ڪهڙي زندگي چئبي اها جنهن ۾ ڪو سير و سفر نه هجي، زندگي ته نالو ئي سفر جو آهي سو سفر ڪرڻو ٿو پوي، پوءِ ڪڏهن سرڪاري سفر ته وري ڪڏهن غير سرڪاري سفر، انهن سفرن کي ماڻهو لکي تاريخ جو حصو بڻائيندا آهن ته وري ڪي انهن کي وساري ۽ ميساري ڇڏيندا آهن، هونئن به بهتر عمل اهو آهي ته سفرن کي قلمبند ڪري آئنده لاءِ روشن راهه طور نئين نسل کي به ارپ ڪجي ته جيئن اهي به ڪو لاڀ حاصل ڪري سگهن.
اڄ هتي هي سفر سرڪاري آهي جيڪو مختصر طور تي اوهان پڙهندڙن ۽ چاهيندڙن آڏو پيش ڪيو اٿم، اربع ڏينهن 1 نومبر 2023 آهي، ڪالھ سرڪار حڪم نامو جاري ڪيو ته اوهان ضرورت مطابق سامان تيار ڪري رکو ڇو ته اوهان سڀاڻي ڪرمپور ڪنڌڪوٽ ويندا، ان وقت سچ ته اندر ئي سڙي ويو، دل تي ڄڻ ته ڪنهن هٿوڙا هڻي ڪڍيا هجن، پر ڇا ڪجي جو نوڪر کي نخرا ڪرڻ نٿا جڳائن، ان ڪري انڪار ڪرڻ مناسب نه هو. انڪار نوڪريءَ ۾ خلل پيدا ڪري ٿي سگهيو، ايئن اربع جي ڏينهن 09:25 تي ڪراچي هيڊڪوراٽر منهجان روانا ٿياسين، گودام چورنگي (بروڪس چورنگي)، شاهراهه فيصل، ايئرپورٽ واري واٽ وٺي ڪري اچي سپر هاءِ وي تي چڙهياسين، ڏينهن ٿڌڙو هو، روڊ جي ٻنهي ٽريڪن تي ٽريفڪ جون قطارون هيون، نظر نهار تائين وڻڪار ۽ جبلن جون اوچايون بهترين منظر پيش ڪرڻ سان گڏ سڪون بخشي رهيون هيون، شهر جو ٻوسٽ ختم ٿي رهيو هو، ڄڻ ته قيد مان نڪري آزاد فضا ۾ پر ساهڻ آيا هجون، پر پوءِ به 50 ڏينهن گهر کان بيدخل ٿيڻ جو عذاب اندر کي واڍي جي واهولي وانگر وڍي ۽ آرا مشين جي آري وانگر چيري رهيو هو ۽ ايئن بنا بريڪ هلندي ڄامشورو ٽول پلازه وٽان سنڌو درياهه واري پل جيڪا ڪنهن مسئلي سبب ٽرئفڪ لاءِ جيم هئي سو گاڏيءَ جو رخ ڄامشوري طرف موڙي 44 دروازن کان لنگهي 01:30 تي حيدرآباد جي حدن ۾ داخل ٿياسين، ٻيو ته جوانن کي بک به لڳي هئي ڇو ته صبح جو ناشتو ڪري نڪتا هئاسين، ان ڪري قاسم چوڪ ۽ سينٽرل جيل (جيل جي اولھ ۾ سنڌ جي ماضيءَ جي حاڪم ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جو مقبرو پڻ آهي) کان نڪري هالا ناڪي وٽ پٺاڻن جي هوٽل تي مانيءَ لاءِ بريڪ ڏنوسين، جتي ٽن ڄڻن هڪ دال ۽ ست مانيون 360 روپين ۾ کائي بل ادا ڪري (جڏهن ته ٻين هر ڪنهن پنهنجي حساب سان ماني کاڌي ۽ بل ادا ڪيو) 02:35 تي سفر کي روان رکڻ لاءِ اڳتي روانا ٿياسين.
