بلاگنئون

طبقاتي سماج ۽ عورت جو ڪيس!

عورت تي تشدد ڪو نئون عمل ناهي ۽ نه ئي ڪنهن هڪ معاشري جي خاص روايت آهي، اهو طبقاتي سماج جو دل ڏکوئيندڙ ڊگهو داستان آهي. اهو عالمگير الميو پڻ آهي. باوجود ان جي  حقيقت اها آهي ته وقت سان گڏوگڏ  برصغير ۽ وچ اوڀر جهڙن ملڪن ۾ “غيرت” جي نالي تي عورت کي قتل ڪري ڇڏڻ معمول جي ڳالھه بڻجي چڪي آهي، پر عورت تي ڏاڍ يا زور زبردستي صرف مٿي بيان ڪيل علائقن تائين به محدود ناهي. جيتوڻيڪ يورپ، آمريڪا ۽ ٻين ترقي يافته معاشرن ۾ عورت کي قانوني حقن جي وڏي حد تائين ضمانت ڏني وئي آهي، پر ان جو مطلب قطعي اهو ناهي ته اتي عورت ڏاڍ جو شڪار نه ٿيندي آهي يا اتي مڪمل برابري موجود آهي ۽ استحصال جون صورتون بدليون آهن.

پنجين صديءَ کان پندرهين صديءَ تائين جي يورپ ۾ عورت جي عمومي سماجي حيثيت نهايت پٺتي هئي. اها مرد جي ملڪيت تصور ڪئي ويندي هئي، پندرهين کان سترهين صديءَ جي وچ ۾ هزارين عورتن کي“ڏائڻيون” ۽ “جادوگراڻيون” هئڻ جو الزام هڻي زنده ساڙيو ويو. انهن ۾ ڪيترين جو قصور ان وقت جي مرداڻي بالادستي واري سماج جي مذهبي، سماجي ۽ سياسي قاعدن قانونن کي رد ڪرڻ هو. اهو بنيادي طور تي ڪليسا جي دهشت کي برقرار رکڻ ۽ عورتن جي پنهنجي روايتي طور تي ڪردار کان انڪار جون سزائون هيون. ان دور ۾ بحيثيت دائي جي ٻارڙن جي پيدائش ۾ ٻين عورتن جي مدد ڪرڻ يا جڙين ٻوٽين سان انهن جو علاج ڪرڻ مرداڻي حڪمت واري پيشي تي اجاره داري تي هڪ چوٽ هئي. انهيءَ ريت ان وقت جي عورت جو اڪيلو يا غير شادي شده هئڻ به مڪروهه سمجهيو ويندو هو. علم رکڻ واريون يا پڙهڻ لکڻ واريون يا سڀ کان اهم ته سوال اٿارڻ واريون عورتون، مرداڻي سماج جي ڪنٽرول کان ٻاهر ٿي رهيون هيون. وري ڪنهن خوبصورت عورت جو مردن کي رد ڪري ڇڏڻ به بدلي وارن جذبن کي اڀاريندو هو. اهي سڀ اهڙا ڏوھ هئا، جن جي سبب کان اهي ”ڏائڻيون” ۽ “جادوگرياڻيون” قرار ڏئي ڪري عبرتناڪ سزائن جون حقدار ٿيون. اهڙا الزام اڪثر چرچ يا مقامي طاقتور مردن جي طرف کان هنيا ويندا هئا ۽ پوءِ فيصلا به انهن جي طرف کان ڏنا ويندا هئا ته جيئن عورتن کي دٻائي رکي سگهجي. اهو اصل ۾ عورت جي آزاد ۽ باشعور وجود جي خلاف طبقاتي مرداڻي  سماج جو انتقامي بدلو هو.

پر اڄ به يورپ ۽ آمريڪا جهڙي ترقي يافته علائقي ۾ ڪيتريون ئي عورتون تشدد جو شڪار ٿين ٿيون. آمريڪا ۾ به عورت تشدد جو نشانو بڻجي ٿي ۽ پنهنجي زندگيءَ ۾ ٽن عورتن منجهان هڪ پنهنجي پارٽنر جي هٿان تشدد جو شڪار ٿئي ٿي. ايف بي آئي جي 2023 جي رپورٽ جي مطابق آمريڪا ۾ هر ڏينهن 600 عورتون جنسي تشدد جو شڪار ٿين ٿيون.

پٺتي پيل ملڪن جو ته خير ذڪر ئي ڪهڙو ته هتي علم و حڪمت جي صديءَ ۾ به عورتن تي تشدد جون اهڙيون ڀيانڪ صورتون سامهون آيون آهن جو، روح رهڙجي وڃي ٿو. ڪوئيٽا جي ڀرپاسي فرسوده قبائلي روايتن جي هٿان هڪ عورت ۽ مرد جو قتل هڪ نهايت دل جهوريندڙ واقعو آهي، پر ان تي صرف ماتم ڪرڻ يا ڇوڪريءَ جو بنا ڊپ جي قتل گاھ ۾ وڃڻ، معافي نه گهرڻ، نه رڙين ۽ قدمن جي نه ٿڙڪڻ جهڙن تبصرن سان ان جي موت کي رومانوي انداز ۾ گلوريفائي ڪرڻ به مناسب ناهي.

