غلط انجيڪشن سان متاثر ٿيندڙ نشوا فوت ٿي وئي
ڪراچي جي لياقت نيشنل اسپتال جي ترجمان مطابق دارلالصحت اسپتال ۾ غلط انجيڪشن لڳڻ سبب متاثر ٿيڻ واري 9 مهينن جي معصوم نشوا اڄ صبح جواسپتال ۾ فوت ٿي وئي آهي. دارلاصحت ۾ غلط انجيڪشن سان متاثر ٿيڻ بعد نشوا لياقت نيشنل اسپتال جي آءِ سي يو ۾ علاج هيٺ هئي. غلط انجيڪشن لڳڻ سان نشوا جو 71 سيڪڙو دماغ مفلوج ٿي چڪو هيو. جنهن بعد ٻارڙي جي والد شارع فيصل ٿاڻي تي اسپتال جي انتظاميه خلاف مقدمو درج ڪرايو هو. جنهن ۾ اقدام قتل ۽ عضون کي نقصان پهچائڻ جون شقون هنيون ويون هيون. جنهن بعد عدالت پاران ٻارڙي کي غلط انجيڪشن هڻندڙ ملازم معيز کي جسماني رمانڊ تي پوليس تحويل ۾ ڏئي ڇڏيو.