هالا ناڪو: هي ناڪو حيدرآباد جي سڃاڻپ آهي، هتي پٺاڻن جو اڪثريتي ڪاروبار آهي، جيڏانهن نظر نهار اوڏانهن رڳو پٺاڻ ان مهل ايئن ٿي لڳو ڄڻ ته اسين ڪنهن غير شهر ۾ هجون هاءِ ڙي سنڌ تنهنجا نصيب، هتي ئي اسرا يونيورسٽي آهي ته وري هتان ئي هڪ رستو ميرپورخاص ڏانهن وڃي ٿو، هتي شهر کي باءِ پاس آهي جتان ڪراچي ۽ سکر جون گاڏيون اچ وڃ ڪن ٿيون، هتي ئي باءِ پاس سان لڳو لڳ هٽڙي پوليس ٿاڻو به آهي، اڳتي ٿوري پنڌ تي پوليس اسٽيشن ڇلڳري آهي، جتي مياڻي وارو ميدان آهي چون ٿا ته هتي انگريزن ۽ ميرن جي وچ ۾ جنگ لڳي هئي ۽ مرويسون مرويسون، پر سنڌ نه ڏيسون وارو هوش محمد شيدي شهيد ٿيو هو، هاڻي انهيءَ ميدان تي سرڪار طرفان فاريسٽ ٺهيل آهي، جتي مختلف قسمن جا وڻ نظر اچن ٿا، جڏهن ته زرعي زمينن ۾ انب جو وڻ عام آهي ۽ مختلف گلن جي پوکائي پڻ ٿئي ٿي، اهي گل وڪرو به ٿين ٿا ته وري سڪل حالت ۾ پڻ وڪامجن ٿا ڇو ته سڪل صورت منجھ عطر وغيره لاءِ ڪتب آندا وڃن ٿا.
مٽياري: مٽياري هن وقت ضلعو آهي، هي شهر نهايت ئي پراڻو ۽ ادب جو مرڪز آهي، هتي اسان جو بزرگ دوست سائين خيال کتري به رهندو آهي، پر ڪجھ مجبورين سبب رابطو نه ڪري سگهيم، هن شهر جي آس پاس ۾ انب، ڪيلو، ڪمند، وونئڻ، ٻير ۽ ليمان وغيره جهجهي مقدار ۾ ٿين ٿا، هتان جو ماحول پر امن آهي، هي شهر ڪاروباري حساب سان حيدرآباد سان ڳنڍيل رهي ٿو، مٽياري جو مائو ڏاڍو مشهور آهي.
سيکاٽ: سيکاٽ سنڌوءَ جي ڪپ تي هڪ ننڍڙو شهر آهي، هن شهر سان درياهه بلڪل ئي گڏوگڏ وهي ٿو، جڏهن ته شهر ۽ درياهه جي وچ ۾ نيشنل هاءِ وي وارو پڪو رستو آهي، هتي به ڪيلو، ڪمند ۽ انب وغيره عام جام ٿئي ٿو.
خيبر: خيبر هڪ ننڍڙو پر نهايت ئي وسندڙ شهر آهي، هتي پئٽرول پمپ به جام آهن، هتان سڄي پاسي طرف هڪ رستو اڏيرو لال، ٽنڊو آدم، شهدادپور ۽ سانگهڙ کان علاوه مختلف ڳوٺن ۽ شهرن طرف وڃي ٿو، هتي جون زرعي زمينون نهايت بهترين ۽ سدائين آباد هونديون آهن، جڏهن ته ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي نهايت سادڙي سودڙي آهي ۽ هو ڪافي محنت ڪش آهن. هتي سنڌي ٻٻر جون نرسريون ڪافي تعداد ۾ ٿين ٿيون جن جو ڪاٺ وڪرو ڪري ناڻو ڪمايو وڃي ٿو.