خاموشي سان انسان دشمن روايتن جي حوالي ٿي وڃڻ ڪو همت وارو قدم ناهي هوندو، پر انهن مظهرن کي جدلياتي نقطهءِ نظر سان پرکڻو آهي. ضروري ناهي ته خاموشي سدائين ڪمزوري يا شڪست جي نشاني هجي. اڪثر بيوسي جي وقت ۾ به فرد جي خاموشي مزاحمت جي نشاني ۽ خاموش، ليڪن زوردار احتجاج بڻجي وڃي ٿي. ڪڏهن خاموشي جي اندر به رڙ لڪل هوندي آهي. اهڙي رڙ ۽ دانهن ته جيڪا لفظن جي محتاج ناهي هوندي ۽ جنهن جو پڙاڏو سماج جي گوڙ ۾ دٻجڻ کان انڪار ڪري ڇڏي ٿو. اهڙا احتجاج به ڪيترائي ڀيرا معاشرتي ضمير کي جهنجهوڙي ڇڏين ٿا، جيئن ته ان واقعي ڪيو.

ان عورت ۽ مرد جي قتل جو پسمنظر جيڪو به آهي، انهيءَ واقعي موجوده انسان دشمن سماج جي بربريت کي نه صرف چٽو ڪيو آهي، بلڪه هن احساس کي به سگھه بخشي آهي ته ان پاڙ کي به ڳولهيو وڃي جنهن تي اهو زهريلو وڻ ڊگهو ٿي ويو آهي. هن حقيقت کان به واقف ٿيڻ ضروري آهي ته فلم، اشتهارن ۽ سوشل ميڊيا وغيره جي صورت عورت جي خوبصورتي کي ظاهر ڪرڻ يا ان کي وکر طور تي پيش ڪري ڇڏڻ به عورتن جي آزادي جو دليل ناهي، انهيءَ مان مرداڻي بالادستي ۽ عورت جي وکر هئڻ جي بيوقوفاڻي تصور جون پاڙون مضبوط ٿين ٿيون.

عورت ۽ مرد جو اهو رشتو اعلي ۽ ادنيٰ ، عقل مند ۽ بي عقل، طاقتور ۽ ڪمزور جي روايتي ڏاڪن ۾ ورهايل آهي، ليڪن اها حقيقي ورهاست ناهي، بلڪه طبقاتي نظام جي پيداوار آهي، جيڪا غير حقيقي هئڻ سان گڏوگڏ غير انساني به آهي. خانداني يا مرداڻي بالادستي نجي ملڪيت تي مشتمل طبقاتي معاشري جي پيداوار ۽ طبقاتي نظام جو لازمي  حصو آهي.

مرد جي مقابلي ۾ عورت کي گهٽ خيال ڪرڻ وارا عورتن جا ڪاري هئڻ جا دليل گهرن ٿا، اهي به هڪ اهڙي سماج ۾ جنهن عورت کي گهر جي چوديواري ۾ قيد ڪري ڇڏيو آهي. انهن جي ڀوسي سان ڀريل دماغن ۾ اها ڳالھه نٿي ويهي سگهي ته علم و حڪمت دماغ جي اندر کان جنم وٺڻ واري ڪا کنڀي ناهي ۽ قيد خانن مان فلسفي جنم نٿا وٺي سگهن. شعور پنهنجي معروض سان ڳنڍيل شيءِ آهي. ڳوڙهو مشاهدو ۽ سوچڻ سمجهڻ، اچڻ وڃڻ، چونڊ ۽ سوال ڪرڻ جي آزادي وغيره اهي مددگار حالتون هونديون آهن، جن ۾ وڏي سوچ جڙي ٿي، جيڪا عورت صبح جو ٿانو ڌوئي کاڌو ٺاهي،گهر جي صفائي ۽ ڪپڙن کي ڌوئڻ کانپوءِ منجهند جي ماني پچائي، وري رات جو کاڌو پچائي، وري ٿانو ڌوئي ۽ رات جو مڙس کي خوش ڪرڻ ۽ ٻار ڄڻڻ ۽ انهن کي سنڀالڻ کان واندڪائي حاصل نه ڪري سگهي، اها واقعي افلاطون جا مڪالما نٿي لکي سگهي، بلڪه ٿانو ڌوئيندڙ افلاطون به مرد هئڻ جي باوجود تاريخ جو ڪو گمنام ڪردار ئي هجي ها. اهڙين حالتن ۾ عورتن کان ڪاري نه هئڻ جا ثبوت گهري انهن کي گهٽ خيال ڪرڻ سواءِ جهالت جي ڪجھه به ناهي ۽ انهيءَ ڳالھه کي دليل بڻائي انهن جي آزاد وجود تي پهرو ڏيڻ سراسر رجعت آهي. عورت مڪمل انسان آهي، جنهن جا جذبا ۽ احساس مردن جهڙا آهن. ان ڪري پنهنجي احساس جي مطابق بهتر زندگي گذارڻ جو فيصلو هن جو پيدائشي حق آهي، پر مڙهيل نظام جون پابنديون ان حق کي تسليم ڪرڻ جي لاءِ تيار ناهن.

