جنگ اڃان جاري رهندي. جنهن جو اصل محرڪ ۽ سبب پاڪستان آهي. اولھ ملڪن کي جيترو وڻي فوج افغانستان موڪلين، پر پاڪستاني مذهبي مدرسن مان فارغ التحصيل طالبان جو افغانستان ڏانهن ڪاهه جو مسئلو جيئن جو تيئن ئي رهندو. اهي فوجون پاڪستان مان طالبان کي اچڻ کان روڪڻ ۾ ناڪام ٿي چڪيون هيون، ان ڪري آمريڪي انتظاميه ۽ اولھ جي ملڪن جون حڪومتون ان نتيجي تي پهچي چڪيون هيون ته افغانستان ۾ طالبان جو پاڪستان مان اچڻ هر قيمت تي روڪڻو پوندو ۽ ٺيڪ اهو وقت هو جڏهن بينظير ڀٽو ان منظرنامي تي ظاهر ٿيڻ شروع ٿي. جيئن جيئن پاڪستان جي حڪومت تي موجوده حڪمرانن جي گرفت ڪمزور ٿيندي پئي وئي، حڪومت ۽ انتظاميه جنرل مشرف تي ان ڳالهه جي لاءِ شديد دٻاءُ وجهڻ شروع ڪيو ته بينظير ڀٽو سان جلد کان جلد سياسي مفاهمت ڪري ته جيئن ٻئي گڏجي پاڪستان کي ايٽمي اسلحي وارو بنياد پرست بنجڻ کان روڪي سگهن.
بهرحال اهو منظرنامو حقيقت کان تمام گهڻو پري هو. ڇو ته اقتدار سنڀالڻ کان فورن پوءِ نومبر 1999ع ۾ جنرل پرويز مشرف مون کي ٻڌايو هو ته اڄ پاڪستان جن مشڪلاتن ۾ ڦاٿل آهي ان جو ذميوار بينظير ڀٽو کانسواءِ ٻيو ڪوبه ناهي، هن پنهنجي ڳالهه کي جاري رکندي چيو “توهان کي ته خبر هوندي ڇو ته هن جي دوستِ به آهيو. بينظير ڀٽو هڪ چالاڪ ۽ ذهين سياستدان آهي، منجهس اهي سڀئي صلاحيتون موجود آهن، هُوءَ پاڪستان کي مجموعي طور تي هڪ خوشگوار تبديلي سان جوڙي سگهي پئي، پر افسوس هُن پنهنجن صلاحيتن مان ڪو فائدو نه ورتو، سڀ موقعا وڃائي ڇڏيا ۽ رڳو مال ۽ دولت گڏ ڪرڻ ۾ لڳي وئي، جيستائين پاڪستان ۾ منهنجي حڪومت آهي هُن کي هِتي اقتدار ۾ اچڻ هرگز… هرگز نه ڏيندس.”
بينظير ڀٽو کي ٻه ڀيرا اقتدار کان محروم ڪندڙ “فوجي بنياد پرست عنصر” طالبان کي هڪ ڀيرو ٻيهر زنده ڪرڻ جي منصوبي تي وڏي ڪاميابي سان اڳتي وڌي رهيا هئا، هنن کي ڀلا اهو ڪيئن گوارا ٿي سگهي ها ته بينظير ڀٽو ٽيون ڀيرو به پاڪستان جي وزيراعظم جي عهدي تي فائز ٿئي.
بينظير ڀٽو جلاوطني جي دوران مون سان ملاقاتن جو سلسلو هڪ دفعو ٻيهر شروع ڪيو هو، هُن منهنجي شادي جو تحفو هڪ “ڪرسٽل بائول” مون ڏي ڏياري موڪليو. ڪنينگٽن ۾ سندس فليٽ جي ڀرسان اسان ٻئي گڏ لنچ (مانجهندو) ڪندا هئاسين. هُو ان ڳالهه تي ڏاڍي خوش هئي ته هاڻي پنهنجن ٻارن سان گڏ گهمڻ ڦرڻ ۽ تفريح جا کيس موقعا ملي رهيا آهن. هُوءَ اڪثر پنهنجن ٻارن کي هائيڊ پارڪ ۾ به وٺي ايندي هئي، پر هڪ ڳالھ جيڪا مون محسوس ڪئي، اها هئي، پنهنجن سياسي خواهشن ۽ سياسي زندگي کي اهڙي طرح معطل ٿيل ڏسي هُوءَ تمام گهڻي ڏکويل ۽ اداس رهندي هئي.