ڀٽ شاهه: خيبر کان اڳڀرو ئي ڀٽ شاهه جو اسٽاپ آهي، اسٽاپ کان سڄي طرف تي ڪجھ ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ڪراڙ ڍنڍ ۽ ڀٽ تي واقع سنڌ جي عظيم قومي شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي مزار واقع آهي جيڪا ميان غلام شاهه ڪلهوڙي تعمير ڪرائي هئي، جتي هر سال سرڪاري سطح تي عرس مبارڪ ملهايو ويندو آهي، جڏهن ته هتي ئي شڪارپور ۾ جنم وٺندڙ شاعر شيخ اياز جي قبر پڻ آهي، جنهن جو هڪ مشهور شعر آهي ته ”جاڳ ڀٽائي گهوٽ توکي سنڌڙي ٿي سڏڙا ڪري“ پر پاڻ وري جاڳڻ بجاءِ اتي ئي ستل آهي، الائي ڇو اسان جي قوم جاڳ ڀٽائي چوندي آهي، جڏهن ته قوم ايڪي ۽ اتحاد کان هٽي ڪري ستل آهي ۽ ڪٿي وري قبيلائي جهيڙن تحت ختم ٿي رهي آهي، خبر ناهي ته شيخ اياز ڀٽ شاهه ۾ خود کي دفن ڪرائڻ خاطر اهڙي وصيت ڇو ڪئي هئي يا شايد ان ڪري ته جڏهن سنڌ جو عوام هتي لطيف جي نگري ۾ ايندو ته هن طرف به ضرور ڀيرو ڀريندو يا کيس اهو خوف هو ته جي هن پاڻ کي شڪارپور ۾ دفن ڪرايو ته ڪوئي ياد به نه ڪندو، ها اهو نوٽ ڪيو ويو آهي ته ڀٽ شاهه ۾ ادبي تنظيمن وارا اياز جي مزار تي ضرور دعا گهرندا آهن، جڏهن ته عام ماڻهو کي اياز جي خبر ناهي ڇو ته هو قومي يا عوامي نه، پر رڳو ادبي شاعر آهي، منهنجي ذاتي راءِ مطابق شيخ اياز شڪارپور جو هو ۽ سندس مزار اتي هئڻ گهرجي ها ۽ اياز ميلو به حيدرآباد بجاءِ شڪارپور ۾ ملهائڻ گهرجي ته بهتر ٿيندو.
هالا: هي شهر مخدوم خاندان جهڙوڪ مخدوم نوح جي درگاهه، مخدوم طالب الموليٰ ۽ مخدوم خليق الزمان وغيره سان سڃاتو وڃي ٿو. ادب ۽ سياست ۾ هن خاندان جو وڏو نالو ۽ واسطو آهي، سنڌي ادبي بورڊ به هن وقت مخدومن جي سرپرستي هيٺ آهي، هن شهر ۾ جنڊي ۽ ڪاشيءَ جو سامان ٺهي ۽ وڪرو ٿئي ٿو، جيڪو هر هنڌ مشهور آهي، هتي جون اجرڪون، ٽوپيون، کاڌيءَ جو ڪپڙو، لنگيون، لويون ۽ سوسيون وغيره مشهور آهن، هتان هڪ رستو سهڻي ميهار جي شهر شهدادپور ڏانهن وڃي ٿو ۽ شهداپور کان اڳڀرو ٻرهوڻ جتي ليلان چنيسر ۽ ڪونئرو جو دڙو به بلڪل پوين پساهن ۾ آهي، هن شهر ۾ سائين نياز ميمڻ منهنجو فيس بوڪي پيارو دوست به رهي ٿو، جڏهن ته منهنجو پيارو دوست پوليس هيڊ ڪانسٽيبل جاويد احمد خاصخيلي به هن ئي شهر جي آس پاس رهي ٿو.
نيو سعيد آباد: اسان هتي 04:10 تي پهتاسين، جتي چانهن ۽ نماز جو وقفو ڪيوسين، هتي هن شهر ۾ هالا وانگر هينڊي ڪرافٽس جا ڪيترائي دڪان آهن، جتي اجرڪ ۽ ٽوپيون وغيره ملن ٿيون، هتي ئي غريبن جي لاءِ آزار سسٽم ٽول پلازا به آهي، اسان هتان اڳتي 04:50 تي روانا ٿياسين.
سڪرنڊ: هي شهر نهايت وسندڙ شهر آهي، هتان هڪ رستو نوابشاهه طرف وڃي ٿو، هتي ڪمانڊو پوليس ٽريننگ اسڪول پڻ آهي، اسان رستي جي آساني ۽ ٽريفڪ کان بچڻ خاطر شهيد بينظير ڀٽو انٽرچينج تان نوابشاهه وارو رستو اختيار ڪيو، جيڪو اڳتي هلي راڻيپور وٽان نيشنل هاءِ وي سان ملي ٿو، تازو ئي ماڙي جلباڻي واقعو به سڪرنڊ جي حدن ۾ ٿيو هو، جتي سرڪاري فورسن ڪيترائي بيگناهه شهيد ڪيا هئا ۽ ايف آءِ آر به وري ڳوٺاڻن جي خلاف درج ڪئي وئي، افسوس جو لاوارث سنڌي پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي ائين ماريا پيا وڃن ڄڻ ته ڪي وڏا ڏوهاري ۽ دهشتگرد هجن.