ائين به ناهي ته سمورا مرد ڪنهن پيدائشي سوچ جي تحت بالادستي جي چڪر ۾ گرفتار آهن ۽ ڪارو ڪاري، عورت کي مرد سان گڏ ساڙڻ، اڌ تصور ڪرڻ يا غيرت جي نالي تي قتل جهڙيون عورت دشمن رسمون ۽ انهن جي پٺيان سوچ ڪنهن مرداڻي جبلت جو نتيجو آهي. اها سماج جي خاص سڃاڻپ ۽ تنظيم آهي، جنهن اهڙين ورهاستن ۽ تعصبن کي واڌ ڏني آهي، جيڪي ڪيترن ئي صورتن ۾ پاڻ عورتن جي شعور تي به ڀاري ٿين ٿا.

انسانن جو هر گروهه پنهنجي تاريخي پسمنظر، مذهبي روين ۽ سماجي لاڳاپن جي تحت عورت ۽ مرد کي هڪ خاص ڪردار ڏيندو آيو آهي، جنهن جي پٺيان معيشت فيصلي واري ڪردار جي مالڪ هوندي آهي. پيداواري وسيلن جي تبديلي سان گڏ سماجي رشتا به تبديل ٿيندا آيا آهن، پر سماج جي طبقن ۾ ورهائجي وڃڻ سان طبقاتي، قومي ۽ عورتاڻي ڏاڍ ۽ استحصال جي انتهائن جنم ورتو. پنهنجي مڙهيل يا موجوده معنائن ۾ “غيرت” انهيءَ نظام جو سماجي تصور آهي، جيڪو مرداڻي حاڪميت جي پٺيان طبقاتي معيشتي نظام سان ڳنڍيل آهي، پر ويجهڙائي وارين ڪجھه ڏهائين ۾ معاشي ۽ سماجي بحران سان گڏ اها سوچ يا تصور وڌيڪ زهريلو ۽ تشدد سان ڀرجي ويو آهي. اهوئي نظام مرد کي خاندان جو محافظ ۽ عورت کي غيرت جي نشاني بڻائي ٿو. اهوئي نظام هن سوچ ۽ روايتن کي پاڻي ڏئي ٿو، جيڪي عورت جي لباس، رويي، پسند نه پسند، ايستائين ته شادي تائين جي فيصلي کي غيرت جي نالي تي ڪنٽرول ڪن ٿا. عورت جڏهن به انهن معيارن کان هٽي ٿي ته هن کي سزا جو منهن ڏسڻو پوي ٿو، پر مرد کي اهڙي مامري ۾ ڪافي آزادي ملي وڃي ٿي.

هڪ عورت کي خاندان جي نام نهاد غيرت يا عزت مڃي به وٺجي ته اها عزت انساني جان کان وڏي نٿي ٿي سگهي. هن معاشري ۾ غيرت جو مسئلو احساس، جدوجهد، شرم، لحاظ، حرمت يا انصاف ناهي،  بلڪه پنهنجي ملڪيت تي مڪمل ڪنٽرول حاصل ڪرڻ آهي. ان ڪري اها نام نهاد غيرت انسان کي خاموش ڪرڻ جو هٿيار آهي. اها بابلي تهذيب هجي، حمورابي جو قانون، يوناني رسمون ۽ قانون، رومي سلطنت ۾ Paterfailias جو تصور، قديم سماجن ۾ عورت کي سنگسار ڪرڻ يا مڙس سان گڏ ساڙي ڇڏڻ جي رسم يا اڄڪلھه جو غيرت جي نالي تي قتل. عورت جي ان نام نهاد غيرت يا عزت جي نشاني بنائڻ طبقاتي سماج جو تاريخي ڏوھ هو. عورت ۽ مرد ته سماج کي بهتر بنائڻ ۾ هڪٻئي جا ٻانهن ٻيلي ڪردار هئا، هڪٻئي جا مددگار هئا، پر طبقاتي نظام ۾ مرداڻي حاڪميت جي ڪارڻ عورت کي مرد جي پيرن جي جتي بڻائي ڇڏيو. ان ڪري ان عذاب کان ڇوٽڪاري جو رستو عورت ۽ مرد جي گڏيل جدوجهد ۾ لڪل آهي. ڇو ته عورت جي آزادي جو سوال صرف عورت جو مسئلو ناهي، اهو سماجي انصاف ۽ تمدن جي ترقي جو سوال آهي. اها ترقي جبر جي سڀني صورتن کان ڇوٽڪاري جي سواءِ ممڪن ناهي. اڄ جي دور ۾ جنهن جو اڪيلو رستو سوشلسٽ انقلاب آهي.