پنڻ نه ڪنهن مذهب ۾ سٺو سمجهيو وڃي ٿو ۽ نه ئي ڪنهن سڌريل سماج ۾ ان جي پذيرائي ڪئي وڃي ٿي. ڇو ته پنڻ هڪ اهڙو عمل آهي جنهن سان معاشري ۾ پيداواري عمل رڪجي وڃي ٿو ۽ اهي فرد جيڪي معاشري ۾ محنت ڪري ڪجهه ڪمائي سگهن ٿا ۽ ڪجهه ٺاهي سگهن ٿا اهي مفت خوريءَ جو شڪار ٿي وڃن ٿا ۽ ڪجهه ماڻهو انهن تي رحم کائي انهن کي خدا ترسيءَ جي نالي تي خيرات ڏيندا رهن ٿا ۽ انهن سست ماڻهن جي لاءِ ان پيشي ۾ ڪشش وڌي وڃي ٿي ۽ ايئن پنڻ وارن جو دائرو وسيع ٿيندو رهي ٿو.
هن وقت پاڪستان ۾ ٻين صوبن جي ته خبر ناهي پر سنڌ صوبي ۽ صوبي پنجاب ۾ پنڻ وارن جون منظم مافيائون ڪم ڪري رهيون آهن. ڪوبه شريف ماڻهو جڏهن ڪنهن به ڪم جي لاءِ مارڪيٽ وڃي ٿو يا ڪنهن چوڪ تي پنهنجي گاڏي بيهاري ٿو يا ڪنهن بينڪ جي اڳيان بيهي ٿو يا ڪنهن روڊ جي ڀرسان ڪنهن ڍاٻي تي چانهه پيئڻ لاءِ اچي ٿو ته پنڻ وارا ماڻهو سندس کيسا خالي ڪرڻ جي لاءِ اڳواٽ ئي موجود هوندا آهن ۽ اهي مختلف طريقن سان ان ماڻهوءَ جي کيسي مان سندس محنت جي ڪمائي تمام سولي طريقي سان ڪڍي هليا ويندا آهن. پينو فقيرن ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو وڃي پيو، جن ۾ نه صرف مرد، پر عورتون، ٻار، پوڙها، جوان ۽ کدڙا فقير به شامل آهن. ظلم اهو آهي ته اهي مختلف اداڪاريون ڪري مختلف ميڪ اپ ڪري پنهنجو پاڻ کي يا ته ڌڪيل يا ڦٽيل ڏيکارڻ لاءِ پنهنجي جسمن تي پٽيون ٻڌي پنهنجو هڏ ڀڳل ڏيکارڻ جي لاءِ مختلف طريقن سان اداڪاري ڪري ماڻهن جون همدريون حاصل ڪري اهو سڀ ڪجهه ڪن ٿا. ڪراچي جي مصروف چوراهن تي انهن فقيرن جي روپ ۾ ڪيترائي ڦورو، ماڻهن جي گاڏين کي بيهاري سندن کيسي مان پئسا، قيمتي ڪاغذ ۽ سندن قيمتي سامان ۽ موبائل فونون ڪڍي هليا وڃن ٿا، ڪڏهن ڪڏهن ته انهن فقيرن جي روپ ۾ ڪي چور ۽ ڌاڙيل ماڻهن کان گاڏيون به ڦري وڃن ٿا. هڪ ڊگهي عرصي کان وٺي پاڪستان جي عوام جي اها دلي خواهش هئي ته ان طرف حڪومت جو ڌيان وڃڻ کپي ۽ حڪومت کي پنڻ واري مافيا جي خلاف ڪو قدم کڻڻ کپي. 30 جنوري 2025 تي گهرو وزارت طرفان سينيٽ ۾ ترميمي بل پيش ڪيو ويو، جنهن ۾ خاص طور تي پرڏيهه ۾ پنڻ کي سنگين ڏوهه قرار ڏيڻ جي رٿا پيش ڪئي وئي آهي ۽ ان ۾ منظم طريقي سان پنڻ جا طريقا شامل ڪيا ويا آهن جن ۾ فراڊ يا دوکو ڏيڻ، ڪنهن کي ورغلائي يا پرڏيهه ۾ پنڻ لاءِ مجبورڪرڻ، عوامي جاءِ تي خيرات گهرڻ، هٿ ڏسي قسمت جو حال ٻڌائي يا ڪرتب ڏيکاري پئسا وٺڻ، گاڏين جا شيشا کڙڪائڻ، زبردستي گاڏين جا شيشا صاف ڪرڻ، ڪو زخم، بيماري، معذوري يا نقص ظاهر ڪري ڪنهن کا خيرات گهرڻ يا منظم طريقي سان خيرات گهرڻ لاءِ ماڻهن کي ڀرتي ڪرڻ، پناهه ڏيڻ يا ڪٿي منتقل ڪرڻ تي 7 سال قيد ۽ 10 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ملندي. بل ۾ اهو به چيو ويو آهي ته ڪجهه پاڪستاني حج، عمري، زيارت يا ذاتي دورن ۾ خيرات گهرندا آهن انهن واقعن ۾ ايجنٽ مافيا ۽ مختلف گينگ ملوث آهن.