شام جا 05.30 ٿي رهيا آهن، سج سڄي ڏينهن جي سفر ڪرڻ بعد الوداع چئي رهيو آهي، ڏينهن جي روشني رات جي اونداهيءَ حوالي ٿي رهي آهي، ماڻهو ۽ پکي واهيرن طرف وري رهيا آهن، اونداهي جي اثر کي ٽوڙڻ خاطر بجلي جي بلبن کي ٻاريو ويو آهي، ڇو ته انسان اونداهي کان خوفزده آهي، هن کي روشني گهرجي ها هونئن به روشني جو هجڻ نهايت ئي ضروري آهي ۽ روشني جو قدر به هر ڪنهن وٽ ناهي هوندو، روشني جو قدر انهن وٽ آهي جيڪي هن وقت دنيا تي حڪومت ڪري رهيا آهن، ڪاش سنڌي قوم کي روشني بابت ڪا ڄاڻ يا علم هجي ها ته هوند اڄ ائين ٽولڙين ۽ قبيلن ۾ ورهايل ڪين هجي ها ۽ نه وري مٿس ڌاريون قوتون قابض ۽ حاڪم هجن ها.
اڳتي دوڙ، واهي ٻانڌي (ٻانڌي شگرمل)، ڪوٽ لالو، فيض آباد ۽ شيرازآباد کان بعد 07.20 تي نصير احمد سانگي جي فرمائش تي اڪڙي/اڪري چودڳي جي ڀرسان لاريب ريسٽورينٽ تي بريڪ ڏنو آهي، جتي چانهه پيتيسون ۽ نماز ادا ڪئيسون، چانهه جو بل نصير جي ننڍي ڀاءُ ادا ڪيو جيڪو نصير جي چوڻ تي اسان کان اڳ ئي هتي موجود هو ۽ هتان وري اڳتي 07:50 تي سفر کي جاري رکندي اڳتي روانا ٿياسين.
پوئتي ڇڏي آيل گس تي هڪ چوراهي رينجرز پمپ تي اوور هيڊ برج ھئي جتان هڪ رستو نوابشاهه ۽ ٻيو قاضي احمد ٿي ويو، جڏهن ته قاضي احمد کان هڪ رستو سنڌو درياهه جي هُن پار آمري، سيوهڻ ۽ حيدرآباد ڏانهن وڃي ٿو، سچ ته سنڌو درياهه تي انهن پلين جهڙوڪ لاڙڪاڻو ۽ خيرپورميرس، دادو مورو پل، آمري قاضي احمد پل، جهرڪ ٽنڊو محمد خان پل جي ڪري عوام کي وڏيون سهوليتون ميسر آهن ڇو ته انهن پلين جي ڪري عوام جو ڪافي وقت بچي ٿو سو درياهه تي اهڙيون پليون اڃان به ٺهڻ گهرجن ته جيئن عوام کي آساني ملي سگهي، انهن پلين ۾ هڪ اضافو ڪنڌڪوٽ گهوٽڪي پل جو آهي جنهن جو ڪم هلي رهيو آهي.
اڪري چودڳي کان اڳتي پيروسڻ، سئي گيس، ننگريجا کان رستو وڃي راڻيپور سان ملي ٿو، راڻيپور منجهان هڪ رستو سکر، ٻيو رستو حيدرآباد ۽ ٽيون پراڻو رستو ڪنب ۽ ڪوٽڏيجي کان ٿيندو خيرپورميرس ۽ ٺيڙهي کان اڳتي نيشنل هاءِ وي سان وڃي ملي ٿو. اسان جيڪو رستو آياسين اتي اڪثريت ڪيلي جي فصل جي هئي جتان ٽرڪون لوڊ ٿي ڪري سٺي آمدني خاطر پنجاب طرف ٿي ويون.
راڻيپور، گمبٽ، شاهه حسين، ٻٻرلوءِ کان ٿيندا سکر جا 66 دروازا جيڪي رات جي اونداهي ۾ نهايت ئي سهڻو منظر پيش ڪري رهيا هئا ۽ بلبن جي روشني تي سنڌوءَ جو پاڻي من موهي رهيو هو کان اڳتي نڪري پوري 09:55 تي سکر شهر اندر پوليس جي سرڪاري هيڊڪوارٽر ۾ رات جي آرام لاءِ پهتاسين ڇو ته ٽائيم اوور هجڻ ڪري ڪنڌڪوٽ وڃڻ مناسب نه هو، هتي پراڻي سنگت محمد عثمان ميتلو، الطاف کهڙو، ڪامران ميراڻي، فهد ميراڻي، آصف علي گوپانگ ۽ ٻين سٺي خاطر تواضع ڪئي ۽ رات جو سڪون سان ننڊ به نصيب ٿي.