لنڊن کان دبئي شفٽ ٿيڻ کانپوءِ مون کي ائين لڳندو هو هن جو اڪثر وقت يوگا ۽ شاپنگ ڪندي گذرندو هو، چاڪليٽ ۽ آئيس ڪريم کائڻ جو کيس ڏاڍو شوق هوندو هو. جنهن ڪري سندس وزن ۾ به اضافو ٿي رهيو هو.
بهرحال ڪتاب به هن لاءِ وقت گذارڻ جوهڪ وڏو ذريعو هوندا هئا. هن جي الماري ڪتابن سان هر وقت ڀريل رهندي هئي، مان ٻه مهينا اڳ ڪراچي ۾ هئس. جڏهن بينظير ڀٽو حڪومت سان ڊگهيون ڳالهيون ڪرڻ کانپوءِ دبئي ۾ پنهنجن ٻن فڪرمند نياڻين کي الوداع چئي اٺن سالن جي جلاوطني ختم ڪري پاڪستان واپس اچڻ جو فيصلو ڪيو هو. هُوءَ پنهنجي زندگي جي سمورن خطرن کان واقف هئي ۽ منهنجي خيال ۾ هُوءَ ڄاڻي واڻي اهڙن خطرن ۾ پوڻ لاءِ تيار ٿي چڪي هئي، پر… ان جي باوجود مان هن کي ايترو خوش ٻهڪندي اڳ ڪڏهن ڪو نه ڏٺو هو. خوشي هن جي انگ انگ مان ڇلڪي رهي هئي، هِن جي اکين ۾ اها پراڻي چمڪ موٽي آئي هئي، ڪراچي ايئرپورٽ جي زمين تي قدم رکڻ سان ڳوڙها سندس اکين مان وهي پيا هئا.
شاهراهه فيصل تي هن جي جلوس ۾ موجود مان اڪيلي صحافڻ هئس، ان رات بمن جا ٻه زبردست ڌماڪا ٿيا، بينظير ڀٽو ان حملي ۾ ذري گهٽ بچي وئي، پر کيس اهو احساس ضرور ٿيو هوندو ته هن جي اٺن سالن جي جلاوطني دوران سندس ملڪ ڪيترو تبديل ٿي چڪو آهي. ٻئي ڏينهن شام جو مان هن جي مطالعي واري ڪمري ۾ ساڻس گڏ ويٺي هئس، هُن ٻڌايو “هوءَ رڳو چار ڪلاڪ ننڊ ڪري اٿي آهي، ننڊ مان جاڳڻ بعد کيس محسوس ٿيو ته بم ڌماڪي جي ڪري ڪنُ مان رت ٽمي رهيو آهي. هُن مون کي اهو به ٻڌايو ته صبح سوير ساڍي پنجين وڳي کيس احساس ٿيو ته پاڪستان اچڻ نه کپي ها. مان پاڪستان واپس اچي وڏي غلطي ڪئي. سڄو وقت ان گوڙ گهمسان ۽ باھ جي شعلن جي روشني جي باري ۾ سوچيندي رهيس، جيڪي آسپاس پيل لاشن کي ظاهر ڪري رهي هئي، هر شيءِ باھ جي ڪري روشن نظر اچي رهي هئي.”
هن سال ڪرسمس جون موڪلون ملهائڻ جي خيال سان مان پرتگال وئي هئس، جڏهن گذريل جمعي تي مان هتان کان پنهنجي گهر لنڊن پهتس ته بينظير ڀٽو جو منهنجي نالي موڪليل ڪرسمس ڪارڊ انتظار ڪري رهيو هو. جيڪو هن اسلام آباد مان مون ڏانهن موڪليو هو. ان ڪارڊ تي بينظير ڀٽو هي لفظ لکيا هئا “مان عالمي امن جي قيام ۽ تنهنجي خاندان جي خوشين جي لاءِ دعاگو رهندس.”