اصل ۾ حڪومت کي اهو قدم تمام گهڻو اڳ پنهنجي ملڪي مفادن جي لاءِ کڻڻ گهرجندو هو، پر جيئن ته اسان هر قدم تمام گهڻي مجبوري جي حالت ۾ کڻندا آهيون، ان ڪري ان لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ به اهو بل تمام گهڻي مجبوري جي حالت ۾ پيش ڪيو ويو آهي. ڇو ته هن وقت يو اي اِي ۽ سعودي عرب پاڪستان جي ماڻهن جي ويزا تي تمام گهڻي پابندي لڳائي ڇڏي آهي، جنهن سان اسان جو هڪ مستحق مزدور جيڪو اتي وڃي مزدوري ڪري پرڏيهي ناڻو ڪمائي پنهنجي ملڪ موڪلي سگهي ٿو ۽ پنهنجي خاندان جي خوشحالي جي لاءِ محنت ڪري سگهي ٿو ان جي جاءِ تي اهي منظم مافيائون ڪمائي رهيون آهن جيڪي هتان ماڻهن کي مختلف بهانن سان وٺي وڃن ٿيون پر اتي وڃي کين پنڻ جي لاءِ سهولتون فراهم ڪن ٿيون ۽ ايئن پاڪستان سڄي دنيا ۾ خاص طور تي عرب ملڪن ۾ تمام گهڻو ڏٺو ٿيو آهي ۽ انهن ملڪن پنهنجون ويزا پاليسيون پاڪستان جي پورهيتن جي لاءِ به بند ڪري ڇڏيون آهن. جنهن کان مجبور ٿي حڪومت کي اهو قدم کڻڻو پيو آهي. اسان اميد ڪريون ٿا ته ان بل کي منظور ڪيو ويندو. نه صرف ان بل کي پرڏيهي فقيرن جي لاءِ منظور ڪيو ويندو، پر ان بل اندر ملڪ ۾ پندڙ مافيائن جي خلاف به قانون سازي ڪري انهن کي سماجي طرح ڪارآمد شهري بنائڻ لاءِ پاليسيون جوڙيون وينديون. نه صرف انهن پنندڙ ماڻهن کي قانون جي شڪنجي هيٺ آندو ويندو، پر تحقيق ڪري انهن مافيائن جي ايجنٽن کي به قانون جي شڪنجي ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي، جيڪي غريب عوام کي پنهنجي مفادن جي لاءِ استعمال ڪري انهن کي پينو فقير بڻائي انهن جي عزت نفس کي به ختم ڪن ٿا ۽ ملڪ جي نالي کي به بدنام ڪن ٿا، جنهن جو نقصان هڪ ڊگهي عرصي تائين ملڪ کي ڀوڳڻو پوي ٿو. انهن غريب ماڻهن جي لاءِ جيڪي پنڻ تي مجبور آهن حڪومت کي بهتر پاليسيون جوڙي هنر سيکاري با عزت شهري بنائڻ لاءِ به قدم کنيو وڃي ته جيئن اهي فرد جيڪي پنهنجو ملڪ ڇڏي ٻين ملڪن ۾ دربدر ٿي ٻين جي لاءِ پني ۽ پنهنجو پيٽ ڀرين ٿا باعزت ننڍڙا ڪاروبار ڪري زندگي گذاري سگهن.