خميس 02.11.2023 تي ننڊ مان سجاڳ ٿي الله پاڪ کي ياد ڪري ناشتي پاڻي بعد خيرن سان 08:35 وڳي سکر جي هيڊ ڪوارٽر منجهان ڪنڌڪوٽ لاءِ روانا ٿياسين، سکر کان نڪري ڊيها )هي اسٽاپ چانهه جي حوالي سان ڪافي مشهور آهي( جهان خان مهر )هتان سڌو رستو لکي غلام شاهه ۽ شڪارپور طرف، ليفٽ وارو روڊ باگڙجي ۽ گوسڙجي طرف وڃي ٿو، هتي ئي حضرت فاضل شاهه جيلاني رح جي مزار آهي جتي ڪنهن وقت ۾ هر وڻ سان هڪ چريو ٻڌل نظر ايندو هو، جنهن کي ان وقت جي DC شڪارپور سڀاڳو خان جتوئي صاحب ختم ڪري ڇڏيو هو ۽ ٽيون رائيٽ وارو روڊ چڪ شهر طرف وڃي ٿو، جهان خان جي ويجهو محبوب مهر ڳوٺ آهي هتي ٽن اصحابين جون قبرون موجود آهن( جيئن ته اسان کي ڪنڌڪوٽ وڃڻو هو ان ڪري ئي اسان وقت جي بچت خاطر چڪ وارو رستو اختيار ڪيو، جهان خان مهر کان فيضو لاڙي تائين اسان هي شهر ڪراس ڪيا انهن ۾ کاهي، هوتي ڳوٺ، چڪ، صادق جي وانڍ، رستم )رستم کان هڪ رستو شڪارپور شهر وڃي ٿو، رستم شاعرن جو شهر آهي( ٿانهريو، جڏهن ته ڀرڪڻ ۽ عبدو به هن ئي علائقي جا مشهور شهر آهن، هتي سارين جو لابارو هلي رهيو هو ڇو ته هن علائقي ۾ سارين جي پوک عام آهي ۽ هتي جا هاري ماڻهو وکر به پوکين ٿا، پر افسوس جو هتي قتل، ڦر ۽ چورين جا واقعا روز جو معمول بڻيل آهن.
فيضو لاڙي کان کٻو گس شڪارپور، جيڪب آباد ۽ لاڙڪاڻي وڃي ٿو جڏهن ته سڄو گس ڪنڌڪوٽ، ڪشمور، گڊو، گهوٽڪي ۽ پنجاب ڏانهن وڃي ٿو، اسان فيضو لاڙي کان ڪنڌڪوٽ وارو رستو اختيار ڪيو ڇو ته اسان کي ڪرمپور وڃڻو هو، ايئن اڳتي پارڪو جتي مختلف ڪمپنين جا آئل ۽ گئس جا ڊيپو آهن جتان مختلف ننڍن وڏن شهرن کي تيل وغيره مهيا ڪيو وڃي ٿو ۽ ناپرڪوٽ ڪراس ڪرڻ بعد ڪرم پور بجاراڻي لاڙو )هتان کٻي هٿ تي لنڪ روڊ ڪرم پور شهر ڏانهن وڃي ٿو، ڪرم پور شهر ۾ پوليس ٿاڻو، ڊگري ڪاليج، عيدگاهه، اسپتال، سارين جا ڪارخانا يعني رائس ملون، بئنڪ وغيره آهن، هن شهر کي ٻهراڙي گهڻي هجڻ سبب ڪاروباري حيثيت حاصل آهي، شهر ۾ پئٽرول پمپ جي سهوليت ڪونهي ڪا جنهن ڪري شهر ۾ کليل پئٽرول جو واهپو عام آهي( ۽ ايئن وڃي بيگاري پل جي اوڀارين ڪپ تي واقع پوليس چوڪي وٽ 09:50 تي پهتاسين.
