اسان جي آس پاس ڪيترائي ماڻهو آھن، جيڪي فطرت جي حسناڪي، درد ۽ سماجي المين کي محسوس ته ڪندا آھن، پر لکي نه سگهندا آھن. ڪجھ پل لاءِ مڃجي ته تڏهن به اُهي صرف سماجي درد ۽ فطرت جي حسناڪي تي ئي لکي سگهن ٿا، پر هُو پنهنجي دل جي دردَ، پاڻ سان ٿيل المناڪ حادثن جو ذڪر نه ڪري سگهندا آهن. يقينن فطرت جو درد پنهنجو درد آھي، ۽ سماجي درد به هڪ احساس رکندڙ ماڻهو لاءِ پنهنجو درد ئي آھي، پر جيڪڏهن هو پنهنجي درد کي اظهاري نه سگهندو، ته هو پنهنجي اندر ئي اندر پنهنجي درد کي بيان نه ڪرڻ جي کوٽ سدائين محسوس ڪندو. اسين جيڪڏهن ڏسون ته آخر اُهي ڪهڙا ماڻهو آھن، جيڪي فطرت، سماج توڙي پنهنجي درد کي اظهارڻ جي سگھ رکن ٿا. يقينن اِهو سوال اسان جي ذهنن کي هڪ ڏات ڌڻي طرف ئي کڻي ويندو. جيئن هڪ ڏات ڌڻي زماني جي ڏاڍاين، رواجي دشمنين، ڌرتيءَ جي حب الوطني ۽ پنهنجي اهنجن کي بيان ڪندو آھي، اُهو ٻئي ڪنهن جي لکڻ جي وس ۾ ناهي هوندو. ڏات ڌڻي به مختلف قسمن جا هوندا آهن. لکندڙ، ڇاپيندڙ، ٺاهيندڙ، يعني ڌڻيءَ طرفان جنهن کي جيڪا ڏات مليل هوندي آھي اُها اُن لاءِ بي مثال هوندي آھي، پر آئون اڄ جنهن ڏات ڌڻي تي لکي رهيو آھيان اُهو ڏات ڌڻي، لکندڙ آھي يعني هڪ شاعر آھي. شاعري به ڏات آھي ۽ شاعر ان ڏات جي سونهن کي نروار ڪندڙ ڏات ڌڻي. جيئن ھڪ ڪنڀر مٽي کي ڳوھي مختلف شڪل ڏيندو آھي، جيئن ھڪ واڍو ڪاٺ کي مختلف شڪل ڏيندو آھي، تيئن شاعر به خيالن جي سونهن کي شاعري ۾ مختلف شڪلن، عڪسن ۽ احساسن سان پيش ڪندو آھي. جديد سنڌي شاعريءَ ۾ وس آهر سڀ ڪو پنهنجي محنت، خيالن، اڌمن ۽ دردن کي بيان ڪرڻ جي جستجو ۾ رڌل آھي. پنهنجي خيالن کي پنهنجي پنهنجي انداز، پنهنجي لهجي ۽ پنهنجي ڪيفيت کي شاعري ۾ چٽڻ جو فن سڀ ڪو سٺي نموني نڀائي پيو. اسين انهن جديد شاعرن جي شاعري ڏسندي پڙهندي محسوس ڪندي جيئن جيئن اڳتي وڌنداسين اسان کي جديد شاعرن جي لڙهيءَ ۾ نويد ڪيريو جي شاعري پڻ تجسس ۽ حسناڪي، سادي ۽ معنيٰ خيزي سان ملندي. نويد ڪيريو پنهنجي شاعريءَ ۾ سادي انداز سان وڏو پيغام ڏيندڙ شاعر آھي اسان جيئن جيئن نويد کي گهرائي سان پڙهنداسين تيئن تيئن اُها اسان کي متاثر ڪندي. ڪنهن به شئي کي جڏهن گهرائي سان ڏسبو آھي ته اُها متاثر ڪرڻ لڳندي آھي. هاڻي جڏهن اسان پياري نويد جي شاعري کي پڙهڻ لڳنداسين ته اسان کي معنيٰ خيزي جي اهڙي حسناڪي ملڻ لڳندي..