اسان اتي انتظار ۾ ويٺل نفري جي بدلي ڪئي جيڪا خير سان ڪراچي رواني ٿي وئي ۽ هاڻي اسان کي هتي ئي 50 ڏينهن نوڪري ڪرڻي هئي، تنهنڪري هر ڪو پنهنجي نوڪريءَ ۾ مشغول ٿي ويو، هيءَ چوڪي ڪيڊٽ ڪاليج ڪرم پور سان لڳو لڳ آهي، جڏهن ته ڪيڊٽ ڪاليج جي ڀرسان بگن لاڙي وٽان به هڪ رستو ڪرم پور شهر ڏانهن وڃي ٿو، هي هڪ سهڻو شهر آهي جتي سنڌ جي ٻين شهرن وانگر هندن جو ڪاروبار عام جام آهي، ڪرم پور کان ئي رستو تيغاڻي، ٺل ۽ جيڪب آباد ڏانهن وڃي ٿو، هي علائقو به ساريالو علائقو آهي، لاب تيزي سان جاري آهي ٻني ٻاري جو ڪم ڪندڙن ۾ عورتن جو انگ وڌيڪ ۽ نمايان آهي، شهر جا هوٽل مردن سان ڀريل آهن جتي اڪثر جهيڙن جون ڳالهيون ٿين ٿيون، سارين جي لاباري بعد ٿريشرن تي ڳاهه ڳاهجي رهيو آهي ته وري ڪڻڪ جي پوکائي به زورن تي هلي رهي آهي، هتي موسم جي مناسبت سان هنداڻن ۽ گدرن جي پوکائي به اڪثريت ۾ ٿئي ٿي، هن روڊ سان هر قسم جي ٽريفڪ هلي رهي آهي ڇو ته هي رستو پنجاب طرف وڃي ٿو، ڪرم پور جي حدن ۾ مڇيءَ جا ڪافي فارم آهن جتي گهڻن ئي نسلن جي مڇي جي پالنا ٿيندي آهي ۽ اهو هڪ نهايت ئي منافع بخش ڪاروبار آهي، سياري جي شروعات سبب هتان جا ماڻهو خاص ڪري مڇي واپرائن ٿا، جتي اسان جي پڪٽ آهي اتي منهنجا پيارا دوست جهانگير حسين ملڪ، سراج احمد ٻپڙ ۽ علي حسن ٻپڙ جن آچر 19.11.2023 تي بيگاري ڪئنال )ڪرمپور سنڌ( تي ڪرم پور شهر کان محبتون ۽ مرڪون کڻي ملڻ آيا، ان کان علاوه اڱارو 21.11.2023 تي بخشاپور کان پيارا دوست فقير عبدالرحيم سولنگي بخشاپوري، پي سي عبدالغفار خان سولنگي، رئيس عبدالله خان سولنگي ۽ فوجي عبدالصمد خان سولنگي ۽ ڇنڇر 02.12.2023 تي ڪرم پور شهر کان پيارا دوست شاعر جلال شيخ ۽ نماڻو نويد احمد ملڪ جن محبتون ۽ مرڪون کڻي ملڻ آيا، جتي ڪافي وقت ادب کان علاوه مختلف موضوعن تي ڳالهيون ٿيون ۽ هڪ ٻئي کي پنهنجي شاعري ٻڌائي خوب داد ڏنوسين ورتوسين، بعد ۾ جلال شيخ سوکڙيءَ طور وفا چولياڻيءَ جو مرتب ڪيل گڏيل شاعريءَ جو ڪتاب جهونڪا پورب واءُ جا ڏنو، ٻيو ته سنڌ جا ڀلوڙ ۽ ناميارا مير حسن ملڪ، صادق ملڪ، نثار چاچڙ، شفقت شيخ ۽ ارشاد شيخ به هن ئي شهر سان تعلق رکن ٿا، جن سان ڪيترائي ڀيرا ادبي ڪچهريون ٿيون جيڪي ڪڏهن به وساري نٿيون سگهجن، وفا چولياڻي سان رابطو ڪيم، پر ها جي بک نه ڏنائين، پر افسوس هو ٻه قدم ڀري لڙي ڪين آيو.
جيئن ته منهنجي جنم ڏڻ جي تاريخ 26.11 تي هئي سو ان پرمسرت موقعي تي پيارن دوستن ASI غلام حسين شاهاڻي، PC ارشاد حسين ناريجو،PC انور احمد ابڙو،PC علي گوهر سمون،PC شبير احمد ڪلهوڙو،DHC محمد علي سولنگي،PC الطاف حسين سيال جن سان گڏجي ڪيڪ ڪاٽي جنم ڏينهن ملهايو ويو، سچ ته دل باغ بهار ٿي وئي، دعا آهي ته محبتن جا ميلا سدائين متل رهن.
بيگاري )هي ڪئنال ڳڙهي تيغو وٽان سنڌو درياهه منجهان جتان ٻيا واهه به نڪرن ٿا نڪري ٿو جيڪو هتان جي زرعي زمينن کي ربيع ۽ خريف منجھ پاڻي پهچائي ٿو( تي ڪشمور ۽ شڪارپور ضلعن جون حدون ملن ٿيون، سنڌ جي ٻين ضلعن وانگر ڪشمور به ڏوهن خاص ڪري قبيلن ۽ برادرين جي وچ ۾ ماضيءَ کان هلندڙ بي بنياد نسل در نسل جهيڙن جو ڳڙهه آهي، جتي ٻارهوئي هٿيار جاڳندا ۽ وڙهندا رهن ٿا، هتي قلم ۽ قانون جي اڃان تائين حاڪميت قائم نه ٿي سگهي آهي، خبر ناهي ته سرداريت ۽ وڏيرائپ جي پٽڪن جي حڪومت ۽ حاڪميت جو انت ڪڏهن ٿيندو يا وري ايئن ئي جنم وٺندڙ ٻار به ڏوهن جي دنيا ۾ اک کولي تر ۽ پر ۾ باهيون ٻاري سماج کي ساڙي خاڪ ڪرڻ واري لاقانونيت تي هلندي هلندي وري به ڪنهن سرڪاري گوليءَ جو کاڄ بڻجي پڄاڻيءَ تي پهچندو، هتي سنڌين جي ڪاروبار کان علاوه غير سنڌين جو ڪاروبار به عروج تي آهي، جيڪڏهن ڪنهن وقت ڪنهن سان ڌرتي جي مختلف مسئلن ۽ انهن جي حل بابت ڳالھ ٻولھ ٿيندي آهي ته جواب ۾ بس ڇا ڪجي يا نيٺ ڇا ڪجي سان موٽ ملندي آهي ۽ اها به هڪ کري حقيقت آهي ته اسان سنڌين کي هيل تائين نيٺ ڇا ڪجي جو جواب نه ملي سگهيو آهي ۽ ان جو جواب ملندو به الائي نه.
هتي جنهن رستي سان گذر ٿئي ٿو ته اتي رڳو پوليس ۽ رينجرز جا اٽالا نظر اچن ٿا، رات ڏينهن انهن ادارن جون گاڏيون سائرن وڄائيندي ۽ رنگ به رنگيون ڦرڻيون گهرڻيون بتيون ٻاريندي ۽ هڪ طرح سان هٿيارن جي نمائش ڪندي نظر اچن ٿيون، جڏهن ته ڪچي جي علائقي ۾ ڏوهارين جو راڄ آهي ۽ انهيءَ راڄ کي شايد سرڪاري ادارا ختم ڪرڻ نٿا چاهين جو باضابطا آپريشن ڪرڻ کان ڪيٻائي رهيا آهن يا اهي ادارا امن آڻڻ نٿا چاهن ۽ ان ڪري بس رسمي طور روڊن تي هلندي عوام جي رت پگهر منجهان ملندڙ تيل کي دونهين جي صورت ۾ ساڙي رهيا آهن.
ڪرم پور ۾ نوڪري ڪندي، ڏينهن جو شهر ۾ ادبي دوستن سان ڪچهري ڪندي ۽ رات جو ڪنهن ناخوشگوار واقعي سان مهاڏو اٽڪائڻ لاءِ جاڳندي، سرڪار طرفان مليل راشن پاڻ پچائيندي ۽ کائيندي ڪراچيءَ واپسي ڪئيسين ڇو ته اسان جي بدلي اربع 20.12.2023 تي اچي وئي هئي سو شام جو پوري پنجين بجي روانگي ڪئيسين، اسان کي 12 ڏينهن موڪل تي وڃڻو هو، سو جڏهن چڪرا ڳوٺ گهر پهتس ته نمره خوشيءَ وچان وڏو ڀاڪر پاتو جنهن کي ڳلڙن تي سدائين وانگر چميون ڏنم ڇو ته 50 ڏينهن جي وڇوٽيءَ بعد اڪيلڙي سڪيلڌي ڌيءَ سان مليو هئس.
***